; سنڌي شخصيتون

11 January, 2013

جلال چانڊيو - مصطفيٰ ملاح/ڪراچي


جلال چانڊيو
يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو بي تاج بادشاهه
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
عوامي راڳي جلال چانڊئي کان اڳ يڪتاري ۽ چپڙيءَ جي سڃاڻپ صرف فقيراڻي سڃاڻپ هئي. يعني يڪتارو ۽ چپڙي، صوفي بزرگن جي درگاهن تائين محدود هو. پر جلال چانڊئي، هن کي سنڌي لوڪ موسيقي ۽ ڪلاسيڪي موسيقي ۾ متعارف ڪرايو. هو نه صرف يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو بادشاهه هو پر سنڌي ڪيسٽ جي دنيا جو به بادشاهه هو.
جلال کان اڳ، سنڌ ۾ ڪيسٽ جي دنيا تي پنجابي ۽ ٻين ٻولين جي گانن جو راڄ هو. هر هنڌ ميڊم نورجهان، مهدي حسن، عنايت حسين ڀٽي ۽ ٻين فنڪارن کي نهايت ذوق ۽ شوق سان ٻڌو ويندو هو. پر جلال چانڊئي جي ڳائڻ سان نه صرف سنڌي ڪيسٽ ڪلچر سگهارو ٿيو، پر سنڌ مان پنجابي گانن جي جاءِ سنڌي گانن والاري ورتي. گاڏين، هوٽلن، ٽريڪٽرن ۽ ٽرڪن ۾ جلال جو آواز گونجڻ لڳو.

عبدالحميد جتوئي - آزاد انور ڪانڌڙو


عبدالحميد جتوئي
سياست جو روشن باب
آزاد انور ڪانڌڙو
عبدالحميد جتوئي جي شخصيت، سنڌ جي سياست ۾ ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. هن پنهنجي حياتيءَ دوران سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي قومي حقن لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي، ان کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، پوءِ ڇونه اهو قومي اسيمبليءَ جو ايوان هجي يا سنڌ جو ٻيو ڪو پليٽ فارم، عبدالحميد جتوئي هر محاذ تي سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريو ۽ وقت جي حاڪمن سان ٽڪر به کاڌو.

06 January, 2013

سائين انور شاهه - شيراز چانڍيو

هڪڙو هو سائين انور شاهه...!
شيراز چانڍيو
۲۰۰۵ جي بئچ ۾ جڏهن آئون پهريون ڪلاس وٺڻ ويو هئس ۽ زولاجي سبجيڪٽ جو تعارف ڪرڻ لاءِ هڪ وڏن شهپرن ۽ هلڪي اڇي ڏاڙهي، وڏن پاچن واري سلوار، اڇي واسڪوٽي، سينڊل ۽ سنڌي ٽوپي پاتل شخص ڪلاس ۾ داخل ٿيو هو، ان شخص پنهنجو تعارف ڪرايو هو ته؛ آئون سيد انور شاهه آهيان.  سائين انور شاهه هڪ بهادر شخص هو، بنا ڪنهن هٻڪ ۽ ڊپ جي جيڪي ڳالهه چوڻي هوندي هئس منهن تي چئي ڏيندو هو. ياد ٿو اچي ته آئون ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ فراز، سائينءَ سان ملڻ هاسٽل ويا هئاسين ته ڳالهين ئي ڳالهين ۾ سائين هڪڙي ڳالهه چئي هئي ته؛ ”انور شاهه، خدا کانسواءِ ڪنهن کان نٿو ڊڄي.“ سندس چوڻ هو ته؛ ”مون کي موت جي به پرواهه نه آهي.“ ۽ اها حقيقت به آهي سائين انور شاهه کي مون ائين ئي ڏٺو. يونيورسٽي جا ۴ سال اک ڇنڀ ۾ ائين گذري ويا، ڄڻ ڪي چار پل هجن- پر سائين انور شاهه سان گذاريل ڏينهن اڄ به من ۾ سانڍيل آهن.

