; سنڌي شخصيتون

26 August, 2017

ڊاڪٽر خير محمد جوڻو

ڊاڪٽر خير محمد جوڻو
سنڌي سماج ۾ نيڪيءَ جو ٻج ڇٽيندڙ
ادل سولنگي
ڊاڪٽر خير محمد جوڻو تسلسل هيو ڄام جوڻي جي خاندان جو، جنهن ساهتي پرڳڻي جي زميندار گهراڻي ۾ جنم ورتو. قاضي احمد نوابشاهه روڊ  تي قائم ڳوٺ مير محمد جوڻي جي نج ٻهراڙيءَ واري فطري ماحول ۾ پلجندڙ، فطرت سان پيار ڪندڙ  خير محمد جوڻو، ”خير“ ۽ ”شر“ جي ويڙهاند ۾ سدائين ”خير“ جو طرفدار رهيو.

19 August, 2017

فقير غلام حسين - ناصر مقصود گل

فقير غلام حسين
سچل سائينءَ جو ازلي عاشق
ناصر مقصود گل
اڄ به ياد اٿم نئين صديءَ جي پهرين ٿڌڙين راتين مان اها هڪ سرد رات، جڏهن جنوري مهيني ۾ اسين ضلعي خيرپور ۾ ’پير جي ڳوٺَ‘ لڳ گھمرن جي ڳوٺَ ۾، گھمرن جي ڪانڍ تي ڪهي ويا هئاسين. اها ستن اٺن گھوٽن جي مشترڪه شاديءَ کانپوءِ راڳ جي محفل واري رات هئي ۽ محفل شروع ٿيڻ کان ڪافي وقت اڳي، اسين هڪ اوطاق ۾ ترسيل هئاسين. ان وقت لوڊ شيڊنگ جي ڪرامت سان اوطاق جو اهو ڪمرو گھڻو ڪري اوندهه جي ورِ چڙهيل هو. خير! سموري اوطاقَ ان وقت مهمانن توڙي ميزبانن سان سٿيل هئي ۽ اڄ سورهن سالن پڄاڻان ان ڪڙڪ چانهه جي لذت ۽ ذائقو ناهن وسريا، جيڪا ان وقت مڙني حاضرين جي زير لب هئي. اهڙي سيئاٽيل ماحولَ ۾ ڪچهري ته لازمي عمل هو ۽ ان يادگار ڪچهريءَ جا اهم فريقَ ناميارو صوفي راڳي سيد موٽڻ شاهه ۽ ناميارو شاعر مختار گھمرو هئا. سندن ڪچهريءَ جو موضوع تصوف هو ۽ اهو چڱيءَ طرح ياد پوي ٿو ته سيد موٽڻ شاهه گفتگوءَ دؤران بار بار پنهنجي کاٻي هٿ تي ويٺل هڪ بافضيلت، خاموش ۽ سنجيده طبع پيرسن ڏانهن اشارو ڪندي چئي رهيو هو ته: ”فقير کان فيض ورتم... !!“، ”فقير درياهه اَٿَوَ..!!“، ”فقير جو اَنت ئي ناهي..!!“ وغيره وغيره. اهو فقير ان وقت پنهنجن ٻنهي گوڏن کي پنهنجي چٽڙي ڏاڙهيءَ سان چنبڙائي، پنهنجين ڄنگھن کي ڀاڪر ۾ ڀري، مڪمل توجهه سان ڪچهريءَ کي سڻي رهيو هو.

الطاف حسين خواجه - محمد مٺل جسڪاڻي

الطاف حسين خواجه
لاڙ جي آبادگار ۽ شاعر جون ڳالهيون...
ڳالهه ٻولهه: محمد مٺل جسڪاڻي
لاڙ جي آبادگار ۽ شاعر الطاف حسين خواجه سان ڪا ميل ملاقات نه آهي، البت عالمي اوطاق (فيس بوڪ) تي ساڻس رابطو ٿيو، جيڪو اڃا هلي پيو. مون کي خبر پئي ته هي ميرپوربٺوري کان ۱۶ ڪلوميٽر تي ڳوٺ شاهنواز لغاري ديهه ڇاڱاڻي جو اهڙو آبادگار آهي، جيڪو پنهنجي زمين پاڻ سنڀالي ٿو ۽ ڪجهه زمين مقاطعي ۾ کڻي آباد ڪري پيو. منهنجي دل گهريو ته ساڻس زرعي ڪچهري ڪجي. ان ڪري کيس ٻڌائڻ کانسواءِ سوال جواب هلندا رهيا. اڳتي هلي ارادو ڪيم ته اهي ڳالهيون کيتي سر سيتي لاءِ سهيڙجن. اسان ٻنهي وچ ۾ ٿيل سوال جواب دلچسپي رکندڙن لاءِ حاضر آهن:

