فرهاد جيلاني
سيد احمد علي
جيلاني
فرهاد جيلاني جنهن
جو اصل نالو سيد محمد علي شاهه آهي. فرهاد، سنڌ جي الستي شاعر ۽ بزرگ سيد پير تقي
شاهه جي سجاده نشين سيد محرم علي شاهه جيلاني جو وڏو فرزند آهي.
سندس پيدائش ۳ اپريل، ۱۹۹۹ع جي ڏينهن صبح سوير ڏوڪري شهر ۾ ٿي.
فرهاد، ابتدائي
تعليم صلاح پبلڪ هاءِ اسڪول باڊھ مان حاصل ڪئيي، مئٽرڪ ماڊل اسڪول ڪيڊٽ ڪاليج مان ڪرڻ
کانپوءِ انٽرميڊيئٽ ۲۰۱۶ع ۾ سيبسٽ ڪاليج مان ڪئي.
هن وقت قائد عوام
نوابشاهه ۾ سول انجنيئرنگ جي آخري سال ۾ آهي. يونيورسٽيءَ ۾ به علمي، ادبي ۽ سماجي
تنظيمن جون اڳواڻي ڪري رهيو آهي. هن وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ قائد عوام نوابشاهه جو
سيڪريٽري آهي. بحث مباحثي جي تنظيم قوئيسٽ ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جو صدر به آهي جتي هن ٻن
سالن ۾ ٻه ميگا ايوينٽ ڪرائي چڪو آهي. ان کان علاوه غريبن ۽ مستحقن لاءِ جاکوڙيندڙ
تنظيم راههِ حق چيريٽيءَ جو سپروائيزر به آهي، هن پليٽفارم تان فرهاد جيلانيءَ
نوابشاهه جي آس پاس رهندڙ ماڻهن جي يونيورسٽيءَ جي ٻين دوستن سان گڏجي مدد پڻ ڪندو
رهي ٿو.