پروفيسر غلام حسين ڪٽپر
صاحب خان
محترم سائين غلام حسين ڪٽپر
صاحب جن جو جنم ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۵۰ع ۾ ڪرماڻي ڳوٺ تعلقو لاڙڪاڻو ۾ رهندڙ محترم حافظ ڪريم ڏنو ڪٽپر صاحب جن جي
گهر ۾ ٿيو. سائين جن ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول نئون ديرو مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ ۱۹۶۸ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئوديرو مان ۽ ۱۹۷۳ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان بي اي سي جي ڊگري حاصل ڪئي. محترم
ڪٽپر صاحب جن ۱۹۷۵ع ۾ ايم ايس سي (رياضي) جي ڊگري
حاصل ڪئي.