جيئن اوهان ڪنهن پٺاڻ جو نالو نزاڪت،
ٻروچ جو نالو نفاست ۽ شيخ جو نالو سخاوت ٻڌندؤ ته ضرور حيران ٿيندئو، تيئن ڪنهن ميمڻ
جو نالو عنايت ٻڌي، اوهان کي حيرانگيءَ سان گڏ پريشاني ضرور ٿي هوندي ته، ميمڻ ۽ عنايتَ،
کوڙو لڳي ئي نه ٿو. اصولي طور تي ميمڻ جو نالو بچل، رکيل، ڪفايت يا ڪنايت ته سٺو لڳي
ٿو؛ پر ميمڻ سان گڏ عنايت بالڪل ڪو نه ٿو ٺهي. پر وڏڙن هن معصوم نونهال جو نالو عنايت
رکي، ساڻس جٺ ڪري ڇڏي. هاڻي جڏهن به هي پنهنجي ميمڻڪي رڳ ڏيکاريندو آهي، ته هر ڪو کيس
طعنو هڻي چوندو آهي ته؛ پنهنجي ذات نه ڏس، نالي کي ڏس.17 December, 2015
عنايت ميمڻ
جيئن اوهان ڪنهن پٺاڻ جو نالو نزاڪت،
ٻروچ جو نالو نفاست ۽ شيخ جو نالو سخاوت ٻڌندؤ ته ضرور حيران ٿيندئو، تيئن ڪنهن ميمڻ
جو نالو عنايت ٻڌي، اوهان کي حيرانگيءَ سان گڏ پريشاني ضرور ٿي هوندي ته، ميمڻ ۽ عنايتَ،
کوڙو لڳي ئي نه ٿو. اصولي طور تي ميمڻ جو نالو بچل، رکيل، ڪفايت يا ڪنايت ته سٺو لڳي
ٿو؛ پر ميمڻ سان گڏ عنايت بالڪل ڪو نه ٿو ٺهي. پر وڏڙن هن معصوم نونهال جو نالو عنايت
رکي، ساڻس جٺ ڪري ڇڏي. هاڻي جڏهن به هي پنهنجي ميمڻڪي رڳ ڏيکاريندو آهي، ته هر ڪو کيس
طعنو هڻي چوندو آهي ته؛ پنهنجي ذات نه ڏس، نالي کي ڏس.03 December, 2015
مرتضيٰ اعظم عباسي - ناصر قاضي
29 November, 2015
ڪموڊور اقبال ميمڻ - آفتاب ميمڻ
04 November, 2015
عبدالقادر جوڻيجو
عبدالقادر
جوڻيجو )پهرين نومبر ۱۹۴۵ع – ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ع)، ٿر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جنھاڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم
بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي سوشيالاجي آهي. عبدالقادر جوڻيجو جي سڄاڻ هڪ ڪالم نگار کان
وڌيڪ هڪ ڊرامه نگار جي آهي. جنهن جا ڊرامه ريڊيو سان گڏ ٽي وي تي به ايترو ته مشهور
ٿيا آهن جو ماڻهو انهن ڪردارن کي وساري به ناهن سگهيا.عبدالقادر جوڻيجو ريڊيو تي ۲۲ کان وڌيڪ سنڌي ڊرامه
۽ ۲ اردو
ڊرامه لکيا آهن. هن ٽي وي تي اهڙا ته ڊرامه لکيا جن تي کيس ڪيترائي اوارڊ ملڻ سان گڏ
اهي ڊرامه ۽ ڪردار يادگار بڻجي ويا. پاڻ ٽي وي تي ۱۶ سنڌي ڊرامه ۽ ۷ سنڌي ڊرامه سيريل لکيون
آهن، هن اردو ۾ ۶ ڊرامه
۽ ۱۵ ڊرامه سيريل لکيون آهن. سندس يادگار ڊرامن ۾ ديوارين (سنڌيء
۾ راڻيء جي ڪهاڻي)، ڪاروان، ڇوٽي سي دنيا، سيڙهيان، دک سک، ٿوڙي خوشي ٿوڙا غم ۽ پرانده
گهڻو مقبول ٿيا.عيسن خان ابڙو - انور ڏنگڙائي
02 November, 2015
قربان جيلاني - سيد يار محمد شاهه
پروفيسر ممتاز علي پٺاڻ - محمد مٺل جسڪاڻي
01 November, 2015
ماسٽر چندر
29 October, 2015
مامون گل فقير مڱڻهار - انور ڏنگڙائي
08 October, 2015
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي - ۲
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
جيئي سنڌ جي نعري ۽ هاري
تحريڪ جو خالق
محمد سليمان وساڻ
هي آزاد ۽ روشن
خيال، اڏول ۽ ارڏو انسان هوش عقل ۽ جوش سان ڌرتيءَ وارثن لاءِ قومي جنگ جوٽيندڙ،
سنڌين لاءِ سوڀون ماڻيندڙ قومي قافلي جو قائد، جيئي سنڌ نعري جو خالق، عملي انسان،
قومي شاعر، انقلابي اديب، ليکڪ، قانوندان ۽ سياستدان، وڏيرڪي ڦرلٽ ۽ بيگاري نظام
جو دشمن، قومي تحريڪن ويلن ۽ مهلن جو مڙس، غلامي کان نجات ۽ آزادي جو پيغام ڏيندڙ،
انسانيت دوست، فلاسافر، ڏاهو، پيرن ۽ پٺي اگهاڙن، ڪوڏر، ٽوپي، پٽڪي، اجرڪ، بوڇڻ، ڏاٽي،
ڪهاڙي، هر ڪاهيندڙ يڪتارو ۽ چنگ وڄائيندڙ هاري لاءِ جيون حوالي ڪندڙ حيدر بخش هڪ
نيڪ مرد رئيس الهداد خان جتوئي جي گهر ۾ شاهوڪار تهذيب ۽ ثقافت واري ماٿري موهن جي
دڙي لڳ خوش نصيب ڳوٺ بکو ديري اڳوڻي تعلقي لب دريا هاڻوڪو ڏوڪري ضلعو لاڙڪاڻي ۾
تاريخ ۷ آڪٽوبر ۱۹۰۱ تي جنم ورتو. پاڻ اڃا ٻن سالن جي عمر جو هو سندس امڙ وفات ڪري وئي پوءِ
والد، ڏاڏي ۽ پڦيءَ کيس پاليو.









