; سنڌي شخصيتون

06 July, 2019

آغا نور محمد پٺاڻ - استاد لغاري


آغا نور محمد پٺاڻ
علم و ادب جو عاشق
استاد لغاري
آغا نور محمد ولد آغا دوست محمد پٺاڻ، ۱۵ اپريل ۱۹۵۵ع تي، شڪارپور شهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪيائين. اعليٰ تعليم جي سلسلي ۾، اسلامي ڪلچر ۽ اقتصاديات ۾ ڊبل ايم اي ڪيل اٿس. پاڻ علم و ادب ۾ ڪهاڻيڪار، نقاد ۽ ترجمه نگار جي حيثيت ۾ وڏو مقام رکن ٿا. هن وقت تائين جيڪي ڪتاب لکيا اٿس، انهن ۾، “پنجاھ چونڊ افسانا”، “سنڌ جا سماجي ۽ اقتصادي مسئلا”، “پاڪستان جا صوفي شاعر”، “سنڌي ڇپيل ڪتابن جو پنج سالا جائزو”، “ڇپيل ادبي رسالن تي تبصرو”، “سنڌي لوڪ ادب”، “ٺٽي ضلعي جا چونڊ شاعر” وغيره شامل آهن.

02 July, 2019

علي نواز ميمڻ - لياقت راڄپر


علي نواز ميمڻ
آمريڪا ڪيئن پهتو؟ - تاريخ جو سفر
لياقت راڄپر
Image result for Ali Nawaz Memon
علي نواز ميمڻ سنڌ جي مشهور شخصيت عبدالفتاح ميمڻ جو فرزند آهي، جنهن ننڍپڻ کان جدوجهد ڪئي ۽ بين الاقوامي سطح تي نالو ڪمايو. هن هائير ايجوڪيشن آمريڪا مان حاصل ڪئي ۽ مختلف عهدن تي ڪم ڪندو رهيو ۽ ورلڊ بينڪ، ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ، يو اين او ۾ ڪم ڪيو ۽ پاڪستان ۾ نيپرا جي چيئرمين طور به ڪم ڪيو. هن وقت هو پنهنجي فيملي سوڌو آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي ۽ اتي سانا جهڙي تنظيم ۾ سرگرم رهي ڪري، ڪم ڪيو اٿس ۽ انهي کان علاوه ٻين سماجي تنظيمن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪي سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جي ميدان ۾ غريب شاگردن ۽ ماڻهن جي مدد ڪن پيون.

سيد الهندو شاهه


سيد الهندو شاهه
سج اُلٿي سيئن
شعبان وسطڙو
سنڌ صدين کان وٺي سکي ستابي رهي آهي پر جڏهن به ڪو ڪوسو واءُ سنڌ تي گهليو به آهي تڏهن به ڪو نه ڪو سرواڻ ۽ مانجهي مڙس سامهون نروار ٿي انهي مشڪل کي آسان نڀايو ۽ سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪرايو آهي، اهڙو هڪ مڙس مٿير جڏهن تعليمي حوالي سان سنڌ اونداهي ڄار ۾ ڌڪليجي وڃي رهي هئي، تڏهن هڪ اهڙو غازي جنهن سموري سنڌ مان جهالت ختم ڪرڻ جو وچن ڪيو ۽ ساهتي پرڳڻي کان شروعات ڪئي ۽ اهڙو ته ڪارنامو سرانجام ڪري ڏيکاريو جنهن ساهتي پرڳڻي کي تعليمي روشني سان منور ڪري جاکوڙي ڪردار ادا ڪيو، اهو ڪردار نڀائيندڙ هو خان بهادر الهندو شاهه هو، جيڪو اهڙو ته تاريخي ڪم ڪري ويو، جنهن هزارين خاندانن جون زندگيون جياري پاڻ امر ڪردار بنجي تاريخ ۾ پنهنجو نانءُ جياري ويو.