وفا مولابخش قنبراڻي- مٺل جسڪاڻي

وفا مولابخش قنبراڻي
انٽرويو: مٺل جسڪاڻي
ڳالهيون ڪي روبرو، ته ڪي پرپٺ ٿينديون آهن. اڄ ڪلهه ڳالهيون ڪرڻ جا ٻيا به ذريعا بنجي پيا آهن. ڪجهه ڳالهيون آواز وسيلي، ته ڪي وري لکي پڙهي ڪبيون آهن. لک پڙهه جو پراڻو طريقو هڪ ٻئي ڏانهن خط لکڻ وارو آهي. جديد طريقن ۾ اڄ ڪلهه هر ماڻهوءَ جي هٿ ۾ موبائيل ۽ لکيل پڙهيل وٽ انٽرنيٽ جو ذريعو آهي. موبائيل ۽ انٽرنيٽ دنيا جهان لاءِ انتهائي ڪم واري ايجاد آهي، پر پاڻ وٽ انهن ٻنهي بهترين ايجادن جو غلط استعمال عام آهي. البت ڪجهه ماڻهو، ان جو ڪنهن حد تائين سٺو، ڪارائتو استعمال به ڪندا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ، آئون پنهنجي گهر اڱڻ ۾ ويٺو هئس ۽ وفا مولابخش قنبراڻي به شايد ان ويل مون وانگر واندو ويٺو هو. هن مون ڏانهن شيخ اياز جو غزل موبائيل نياپي طور موڪليو، اتان پوءِ اسان جي پاڻ ۾ هڪ عجيب ۽ غريب، بي ترتيب ڪچهري شروع ٿي وئي.

18 August, 2017

حيات علي شاهه بخاري

حيات علي شاهه بخاري
بهترين ليکڪ ۽ مٺڙو ماڻهو - جنم ڏينهن جي نسبت سان ڀيٽا
مٺل جسڪاڻي
ڪهڙي نه ستم ظريفي آهي ته پاڻ وٽ جيڪو ماڻهو خوش طبيعت، زندهه دل ۽ با اخلاق شخصيت جو ڌڻي هوندو آهي، ان کي مسخرو، ڀوڳائي، چرچائي ۽ اهڙن هم معنى لفظن ۽ لقبن سان نوازيو ويندو آهي!
حيات علي شاهه بخاري، جيڪو اڄ ڪلهه عبرت اخبار جو سينيئر ڪارڪن طور اتي ترجمي نگار هجڻ سان گڏوگڏ هفتيوار کيتي سر سيتي ۽ سندر صفحي جو سرجيندڙ به آهي، ته هفتيوار فري پيريڊ ڪالم جو ليکڪ به آهي، ان جي شخصيت جو جيڪڏهن گهڻ پاسائون جائزو وٺبو ته سندس حوالي سان خوش طبيعت، زندهه دل ۽ با اخلاق شخص لکي ڄڻ ته سندس اڻ پوري سڃاڻپ ڪرائي ويندي.

ڊاڪٽر نور محمد ناهيون - مٺل جسڪاڻي

ڊاڪٽر نور محمد ناهيون
مٺل جسڪاڻي
پنهنجون به عجيب ۽ غريب ريتون، رسمون، رواج آهن! ”جيئرن سان جهيڙو، مُئن تي ميڙو“! يا وري جيئري ڪنهن جي لاءِ سچ چئبو، لکبو ته چمچاگيري چئي، لکڻ واري ۽ جنهن تي لکبو، انهن ٻنهي کي لوئبو! ڪنهن شخصيت تي لکڻ لاءِ به جنم ڏينهن يا ورسي جو موقعو مناسب سمجهيو ويندو! جيڪڏهن واهه واهه جي بدلي ۾ واهه واهه جو آسرو نه هوندو، ته به، نه زباني يا نه قلمي واهه واهه ڪبي!

