; سنڌي شخصيتون

10 September, 2019

رام ڄيٺملاڻي

رام ڄيٺملاڻي
ھڪ مھان سنڌي سپوت جي موڪلاڻي
شوڪت حسين شورو
اھي سنڌي جن پنھنجي ذھانت ۽ محنت سان سڄي دنيا ۾ نالو ڪمايو، تن ۾ رام ڄيٺملاڻي ھڪ جينئس شخص ھو. پکيڙ ۽ آبادي جي لحاظ کان ھند جھڙي وڏي ملڪ ۾ وڏي ۾ وڏو قانون جو ماھر ۽ وڪيل ھڪ سنڌيءَ کي ليکيو وڃي، اھو اعزاز ملڻ سڄي دنيا جي سنڌين جي لاءِ فخر جو ڪارڻ آھي. رام ڄيٺملاڻي وڏي وڪيل ھجڻ سان گڏ تقرير ڪرڻ جو بادشاھ ۽ ھڪ اھڙو دانشور ھو جيڪو ڪھڙي به طاقتور شخص يا ڌر کي سچ چئي ڏيڻ ۾ ذرو به نه ڪيٻائيندو ھو. ھو جنھن سياسي جماعت ۾ شامل ھوندو ھو، ان جي اڳواڻن جي غلطين تي به تنقيد ڪندو ھو، جنھن ڪري ڪيترا ڀيرا کيس نه رڳو وزارتن تان ھٽايو ويو پر سندس پارٽي ميمبرشپ کي به عارضي طور ختم ڪيو ويو. سچ چوڻ واري ھن قلندر شخص انھن ڳالھين جي ڪڏھن به پرواھ نه ڪئي.

هيمراج سوٽهڙ


هيمراج سوٽهڙ
سگھڙ سياڻو
ڀارومل امراڻي سوٽهڙ
ٿر جي اونداهه راتين ۾ هُن وٽ ڏيئي جھڙي ڏيا هئي، هُن پنهنجي مڻيا سان اوتارو آباد ڪيو هو. سج لهندي چيلهار ۾ هُن جي چوئنري واري اوتاري جي اڳيان ماڻهن جا ميڙا ٿي ويندا هئا. منهنجي اها خوشي نصيبي آهي جو مون کي پنهنجي چاچي هيمراج جي ويجھو رهڻ جو وڏو موقعو مليو. چاچو هيمراج سوٽهڙ ٿرجي لوڪ ڏاهپ جو وڏو ڄا ڻو هو. هن جي ڳالهين ۾ وڏي گھرائي هوندي هئي. هُو سماج جي بنيادي نقطن تي سوچيندو هو. سماجي نفسيات کي سمجھندڙ هن شخص وٽ تجزئي ۽ پرک ڪرڻ جو وڏو تجربو هوندو هو. چاچو چوندو هو ته؛ مڙس ۽ گھوڙي کي پهرين نظر ۾ سڃاڻبو آهي.