منظور سخيراڻي - وزير فرهاد سولنگي


منظور سخيراڻي
سنڌ جو اربيلو راڳي - ۶۰ هين سالگرهه
وزير فرهاد سولنگي
Image result for ‫استاد منظور سخيراڻي‬‎
سنڌي موسيقيءَ ۾ اهم جڳهه والاريندڙ منظور سخيراڻي، جنهن هڪ الڳ جڳهه جوڙي، سندس مڌر آواز ۽ گائيڪيءَ جو انداز نرالو آهي. سندس ڳايل گيت  معيار جي لحاظ کان متوازن شاعريءَ سان ڀرپور هوندا آهن. پاڻ نفيس احساسن جي ترجماني ڪندڙ شاعريءَ جي سليڪشن ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح سندس ڳايل شاعري اڪثر ڪري استاد بخاري، عبدالغفار تبسم، علي گل سانگي جي هوندي آهي. ان کانسواءِ سنڌ جي ڪيترن ٻين شاعرن جي شاعري به ڳائي اٿس. ان کان علاوه هن ڀٽائي سرڪار، سچل سائين ۽ ٻين صوفي شاعرن کي به ڳايو. پر ساڻس عوامي پهچ مطابق اڪثر ڪري نيم ڪلاسيڪل گائيڪي جي انداز کي ججهي انداز ۾ ڳايو اٿس. جنهن ڪري سندس آواز سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ تائين پسند ڪيو وڃي ٿو.

01 July, 2019

زيب ڪنگو - جميل چانڊيو


زيب ڪنگو
نامياري شاعر سان ڳالهه ٻولهه
انٽرويو: جميل چانڊيو
Image result for ‫زيب ڪنگو‬‎اڄ اسان هڪ اهڙي تخليقڪار سان رهاڻ ڪنداسين جيڪو انسان دوست ۽ ڌرتي سان انتهائي محبت ڪندڙ آهي، هونئن ته سندس پيشيوراڻو تعلق جيل پوليس سان آهي پر اسان جڏهن ساڻس انٽرويو لاءِ پهتاسين ته هو اسان کي انتهائي محبتي ماڻهو سان گڏوگڏ انسانيت سان انتها درجي جي محبت رکندڙ محسوس ٿيو، سندس پيشو جيل کاتي ۾ سپريٽنڊنٽ آهن، سندس ڌرتي سان محبت جو اظهار هن شاعري جي ذريعي ڪندي پنهنجي کاتي ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. جيل کاتي ۾ اورنگزيب ڪنگو جنهن کي ادبي طور تي زيب ڪنگو جي نالي سان سنڌ توڙي پرڏيهي ۾ سڃاتو وڃي ٿو، زيب ڪجهه سال اڳ ڪراچي سينٽرل جيل ۾ پوسٽنگ دوران جيل ۾ ليکڪن جي ڳولا ڪري هڪ ٽيم تيار ڪئي جنهن ٽيم ذريعي هن جيل اندر ميگزين جاري ڪيو. جيڪو”دي پرزن رويو سنڌ“ جي نالي سان شايع ٿيو، جنهنجو سلسلو اڄ به جيل جي ليکڪ قيدين ذريعي سندس نگراني ۾ هلندڙ آهي، ان سلسلي ۾ زيب ڪنگو جو تعرف هن ريت آهي.

ھريش واسواڻي


ھريش واسواڻي
سنڌي نئين ڪوتا جو جنم داتا
رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ جو غير معمولي ليکڪ، سنڌي ٻوليءَ ۾ نئين ڪوتا جو جنم داتا، سنڌي ٻوليءَ کي ”پرش وئشيا،“ جهڙي اڇوتي ڪوتا ڏيندڙ، هريش واسواڻيءَ، ڪيئي ورهيِھ ٿيا لکڻ ڇڏي، ادب کان پاسو وٺي ويهي رهيو. هن جي ان فرار جا ضرور ڪي سبب هوندا. هن جڏهن محسوس ڪيو ته ادب جهڙي مقدس ڪم ۾ سياست جي رنڊي گهڙي پئي آهي ته هن قلم کي الماڙيءَ ۾ رکي ڇڏيو ۽ سياست کي ادب سمجهندڙن لاءِ ميدان خالي ڪري سنتوش ماڻيو، يا پاڻ ان ڪيفيت ۾ محسوس ڪيو. ظاهر ڳالھه آهي ته في الحال ان الڳ پڻي کي سنتوش ئي چئبو. هن سچ پچ ڪيترو سنتوش ماڻيو، اهو ته اهو ئي ٻڌائي سگهي ٿو. پر هڪ ڳالھه بنهه سمجهڻ ڏکي ڪانهي ته چاليھه سال ادب کي ارپيندڙ شخص/اديب، ائين ادب کان پري ٿي وڃي ۽ اڪيلو گذارڻ لڳي ته ان عمل جي پويان ڪو درد، ڪا پيڙا، ڪا تڪليف هن ضرور ڀوڳي هوندي!