04 January, 2013

بيدل مسرور - رضوان گل


بيدل مسرور
سنڌي ٻولي جي مشھور ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار، شاعر، محقق، راڳي، موسيقار، جون بي تڪلف ڳالهيون

ڳالهه ٻولهه: ساجد سنڌي/ رضوان گل

• ڇپيل ڪتاب ڪيترا ۽ ڪهڙا آهن؟
ايڊٽ ڪيل: گلشن سيريز شڪارپورجي نالي ۾ ٻاراڻي ادب جا پنج ڪتابڙا، سنڌي ادب محل شڪارپور پاران ڇهه ڪهاڻين جا مجموعا.
طبعزاد: ڀوڳنا جو سفر (ڪهاڻين جو مجموعو)، راڻي (ناوليٽ). نظرين جو چڙيا گهر ۽ هڪ باندر (ناوليٽ)، چاهتن جي ٽواٽي تي ۽ آءِ لو يو (جاڙا ناوليٽ)، رانول رمزن وارو ( مقالا).
تحقيق. ترتيب ۽ تاليف: ڪليات مسرور (ٻه حصا)، مثنوي هير رانجهو، بيدل نامو.
ترجما: محبت به قيامت به (ناول)، قلوپطره (ناول)، حقيقت ۽ آزادي (فلسفو)، سپنن جو سنسار (خوابن جو نفسياتي جائزو).

محمد علي پٺاڻ


محمد علي پٺاڻ
هڪ سچيت تخليقڪار
نصير ڪنڀر
اڄ ۳ فيبروريءَ جي ڏينهن هن جي پنجونجاهين سالگرهه آهي. انهي عرصي دوران هن پنهنجي زندگي جون ڪجھه ڪڙيون ڪجھ مٺيون حقيقتون ڏٺيون. انهي جي بدلي هن هر ڪنهن سان پيار ڪندي پنهنجي قلمي پورهي کي ٽائيم ڏنو. پاڻ هن جي ادبي پورهيئ تي نظر وجھون ٿا. محمد علي پٺاڻ سان منهنجي روبرو ملاقات ته ٿر ڏڪار ڪانفرنس ۾ ٿي. پر هن جي ڪهاڻي ”ستون نمبر“ مون وٽ هن جو تعارف پهرين ڪرايو. سنڌ جي اتر واري علائقي ۾ ناسور بڻيل ڏوهه ”ڪارو ڪاري“ جي پسمنظر ۾ لکيل هي ڪهاڻي تمام جاندار ۽ ذهن کي جنجھوڙيندڙ آهي. جنهن ۾ هڪ همراهه ٻئي جو دڪان ڦٻائڻ لاءِ جتي وٺڻ جي بهاني دڪان ۾ وڃي ٿو. دڪاندار کي چوي ٿو “يار ليڊيز جتي کپي نمبر ياد ڪونهي.” دڪاندار چوي ٿو“ عام طور ليڊيز نمبر ست هوندو آهي. اوهان هي ست نمبر وارو چپل وٺي وڃو جي نه ته صبحاڻي بدلائي وٺجو.” همراهه چپل ڏسي چوي ٿو “ها هي بهتر رهندو.” ٻئي ڏينهن اهو ماڻهو اچي ٿو ۽ دڪاندار سان اچي جهيڙو ڪري ٿو ته منهنجي زال جي پير جي نمبر جي توکي خبر ڪيئن پئي. ضرور تون منهنجي زال سان ڦٽل آهين. دڪاندار ڀڄي جان بچائي ٿو. نيٺ فيصلو سردار وٽ وڃي ٿو. زندگي جي بخش ۾ ڏنڊ طور رقم لاءِ همراهه کي دڪان جو سامان، گهر سڀ وڪڻڻا پون ٿا. الزام هڻندڙ انهي رقم مان ٻني وٺي ٿو. محمد علي پٺاڻ جي هن ڪهاڻي  “ ڪارو ڪاري ” جهڙي ڪڌي رسم جا بکيا جيئن اڊيڙيا آهن ائين تمام گهٽ ڪهاڻين ۾ نظر آيو آهي. اسين ٿر ڏڪار ڪانفرنس ۾ ملياسين، تڏهن به هي ڪهاڻي اسان جي ڪچهري جو موضوع هئي. اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن محمد علي دوستي جو ڀرم رکندي اهو رشتو نڀايو اچي. پاڻ منهنجي ڪا به تحرير پڙهيائين ته ضرور فون ڪري نه صرف انهي تحرير تي  حال احوال ڪندو، پر ڪمين ڪوتائين تي به ڳالهائيندو.