هزار خان چانڊيو


هزار خان چانڊيو
هڪ بهادر صحافي ۽ محبوب شخص
حفيظ چانڊيو
زندگي پنهنجي جوهر ۾ ڪيڏي نه پياري ۽ خوبصورت هجي ٿي، جنهن ۾ هر هڪ انسان سينواريل هن سماج جي تبديليءَ لاءِ انيڪ سپنا سانڍي زندگيءَ جو ڪٺن سفر گهاريندو آهي. سپنا جن جي ساڀيائن لاءِ انسان اڀن ڪاون واري راهه تي هلندي پنهنجا پير پٿون ڪندو ٿو رهي ۽ پنهنجي مثبت سوچ ۽ مثالي ڪردار ساڻ ڪري جبل جهاڳڻ جي همت ڪري سپنن جي ساڀيائن لئه نڪري ٿو پئي، تازو وڇڙي ويل دلبر ساٿي هزار خان چانڊيو به اهڙي مثالي ڪردار جو مالڪ هو، جنهن پنهنجي اکين منجهه پاليل انيڪ سپنن جي ساڀيان لاءِ عملي ڪردار ادا ڪيو، هونئن به اها هڪ حقيقيت آهي ته هن سنسار ۾ نيڻن منجهه پاليل هڙئي سپنا ساڀيان ئي ناهن ٿيندا. ان باوجود به ڪي ڪي انسان پنهنجي عظمتن جي ڇانوري ۾ ڪجهه سپنن جي ساڀيان پنهنجو مقدر بڻائيندا آهن، هزار خان چانڊيو سنڌ جو هڪ بي مثال ڪردار هو جنهن جو لاڏاڻو ان وهيءَ ۾ ٿيو آهي، جڏهن جوانيءَ جو صبح ڪچڙي منجهند ۾ تبديل ٿيندو آهي ۽ زندگيءَ جا پاڇا اولهه ڏانهن لڙي رهيا هوندا آهن. هو زندگيءَ جي ڪٺن سفر تي هلندي ڪڏهن به نه ٿڪو، نه ئي مايوس ٿيو پر هن هميشه رستي ۾ ايندڙ هر رڪاوٽ کي مڙسيءَ سان ٿي هٽايو ۽ اڳتي ڪاروان کي روشن مسقبل ڏانهن ڪاهيندو پئي هليو، هن هميشه اڳتي وک وڌائڻ کي مان ڏنو، اهو ئي سبب آهي جو سندس اوچتو وڇوڙي بعد مون سميت سندس سارا دوست هنجون هاري لڙڪ لاريندا رهيا، هو شاهه سائين جي ڪلام جو هڪ لازوال ڪردارن منجهان هڪ اهڙو ڪردار هو،جنهن جي ڪا پڄاڻي نه آ ڇاڪاڻ ته اهڙا ڪردار لازوال هجن ٿا ۽ هميشه رهڻآ آهن، جنهن کي هلڻ جي جستجو ڪڏهن به ماندو نه ڪيو. هو پنهنجي ارادن ۾ هميشه هماليه جيان اڏول رهيو. سندس مضبوط ارادي جو ٻيو ڪهڙو مثال ڏيان ته سينواريل هن سماج جي ستم ظريفين کيس لوڏي سگهيون، نه ئي هن ڪڏهن اهڙين سختين سبب ڪڏهن وري ڪا آڻ ئي مڃي، هو سچ، پيار، محبت، انسانيت جو ڪن فيڪون کان ساهه جي آخري دم تائين ساکي هو، سندس جرئت آڏو ڏاڍ ۽ ڏمر جا پاسدار ڌريون ڏڪي ويندا هيا، هن هميشه پاڻ کي نٽهڻ اس ۾ رکندي به ماڻهن جي لاءِ هڪ گهاٽي وڻ جو ڪردار ادا ڪيو.

پريم شواڻي


پريم شواڻي
قديم ٿر جو جديد ماڻهو.
ڀارومل امراڻي سوٽھڙ
سائين پريم شواڻي ٿر جو سگهارو صحافي، شاعر، ناول نگار، چترڪار، مزاح نگار، منفرد مقرر ۽ استاد هو. جيڪو ڪڏهن انگريزي ۾ سوچيندو هو ته ڍاٽڪي ۾ اظهاريندو هو ته ڪڏهن ڍاٽڪي ۾ سوچي سنڌي ۾ لکندو هو. ڪڏهن لفظن کان لاتعلق ٿي ته پينسل جي لڪيرن ۾ پنهنجي راءِ رکندو هو. پر جي ڀر ۾ برش ملي ويندو هو ته رنگن جي روپ ۾ پنهنجا احساس اتاريندو هو.

07 September, 2019

اي ڊي ناريجو


اي ڊي ناريجو
سياسي ۽ سماجي ڪردار
سليم چنا
سياسي، سماجي ۽ اڻٿڪ محنت جي علامت بڻيل ڳوٺ جهنڊو ناريجو جو الله ڏنو جيڪو پوءِ پنهنجي طويل جدوجهد جي سڄي دور ۾ اي ڊي ناريجو بڻجي سامهون آيو. تنهن، سنڌ جي عظيم سورهيه شهيد هوش محمد شيدي جي آخري آرامگاهه ويجهو ميرن ۽ انگريزن جي جنگ واري علائقي ۾ بهار رُت وارن ڏينهن ۾ ۲۰ مارچ ۱۹۴۵ع ۾ ڳوٺ جهنڊو ناريجا ۾ وڏيري الله بچائي ناريجي جي گهر ۾ جنم ورتو. اي ڊي ناريجو پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري، مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول، انٽر مسلم ڪاليج مان ڪري جڏهن سچل ڪاليج ۾ آيو ته نوجوان شاگردن جو اڳواڻ ٿيو.