نسيم بلوچ

نسيم بلوچ

ڪي ويجها پر ڏور- ڪي ڏور به اوڏا سپرين

مٺل جسڪاڻي



سنجيدگي به سٺي آهي پر ماڻهو هجي خوش طبيعت، کلڻو ملڻو. سنجيدگيءَ جي برعڪس، منهن چڙهه ماڻهو مان ڪنهن کي ڇا ٿو ملي! پاڻ به، ته ملندڙ به، ٻئي ڪيفيتن جي ڪُن ۾!...نسيم بلوچ سان منهن مقابل ملڻ جي آس ضرور آهي، پر اڃا روبرو ملاقات نه ٿي آهي، پوءِ به ”ڪي ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين“ مثل، هو ويجهو آهي. گهڻو ويجهو پوندو پيو وڃي.

آغا جان آغا

آغا جان آغا

معشوقن جي مانُ واري شهر جو معشوق شاعر

مٺل جسڪاڻي

 


اسان کي يار فرصت نه ملي!

سوچيندا به رهياسين،

روئندا به رهياسين!

هڪ طرف محل ٿا ڏسون،

ٻئي طرف جهوپڙي ٿا ڏسون!

هيڏانهن ٻار کي کير پياريندي،

فٽنيس اثرانداز ٿيئي ٿي،

هوڏانهن هُو ٻار کي ڇا پياري،

ڇاتي کير ڏيڻ ڇڏي ڏنو آهي!

هيڏانهن هزارن جو جوڙو،

شاهي دڪان تان،

شام تائين پسند نه آيو،

هوڏانهن جوڙي جي چَتين کي،

ٽاڪيندي، ٽاڪيندي،

بخين جي جڳهه نه رهي!

هيڏانهن لاشن کي به تحفا ملن،

هوڏانهن بي ڪفن لاشا ڍَڪيا وڃن!

اسان کي نه خبر آهي،

غمِ جانان جي،

نه خبر آهي،

اسان کي اسان جي!

دردن مان فرصت ملي ته،

نئين به ٻُڌائينداسين،

پُراڻي به ٻڌائينداسين...

هارون ميمڻ - مٺل جسڪاڻي

هارون ميمڻ
باصلاحيت ڪاميڊين ۽ فنڪار
مٺل جسڪاڻي
ڄائي ڄم کان ٽنڊوڄام، تعلقه ۽ ضلع حيدرآباد جو رهواسي، زنده دل فنڪار، طنز مزاح به انتهائي محذب نموني ڪري ڄاڻي، ته وري ڳائي به سگهي ٿو، ڪاميڊي جو بهترين مثال آهي هارون ميمڻ. هيل تا.ين هارون سوين ننڍن وڏن پروگرامن ۽ گڏجاڻين ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي، بيشمار سندس قدردان پيدا ڪيا آهن، جيڪي کيس مختلف اسٽيج پروگرامن، مڱڻي ۽ وهانءُ جي ڪاڄن ۾ ڪوٺيندي فخر محسوس ڪندا آهن...

ذوالفقار مجيداڻو - محمد مٺل جسڪاڻي

ذوالفقار مجيداڻو
اديب ۽ شاعر
محمد مٺل جسڪاڻي
مون سان هو پهريون دفعو منهنجي آفيس ۾ ڊاڪٽر اسلام الدين مجيداڻو جو ڀائٽيو ۽ ابرار احمد مجيداڻو جو ڀاءُ ڄاڻائي مليو هو. پهرين ملاقات ۾ ٻڌايو هئائين ته سندس سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ داخلا ٿي آهي. ۽ پوءِ ٿوري ٿوري وقفي سان ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿينديون رهيون. ڪڏهن ابرار پاران موڪليل ماهوار ”سنڌ زراعت“ رسالي جي ڪاپي ڏيندي، يا ڪڏهن رسالي لاءِ مون کان مضمون کڻي ويندي، يا وري ڪڏهن ڊاڪٽر مجيداڻو جو ڪو نئون ڇپجي آيل زرعي ڪتاب، ڪتابچو پهچائيندي، ملندو هو ته ڪڏهن ويهندو ۽ ڪچهريون به ڪندو هو، ته ڪڏهن وري ڪم لٿو ڪاڳر ڦاٽو، جلدي ايندو ۽ جلدي ئي هليو ويندو هو.