31 December, 2012

ڊاڪٽر اڪبر حسيني - ڊاڪٽر اسلم آزاد


ڊاڪٽر اڪبر حسيني

ڊاڪٽر اسلم آزاد /سجاول
هڪ دفعي ڪنهن صحافيءَ جي پڇيل سوال جي جواب ۾، اهو بلڪل چيو هئم ته، آئون ڪڏهن به غمگين ۽ اداس نه ٿيندو آهيان. پر خبر ناهي ڇو گذريل هڪ هفتي کان، جڏهن منهنجي دلبر دوست، ڊاڪٽر اڪبر علي خواجا جو وڇوڙو ٿيو آهي، تڏهن کان منهجي دل ۾ هڪ غم ۽ درد گَهر ڪري ويهي رهيو آهي.
پنجيتاليھ ۴۵ سالن جي ڄمار جو ڊاڪٽر اڪبر، گذريل هفتي ڪينسر جهڙي مرض سان مقابلو ڪندي، زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو. هو نه صرف هڪ ڊاڪٽر، پر ان سان گڏ شاعر ۽ سماجي ورڪر به هو.  اهو ئي سبب آهي جو سندس جنازي ۾ شامل بيشمار ماڻهن جون اکيون آليون هيون.

لعل پشپ


لعل پشپ
سنڌي ٻوليءَ جو جديد ناول نويس

ضلعي لاڙڪاڻي جو هڪ بنهه ننڍڙو ڳوٺ ماهوٽا، جنهنجي چئني پاسي، زيتونن جا باغ ۽ انهن باغن ۾ پڪل زيتون جن جي ناماچاري دنيا تائين پهتل آهي. هونئن لارڪاڻو ڪيترن ئي حوالن سان جڳ مشهرو ضرور آهي. هيءُ ننڍڙو ڳوٺ ماهوٽا ننڍي کنڊ ۾ جڏهن به ياد رکيو ويندو ته فقط سنڌي ٻوليءَ جي وڏي ليکڪ لعل پشپ جي نالي سان، هيءُ اهو ننڍڙو ۽ منهنجي لاءِ عقيدت جي حد جي مڃتا رکندڙ ڳوٺ آهي، جنهن ۾ پهرين جنوري اوڻيهه سؤ ڇٽيهن تي لعل پشپ جنم ورتو. پهرين تاريخ سندس جنم آهي ۽ مون کي پڪ آهي، اسان جون اخبارون ۽ رسالا ننڍي کنڊ جي هن وڏي ليکڪ بابت هڪ ننڍڙي خبر به نه شايع ڪري سگهندون، ڇاڪاڻ ته اهي اڻ ڄاڻ هونديون. انهن کي اها خبر ئي نه هوندي ته سنڌي ٻوليءَ جو پهريون جديد ناول لعل پشپ جو لکيل آهي، جنهن جو نالو آهي. ”هُن جي آتم جو موت“ ۽ هيءُ اهو ناول آهي، جنهن کي اڄ تائين ڪو به سنڌي ناول اورانگهي نه سگهيو آهي.

ڪلا پرڪاش

ڪلا پرڪاش

ساهتي پرڳڻي جي سڃاڻپ بڻيل


 

ساهتي پرڳڻي کي اهو اعزاز رهيو آهي ته هُن زندگيءَ جي الڳ الڳ شعبن ۾ ڪيتريون ئي اهم شخصيتون پيدا ڪيون آهن. ايئن سنڌي ادب ۾ پڻ ساهتي پرڳڻي جو اهم حصو رهيو آهي. هڪ اهڙو حصو، جنهن کي الڳ ڪرڻ سان سنڌي ادب ۾ گهڻي ڪمي رهجي ويندي.

ائين سنڌي ادب جو ذڪر ڪرڻ وقت ساهتي پرڳڻي جي نهايت علمي ادبي شهرنما ڳوٺ خانواهڻ ۾ ٻه جنوري اوڻيهه سؤ چوٽيهن تي جنم وٺندڙ، سنڌ توڻي هنڌ ۾ هڪ جيتري ادبي مڃتا رکندڙ، ڪلا پرڪاش کي ذڪر هيٺ نه آڻبو ته اهو تذڪرو پڻ اڻ پورو رهجي ويندو. سنڌي ادب کي درجن کان وڌيڪ ناول ڪهاڻيون، ڪوتائون ۽ هڪ روح ۾ گهاءُ ڪندڙ سفرنامو ڏيندڙ ڪلا پرڪاش، اڄ ڪلهه سنڌين جي اڏيل شهر آديپور جي ملير ڪالونيءَ ۾ پنهنجي ليکڪ ۽ بيحد خوبصورت شخص ڊاڪٽر موتي پرڪاش سان زندگي گذاري رهي آهي.