عابده پروين


عابده پروين
سنڌ، ملڪ ۽ عالمي سطح تائين پکڙيل گائيڪي جو سفر
۶۲هين جنم ڏينهن جي نسبت سان
وزير فرهاد سولنگي
Related image
عابده پروين لاڙڪاڻي جي علي گوهر آباد پاڙي ۾ رهندڙ هڪ راڳي گهراڻي ۾ ويهين اپريل ۱۹۵۶ ۾ ڄائي. (ڪٿي ۱۹۵۷ع به لکيل آهي) سندس پيءُ ماسٽر غلام حيدر لاڙڪاڻي ۾ موسيقيءَ جي تربيت جو هڪ اسڪول هلائيندو هو، هو پنهنجي دور جو سريلو راڳي هو. عابده جي امڙ ممتاز بيگم به ڳائيندي هئي. ان ماحول ۾ عابده اکيون کوليون. کيس ابتدائي موسيقي جي تعليم پنهنجي گهران ئي ملي. اسڪول ۾ پڙهڻ دوران باقاعده ڳائڻ شروع ڪيائين.

امر ساهڙ - وقار راهمون


امر ساهڙ
سنڌ جي نماڻي شاعر سان ڳالهه ٻولهه
انٽرويو: وقار راهمون
امر ساهڙ سنڌ جو نالي وارو شاعر آهي، ٿر جي ڀٽن ۾ جنم وٺندڙ هن شخص شاندار شاعري ذريعي سموري سنڌ ۾ محبت ڀرئي موٽ حاصل ڪئي. همعصر دور ۾ هو ٿر مان سنڌي ادب جو نمائندو ڪوي آهي. مون ساڻس ڪجهه سوال ڪيا آهن، جيڪي اوهان پڙهندڙن آڏو پيش آهن.

محمد حسين قادري - ياسرقاضي


محمد حسين قادري
گرڌاري، ويساهه گهاتِي ڪري وئين
ياسرقاضي
”قاضِي صاحبَ! مان اسٽُوڊيو نمبر ٽُو ۾ توهان جو انتظار ٿو ڪيان... اوهان واندا ٿي مُون کي اُتئُون سَڏي وٺجو ته پوءِ چانهه گڏُ ٿا پيئيُون...“ مُنهنجي ڪنن ۾ اڄُ به سندس اهي جُملا، اُن جي ادا ڪيل اُن ئي مخصُوص پنهنجائپَ واري انداز ۾ گُونجن ٿا، جيئن هُو چوندو هو... ۽ ريڊئي حيدرآباد جي ڪاريڊور جي مخصُوص ”رِوَرب“ Reverb ۾ سندس آواز جيئن گُونجندو هو، اُهو رسُ سڄي عُمر مُنهنجيُن سماعتُن ۾ رهندو... زمانو هو ۱۹۹۶ع جو... اڄ کان ۲۲ سال کن اڳُ... جڏهن مان نئون نئون ريڊئي حيدرآباد تي وڃڻ لڳُس. ريڊئي جي جادُو نگريءَ ۾ آئي مُون کي تڏهن سالُ ئي مسَ ٿيو هو ۽ مُون کي محترمه بينظير ڀُٽو پاران لاڙڪاڻي ۾ قائم ڪيل نئين ريڊيو اسٽيشن تي ۱۶ سالن جي عُمر ۾ ڳڀرُو ڪمپئر طور ”ايپرُوو“ ڪرڻ کان ڪجهه مهينا پوءِ ئي، خواجه امداد علي (جيڪو ريڊئي لاڙڪاڻي جو پهريون اسٽيشن ڊائريڪٽر هو ۽ جنهن مُون کي لاڙڪاڻي ۾ ”ايپرُوو، ڪيو هو)، ”ڪنٽرولر“ طور ترقي ماڻي حيدرآباد ريڊئي جو سربراهه بَڻيو هو ۽ ۱۹۹۶ع ۾ جڏهن مان يُونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيس ته حيدرآباد (خاص طور ريڊئي حيدرآباد) تي اچڻ جو ڄڻ ته ڀرپُور بهانو ملي ويو. ريڊيو ڪراچي ۽ حيدرآباد اُهي اسٽيشنُون هيُون، جِن جي اندر داخل ٿيڻ به اُن دؤرَ جي مُون جهڙن ”نشرياتي رنگرُوٽن“ لاءِ ڪنهن اعليٰ اعزاز کان گهٽ ڪونه هو. اهڙيءَ صُورتحال ۾ جڏهن حيدرآباد، خواجه صاحب سان ملڻ وڃ! بنا ”سرڪاري اين او سِيءَ“ جِي فارملٽِيءَ جَي، پروگرام ڪرڻ جِي آڇ ٿئي... ته اهڙو موقعو ڪير ٿو وڃائي سگهي! اُن دؤر ۾ هُو ريڊئي حيدرآباد تان نشر ٿيندڙ زرعي پروگرام جو انچارج هو ۽ سندس ڪمرو اسٽيشن ڊائريڪٽر جي ڪمري جي سامهُون هو. اُن وقت ريڊئي حيدرآباد تي مُون کي سُڃاڻڻ وارا ڪُل چار ڄڻا هُئا... خواجه صاحب... نصير صاحب (نصير مرزا)... الاهي بخش ٻانڀڻ صاحب... ۽ هي...