سيد رسول بخش شاهه


سيد رسول بخش شاهه
لطيف جو پارکو ۽ تعليمي ماهر
علي ڏنو جروار
سنڌ سونهاري هر دور ۾ ڪيترا ئي اديب، دانشور، ڏاها، اهلِ علم ۽ تعليمي ماهر پيدا ڪيا آهن، جن مان هن وقت سيد رسول بخش شاهه به اهم حيثيت رکي ٿو، جيڪو تعليمي ماهر هئڻ سان گڏوگڏ ايليمينٽري اسڪولس، هاءِ اسڪولس ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولس حيدرآباد ريجن جو ڊائريڪٽر پڻ آهي. ان جو سڀ کان اهم ڪارنامو ۽ ڪردار هي آهي ته هن حيدرآباد ريجن جي سيڪنڊري، هائير سيڪنڊري ۽ ايليمينٽري اسڪولن اندر گذريل ڪجهه سالن کان لطيف شناسيءَ جو هفتو ملهائڻ جو انعقاد ڪيو آهي. سندس اهو ڪارنامو تاريخ جي سونهري لفظن ۾ لکڻ جهڙو آهي. انهيءَ هفتي دوران حيدرآباد ريجن جي اسڪولن ۾ لطيف شناسيءَ جا تقريري مقابلا لطيف جا بت پڙهڻ يعني بيت بازيءَ جا مقابلا، لطيف جي شاعري تي خطاطي، لطيف جي سورمين ۽ ٻين ڪردارن بابت سوالن جوابن جهڙا پروگرام شامل آهن. جن حيدرآباد ريجن جي اسڪولن ۾ نواڻ پيدا ڪري ڇڏي آهي. ڇو ته ان کان اڳ سنڌ جي ڪنهن به اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ اهڙو ڪوبه سلسلو باقائدگيءَ سان ۽ رٿابنديءَ سان شروع نه ڪيو ويو آهي. مختلف هنڌن تي مختلف وقتن مطابق اهڙي قسم جا پروگرام ته ٿيندا رهندا آهن پر انهن کي باقائدگيءَ سان ڪا ترتيب ڏنل نه هوندي آهي. هي پهريون موقعو آهي جو سائين رسول بخش شاهه ذاتي طور تي ڪوششون ڪري اهڙي قسم جو سلسلو شروع ڪيو آهي. هونئن ته سنڌ ۾ ڪيترائي تعليمي آفيسر ۽ ٻين کاتن جا آفيسر موجود آهن، جيڪي علم، ادب، ثقافت، ڪلچر سان ته ضرور لاڳاپيل رهيا آهن، پر اهي اهڙي قسم جي پروگرامن ڪرڻ کان پاسيرا رهيا آهن. سائين رسول بخش شاهه صاحب جن کي جس هجي جن اهڙي قسم جا پروگرام ترتيب ڏيڻ جي رٿابندي ڪئي آهي ۽ پاڻ انهن پروگرامن ۾ باقائده ٽائيم سان طئي ڪيل هنڌن تي پهچندو ر هيو آهي.

02 September, 2019

جون ايليا


بُلي شاه اسان مرڻا ناهين، گور پيا ڪو ئي هور
بخشل ٿلهو
مير ۽ غالب کان وٺي ساحر لڌيانوي ۽ فيض تائين، هونئن ته اردو ادب منجهه ڪمال شاعر پيدا ٿيا آهن، انهن ڪمال شاعرن جي ڀر ۾ نه سهي، سندن سُنگ ۾ پنهنجي ئي هڪ نرالي جڳهه پيدا ڪندڙ، دورِ حاضر جو هڪ سرمست شاعر جون ايليا به هو، توڻي جو ڌڻيءَ، مانُ صرف ”عُرفي، خُسرو ۽ مير“ کي ڏنو. باقي غالب کي “۲۵ شعرن جو شاعر” ۽ اقبال کي “مصلحت پسند” سڏي، جنابِ جون پنهنجي دور جي شاعرن کي ته کنگهيو به ڪو نه.