30 December, 2012

مولانا غلام محمد گرامي

مولانا غلام محمد گرامي

ڏات ۽ ڏاهپ جو ڏيئو

امتياز عادل سومرو/ ميهڙ



سنڌ ڌرتيءَ هر دور ۾، ڪيترا ئي ڏاها، عالم، مُفڪر، شاعر ۽ ڏات ڌڻي پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي ڏات جي آڌار تي اعليٰ مقام ماڻيو آهي ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي. ميهڙ جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ، عالم، سيد علي اڪبر شاهه، سيد علي اصغر شاهه، محمد نواز محزون، اسحاق راهي، شيخ سنڌي، غلام حسين ڏيپر ۽ صرير پنهور تائين، اهڙا اَڻ ڳڻيا انسان آهن، جن جي ڏات ۽ ڏانءُ اڄ به انهن جي سڃاڻپ کي برقرار رکيو ۽ ميهڙ جي مٽيءَ کي سنسار ۾ سُرخرو ۽ ساراهه جي لائق بنائڻ ۾ اهم ڪردار ڪيو آهي.

29 December, 2012

الطاف سومرو - عائشه جمالي


الطاف سومرو
ٽي وي، فلم، ريڊيو ۽ اسٽيج جو فنڪار چوي ٿو
انٽرويو: عائشه جمالي
فن ۽ ثقافت جي جنم ڀومي واري مهراڻ جي خوبصورت شهر حيدرآباد ۾ جنم وٺندڙ سينيئر اداڪار، صداڪار، ڊرامه نگار ۽ هدايتڪار الطاف سومرو پنهنجي فني سفر جو آغاز اسٽيج ڊرامن کان شروع ڪيو. اسٽيج جي دنيا ۾ هن نه رڳو ڊرامن ۾ مختلف ڪردار بخوبي ادا ڪيا پر ساڳئي وقت هن موضوعاتي اسڪرپٽ پڻ لکيا ۽ ڊائريڪٽ به ڪيا. هن شاهه جي سورمين تي پڻ ڊراما لکيا، جن ۾ عمر مارئي، ليلا چنيسر ۽ مومل راڻو کي ڪاميابي سان اسٽيج ڪيو ۽ داد ماڻيو.

جنرل جان جيڪب

جنرل جان جيڪب

جيڪب آباد جو باني

امينه جمالي



جنرل جان جيڪب، ۱۱ جنوري ۱۸۱۲ع تي انگلينڊ جي سمرسٽ نالي شهر ۾ پيدا ٿيو. هو هڪ پادري ”اسٽيفن لانگ جيڪب“ جو پٽ هو. هن ايسٽ انڊيا ڪمپني جي هڪ قومي مرڪز ”ايڊس ڪومب اسڪول“ ۾ تعليم حاصل ڪئي. هن اسڪول مان تعليم حاصل ڪندڙ، نوڪري ڪرڻ لاءِ پابند هوندا هئا. هن ۱۶ سالن جي عمر ۾، ۱۱ جنوري ۱۸۲۸ع تي، ايسٽ انڊيا ڪمپني ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ جي عهدي تي، هندستان جي صوبي گجرات ۾، پنهنجون ذميواريون سنڀاليون.