انور جاني - شڪيل احمد ڪٻر


انور جاني
ڀٽائيءَ جو فقير جاني جاپان وارو
شڪيل احمد ڪٻر
دنيا ۾ هن سان منهنجو پڦاٽ ۽ ماروٽ وارو رشتو هيو. ليڪن روحاني اک سان، مون انهي انور جاني کي ڀٽائي جو فقير ڏٺو. ڪيترن ئي راتين جي آخري پهر ۾ حيدرآباد کان ڀٽائي پهچي، مرشد جي اڱڻ تي اڀين پيرين نيڻن مان لڙڪ ائين وهائيندو هيو، جيئن عاشق محبوب جي جدائيءَ ۾ وهائيندو آهي. ڀٽائي جي فقير جاني جاپان واري جي زندگيءَ تي روشني وجهڻ لاءِ سوچي رهيو آهيان ته ڪٿان شروعات ڪجي.

عرض محمد ابڙو - نبيل ابڙو


عرض محمد ابڙو
ڪي ماڻهو واقعي تاريخ ٿين ٿا!
نبيل ابڙو
شيخ اياز چواڻي ته ”مان اهو فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان ته تاريخ ماڻهن کي ٿي ٺاهي يا ماڻهو تاريخ کي“ بلڪل ساڳي ريت ان ڳالهه ۾ فرق ڪرڻ بنهه ڏکيو آهي ڇاڪاڻ ته هن دنيا ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جن تاريخ ۾ پنهنجا باب لکي ڇڏيا جڏهن ته ڪن کي وري تاريخ امر ڪري ڇڏيو.

سردار علي محمد مهر - بخت علي بوزدار


سردار علي محمد مهر
اسان کان وڇڙي ويو...!
بخت علي بوزدار
سنڌ ڌرتي وقت به وقت ڪيترا ئي عظيم انسان پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجن ڪارنامن ۽ جدوجهد سان سنڌ ڌرتي جو نالو هميشه روشن رکيو، جن مان سردار علي محمد مهر به هڪ هو. سردار علي محمد مهر جو جنم گهوٽڪي ضلعي جي تعلقي خانڳڙهه ۾ سنڌ توڙي پاڪستان جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ  ۽ سياسي گهراڻي حاجي علي انور خان مهر جي گهر ۾ ۱۹۶۷ع ۾ ٿيو.

30 June, 2019

عاصمه جهانگير

عاصمه جهانگير
جدوجهد، اتساهه ۽ ويساهه جو وڇوڙو
امير ڀنڀرو



هڪ
۶۶ سالن جو جياپو ايڏو وڏو اتساهه، ويساهه ۽ جدوجهد جا مثال قائم ڪندو، اهو شايد ميڊم عاصمه جهانگير جي گهر وارن ئي نه سوچيو هوندو ته هو هڪ زندگيءَ ۾ ايتري جدوجهد جو مثال قائم ڪري سگهي ٿي جو اها جدوجهد هزارين جنمن ۾ ممڪن نه آهي، ملڪ جي لاءِ ڪهڙي به جدوجهد هجي، انسانيت جي حقن لاءِ ڪهڙو به ميدان هجي، قانون جي بحاليءَ لاءِ ڪهڙي به قرباني هجي جمهوريت جي جياپي لاءِ ڪهڙو به وقت هجي، هن پنهجي عمر صحت ۽ ذاتي زندگيءَ کي نه ڏٺو، بس جڏهن به آواز ٿيو، هن انهن آوازن کي اهڙو ته ورنايو جو هن جو آواز نه صرف پنهجي پويان ڪاميابيون کڻي آيو پر انهيءَ سان گڏوگڏ اهڙا مثال به قائم ڪري ويو جو اهي صدين تائين مثال رهندا ته جدوجهد ان کي چئبو آهي، آواز ان کي چئبو آهي، هن پنهجي ۶۶ سالن جي مختصر سفر ۾صدين تائين قائم ٿيندڙ جدوجهد جا اهي حوصلا ڇڏيا آهن، جيڪي نه صرف انسانيت پر اسان جي بهتر معاشري جي تربيت سفر بڻجي سگهن ٿا.