01 September, 2019

ڏيارام گدو مل

سنڌ- هند جو مشهور سماجي خدمتگار ۽ قانوندان
ڏيارام گدو مل، ۳۰ جون ۱۸۵۷ع تي منشي گدو مل جي گهر حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو، جيڪو پاڻ به وڏو سخي مرد هو. سندس ڏاڏو منشي ميگهراج، چانڊڪا پرڳڻي ۾ ڪلهوڙن جي جرنيل شاهه بهاري جو منشي هو. شاهه بهاري سان ويجهڙائپ جي ڪري هنن جو خاندان شاهاڻي سڏجڻ لڳو.

ديدار فقير


ديدار فقير
صوفي بزرگ
۵۶ھين ورسي جي موقعي جي نسبت سان مختصر تاثر
ھن وقت جيتوڻيڪ ھن درگاھ تي انھن قومي ۽ ادبي ميڙاڪن جو اھو ۸۰ واري ڏھاڪي وارو عروج ن رھيو آھي، پر ان ھوندي ب ڪجھ ”مئخانن/ آستانن“ جي اھميت ۽ حيثيت ڏاڍي تاريخي ٿيندي آھي، ھن مئخاني جو ماضي به ان حوالي سان ڏاڍو شاندار رھيو آھي، نوان جتوئي جي تاريخ ۾ ھتي وڏا قومي ۽ ادبي ميڙاڪا ٿيا، ۸۰ واري ڏھاڪي ۾ پوري سنڌ ۾ ڪارو دور ھو، ضياء جي ان آپيشاھي واري ڪاري دور ۾.

ڊاڪٽر نياز سومرو


ڊاڪٽر نياز سومرو
دوستن کي مالها ۾ جوڙيندڙ
مهيش ڪمار
ڇڙوڇڙ دوستن کي جوڙيندڙ دلبر دوست ڊاڪٽر نياز سومرو جي ياد ۾ اڄ خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي تي تعزيتي ريفرنس منعقد ٿي رهيو آهي. اهو ڪيترو ڏکائيندڙ مرحلو آهي، ڊاڪٽر نياز ڪيترن سالن کان پوءِ حيدرآباد آيو تمام تڪڙ ۽ جلدي ۾ ڇڙوڇڙ دوستن کي هڪ مالها ۾ جوڙي پنهنجا حالات قابو ۾ نه رکندي موڪلائي به ويو. ڊاڪٽر نياز سومرو جي ڪهاڻي نرالي آهي. راڻيپور جهڙي گرم علائقن مان ڄامشورو جهڙي سرد عاشق موسم ۽ ماحول ۾ اچي ڊاڪٽري پڙهڻ شروع ڇا ڪيو. پاڻ سڀني جو معشوق بڻجي ويو. راڻيپور ۾ سندس حالات قابو ۾ هئا يا نه پر ڄامشورو ۾ ڊاڪٽري پڙهندي حالات سندس مڪمل قابو ۾ هئا. ڊاڪٽر ٿيڻ جو ڪورس مڪمل ڪرڻ واري عرصي جي ڪهاڻي جو ذڪر به عاليشان آهي. پهريائين سندس لاهور ياترا جو ٿورو قصو ڪري ٿا وٺون.

احساس ميرل

احساس ميرل
حساس طبيعت جو مالڪ
سعيد چانڊيو
شاعر جو تخليقي ڪارنامو انھن حقيقتن جو عڪس ھوندو آھي، جيڪي سماج ۾ مروج ھونديون آھن. اُھي حقيقتون دنيا جو حسن، خوبصورتي، چمن، چراگاھون، گلزاريون، گلڪاريون، سمنڊ، نديون، نئيون، واديون، ڍنڍون، ڍورا، بحر، بيابان، ريگستان، جبل، پھاڙ، ٽڪريون، ماٿريون، ٿر، بر، وڻ، ٽڻ، ٻوٽا، گاھ، گل ۽ ٻيا قدرتي نظارا ھوندا آھن، جيڪي ڪشش جو سبب بڻبا آھن . ھن جي شاعريءَ جا موضوع اميد ۽ مايوسي، خواب ۽ خواھشون، آسون، امنگون، رنگ ۽ رتيون، بھار، خزان، سردي، گرمي، سرءُ، سرنھن جا پيلا گل، پيار محبت، شڪوا، شڪايت، سرچاءُ، رسامان، چنڊ، چانڊوڪي، اڪيلائي، ويراڳي، نشيلا نيڻ، ڪڪر، بارشون، بوندون، وڏڦڙا، کنوڻ، گجگوڙ ھوندا آھن. شاعري شاعر جي زندگيءَ جي غير مرتب تاريخ ھوندي آھي، جنھن ۾ شاعر جا داخلي ۽ خارجي، فڪري ۽ سماجي، سياسي ۽ ثقافتي مطلب ته ھر پھلو ظاھر ٿي سامھون ايندا آھن. شاعر جي شاعري ئي سندس آتم ڪٿا آھي، جنھن ۾ ھو پنھنجي زندگي جا عڪس چٽيندو آھي. سندس شاعريءَ ئي حياتيءَ جي آرسي آھي، جنھن ۾ سندس زندگي جا واقعا ۽ وارتائون پسي سگھجن ٿا. شاعر سماج جو اھو فرد ھوندو آھي، جنھن کي سماجي بھتريءَ جو گھڻي کان گھڻو اونو ھوندو آھي. تنھنڪري ئي ھڪ سٺي ۽ سماجي درد رکندڙ شاعر جي شاعريءَ سماجي برائيءَ، ظلم ۽ ستم، ناانصافيءَ ۽ حق تلفيءَ خلاف ھٿيار ثابت ٿيندي آھي.

