; سنڌي شخصيتون: جلال، چانڊي، مصطفيٰ، ملاح، ڪراچي،
Showing posts with label جلال، چانڊي، مصطفيٰ، ملاح، ڪراچي،. Show all posts
Showing posts with label جلال، چانڊي، مصطفيٰ، ملاح، ڪراچي،. Show all posts

11 January, 2013

جلال چانڊيو - مصطفيٰ ملاح/ڪراچي


جلال چانڊيو
يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو بي تاج بادشاهه
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
عوامي راڳي جلال چانڊئي کان اڳ يڪتاري ۽ چپڙيءَ جي سڃاڻپ صرف فقيراڻي سڃاڻپ هئي. يعني يڪتارو ۽ چپڙي، صوفي بزرگن جي درگاهن تائين محدود هو. پر جلال چانڊئي، هن کي سنڌي لوڪ موسيقي ۽ ڪلاسيڪي موسيقي ۾ متعارف ڪرايو. هو نه صرف يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو بادشاهه هو پر سنڌي ڪيسٽ جي دنيا جو به بادشاهه هو.
جلال کان اڳ، سنڌ ۾ ڪيسٽ جي دنيا تي پنجابي ۽ ٻين ٻولين جي گانن جو راڄ هو. هر هنڌ ميڊم نورجهان، مهدي حسن، عنايت حسين ڀٽي ۽ ٻين فنڪارن کي نهايت ذوق ۽ شوق سان ٻڌو ويندو هو. پر جلال چانڊئي جي ڳائڻ سان نه صرف سنڌي ڪيسٽ ڪلچر سگهارو ٿيو، پر سنڌ مان پنجابي گانن جي جاءِ سنڌي گانن والاري ورتي. گاڏين، هوٽلن، ٽريڪٽرن ۽ ٽرڪن ۾ جلال جو آواز گونجڻ لڳو.