فقير بشير احمد لغاري - مٺل جسڪاڻي

فقير بشير احمد لغاري
پروفائيل انٽرويو: مٺل جسڪاڻي

اوهان ڪو ٻڌو، پڙهيو يا نه، پر مون ٻڌو منهنجي سنگت جي واتان، ته ضلعي ميرپورخاص جي شهر ڊگهڙي کان اوڀر طرف، ۶ ڪلوميٽر فاصلي تي ڳوٺ فقير غلام علي لغاري عرف دونهائو، ديهه ۱۷۶ ۾ فقير بشير احمد لغاري نالي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي شخصيت آهي. ڄاڻ جي کاڻ هجڻ سبب هن کان ڊگهڙي ۾ ڳچ عرصي تائين ليڪچر ڏياريا ويا. سندس ڳوٺ ۾ سالن کان قائم لائبرري، آس پاس توڙي پري وارن لاءِ به مفت سهوليت فراهم ڪري پئي ۽ هر آچر تي ڪو ڪٿان ته ڪو ڪٿان ساڻس ڪچهري لاءِ پيو ايندو آهي. جنهن سنگت مون سان اهڙيون خبرون ڪيون، ان ئي سنگت سان گڏجي، منهنجو به وٽس وڃڻ ٿيو، ته وقفي وقفي سان ڪچهرين جو سلسلو جاري ٿي پيو. ساڻس ٿيل مختلف موقعن تي ڪچهرين دوران وڌيڪ معلومات ملي ته سوچيم، ڇو نه پڙهندڙن سان به فقير بشير احمد لغاري جو تعارف ۽ سندس ويچار ونڊجن؟!

سيد خادم سبحان ڏاڏاهي - مٺل جسڪاڻي

سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
پروفائيل انٽرويو - مٺل جسڪاڻي
هر لکندڙ جا مقصد يا لکڻ جا سبب ڪهڙا به هجن، پر ان جو تعلق ان جي من اندر جي احساسن سان هجي ٿو. آئون سمجهان ٿو ته هر انسان جا احساس ٿين ٿا، پر ان جو اظهار فقط اهي ئي بهتر طريقي سان ڪري سگهن ٿا، جن کي مالڪ اهڙي ڏات سان نوازيو آهي. معيار جا ته پنڌ پري آهن، پر آئون به الله سائين جي انهن بندن مان هڪ آهيان، جنهن کي رب پنهنجي احساسن جي اظهار جو ٿورو گهڻو سليقو ڏنو آهي. منهنجي لکڻ جا سبب به منهنجي حساس طبيعت ۽ منهنجا احساس ئي آهن، جيڪي هن جهان ۾ جيئندي، آئون سنڌ ۽ سڄڻَ لاءِ محسوس ڪندو آهيان“. اهڙن خيالن جو اظهار سيد خادم سبحان ڏاڏاهي ڪيو، جنهن جو پورو نالو سيد خادم حسين ڏاڏاهي ولد سيد سبحان علي شاھ ڏاڏاهي آهي. هن ٻڌايو ته ”تعلقع ۽ ضلع ٽنڊو الهيار جي تاريخي ڳوٺ بڪيرا شريف ۾ ۵ جنوري ۱۹۶۱ع تي اک کوليم. وڏا ڏاڏاھ تعلقو ٽنڊو باگو کان هجرت ڪري بڪيرا شريف آيا، ان ڪري ڏاڏاهي سيد سڏجڻ لڳاسين. هن وقت ڪراچي، حيدر آباد، ٽنڊوالهيار، جهڏو، ٽنڊو باگو ۽ بڪيرا شريف ۾ ڏاڏاهي سيد آباد آهن“.

مراد فقير- مٺل جسڪاڻي

مراد فقير
صوفي راڳي سان رهاڻ
مٺل جسڪاڻي
صوفي به گهڻا، صوفي راڳي به ججها، صوفي راڳي مراد فقير به ڪو هڪ نه آهي! منهنجي جنهن صوفي راڳي مراد فقير سان ڪچهري ٿي، ان سان منهنجي ملاقات جهمپير ۾ سائين رسول بخش درس وٽ ٿي. جنهن وٽ روزاني روز ڪو نه ڪو اديب، شاعر، راڳي، علم ادب سان چاهه رکندڙ مهمان هوندو ئي هوندو آهي. سندس سڄو نالو علي مراد ولد فقير بچل مڱڻهار آهي. هن ٻڌايو ته هو ٿاڻو بولا خان لڳ مهندا پالاري ڳوٺ جو رهواسي آهي.