جيجي درشهوار - عبدالمجيد عمراڻي


جيجي درشهوار
قومي شعور ۾ لازوال ڪردار ادا ڪندڙ
عبدالمجيد عمراڻي
سائين جي ايم سيد جي نياڻي، پهرين مسلمان سنڌي عورت، جنهن شاهه لطيف تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ايڊنبرا يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. سندن شمار، سنڌي ادب ۽ زبان جي نامور اديبن ۽ يونيورسٽي جي ماهر تعليم ۾ ٿئي ٿو. کين سنڌي، انگريزي، اردو ۽ فارسي زبان تي عبور حاصل هو. جڏهن سنڌ جي تعليم تمام گهڻي پٺ-ڀرائين ھئي يا ائين چئجي ته نه هئڻ برابر هئي، تڏهن ماڻهو نياڻين کي تعليم ڏيارڻ کي عيب سمجهندا هئا. تڏهن سائين جي ايم سيد ۵۰ سال اڳ، پنهنجي نياڻي جيجي درشهوار کي پڙهايو، پر ان کي اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن پڻ موڪليو هو. تڏهن سائين جي ايم سيد پنهنجي نياڻي کي هڪ خط ۾ لکيو هو ته؛ تنهنجي تعليم جي ڪاميابي منهنجي زندگيءَ جي مشن جي سرانجاميءَ ۾ واڌارو آهي. وري سائين جي ايم سيد ٻئي هنڌ لکي ٿو ته؛ ڌيءُ تنهنجي ٿيسز ڊگري وٺڻ واري ڪا نه ٿي گهرجي، تو سنڌ جي پنج هزار ورهين جي پيغام جي کوجنا ڪئي آهي. ان ڳالهه مان ثابت ٿئي ٿو ته سائين جي ايم سيد جي نياڻين جي تعليم کي ڪيتري اهميت هئي ۽ سائين جي ايم سيد جي هرطرف کان ڏسبو ته هُن جدوجهد ڪري پنهنجي سنڌ وطن لاءِ پنهنجي ماروئڙن لاءِ آخري دم تائين وڙهندو رهيو ۽ جڏهن اسان ننڍا هوندا هئاسون ته جيجي درشهوار جڏهن به سن ايندي هئي ته شهر جي عورتن کان تعليم جي بابت پڇا ڪندي هئي ۽ انهن کي تنبيهه سان نياڻين کي پڙهائڻ جو چوندي هئي ۽ جيجي جي ڪوششن ۽ سائين جي ايم سيد جي دلچسپيءَ سان سن جون ڪيتريون ئي غريب نياڻيون پڙهي نڪتيون ۽ اڄ اهي اعليٰ مقامن تي فائض آهن ۽ ان جي ڪمي ته محسوس ٿئي ٿي، پر جيجي جي مشن کي سندس ڀائيٽيو ڊاڪٽر ضياءُ الحق شاهه پنهنجي هٿ کڻي علم جي لاٽ کي عام ڪرڻ لاءِ ميدان عمل ۾ آهي، سائين جي ايم سيد پنهنجي خواب کي عملي جامون پهرائڻ لاءِ پنهنجي نياڻي کي اهل سمجهيو ۽ ان کي شاهه عبداللطيف تي پي ايڇ ڊي ڪرائي، پهرين عورت جي پي ايڇ ڊي جو اعزاز ڏياريو، ان جو اصل ڪارڻ اهو هو ته شاهه لطيف جو پيغام امن، پيار، محبت ۽ انسانيت جو سبق آهي. سنڌ جي صوفي ڪلچر جي تبليغ ڪرڻ آهي، ان لاءِ جيجي درشهوار شاهه لطيف کي ان جي پيغام جي ئي تشريح ۽ پرچار ڪئي، پر ان کان اڳ جيڪو شاهه لطيف تي لکيو ويو هو، ان ۾ مسلمان ۽ هندو ڪلچر جي اثرات کي نظر ۾ رکندي لکيو ويو هو.

28 December, 2012

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

سنڌي ٻولي ۽ ادب کي پاڻ ارپيندڙ شخصيت

پروفيسر عبدالله ملاح



سنڌ ۾ جيڏا وڏا جبل، رڻ ۽ دريا آهن، ماڻهو به ايڏا وڏا پيدا ٿيا آهن. جن ماڻهن جي ڳالهين ۽ عملن جي بهارن سنڌ جي زندگيءَ جي باغن کي سانڍيو، نپايو ۽ سلامت رکيو آهي. قومن جون تهذيبون، قومن جا وقار، قومن جون عزتون، قومن جون حياتون، تقدس رڳو جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي ڦر لٽ کي جائز قرار ڏيندڙ سرڪارن ۽ درٻارن سان قائم نه رهندا  آهن، پر ڪي دليون هونديون آهن، ڪي دماغ هوندا آهن، ڪي ضمير هوندا آهن، ڪي تاريخ جي حسن جهڙا لڄائتا بي مثال انسان هوندا آهن، جن جي وجود جي لازوال منور تبسم سان قومن جي حياتي، تاريخي وقار ۽ سونهن سلامت هوندي آهي.