گلُ حسن ڪلمتي

گلُ حسن ڪلمتي
نامياري محقق جي ڪهاڻي سندس زباني
ڳالهه ٻولهه: جميل چانڊيو
گل حسن ڪلمتي ۵ جولاءِ ۱۹۵۷ ۾ گڏاپ جي ننڍڙي ڳوٺ حاجي عرضي بلوچ ڳوٺ ۾ جنم ورتو، ان وقت حاجي عرضي بلوچ ڳوٺ گڏاپ ضلعي ٺٽي ۾ هيو، ۱۹۶۳ ۾ ملير جي ۳۷ ديهن کي ايوب خان واري دور ۾ ڪراچي ضلعي ۾ شمار ڪيو ويو، گل حسن ڪلمتي جو والد محمد خان هڪ پورهيت هو جڏهن ته ان دور ۾ گل حسن جي والد ۱۵ روپيا مزدوري مان ڪمايا جن مان هن پراڻي سبزي منڊي ڪراچي ۾ هڪ دڪان خريد ڪيو، جتان هو پنهنجي روزي روٽي ذريعي گل حسن سميت ۹ ڀيڻ ڀائرن جو پيٽ گذر ڪندو رهيو، گل حسن جي شادي پنهنجي ڪٽنب مان ٿي جنهن مان سندس هڪ نياڻي جيڪا ايم اي سوشالوجي جي سند يافتا آهي. گل حسن، پنهنجي شاگردي دور ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتو. هن ايس ايم آرٽ ڪاليج ڪراچي ۾ ۱۹۷۴ ۾ داخلا ورتي ۽ ڪاليج مان نڪرندڙ ادبي ميگزين ۾ هن سنڌي ادب تي لکيو ۽ هو هن ڪاليج ۾ سنڌي ادبي سرڪل جوڙي.  ان وقت هن ڪراچي مان هڪ سنڌي اخبار ۾ لکڻ شروع ڪيو، گل حسن ڪلمتي ۱۹۷۹ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ جرنلزم ۾ داخلا ورتي جتان ۱۹۸۳ ۾ ماسٽر ڪيائين. ان وقت ڪراچي يونيورسٽي جي هن شعبي ۾ فقط ٻه سنڌي شاگرد هئا جن ۾ هڪ پاڻ ۽ ٻيو مرحوم جمال ابڙي جو پٽ اظهر ابڙو جيڪو بدر ابڙي جو ڀاءُ آهي، گل حسن ڪلمتي پنهنجي شاگردي سياسي شروعات نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن (اين ايس ايف) ذريعي شروع ڪئي، جڏهن ته ۱۹۸۳ع ۾ هن بلوچ اسٽوڊنٽ آرگنائزيشن (بي ايس او) جوائن ڪئي ۽ جتان ان جا اختلاف بي ايس او سان فقط ان ڪري ٿيا ته هو بلوچستان جي ڳالهه ڪري رهيا هئا ۽ سنڌ جي ڪنهن به قسم جو دفاعي سياست کان پري هئا، جنهن بعد گل حسن، رسول بخش پليجو جي عوامي تحريڪ ۾ بطور همدرد طور ڪم ڪيو، گل حسن ڪلمتي ۱۹۸۴ ۾ جيئي سنڌ محاذ جنهن جو چيئرمين عبدالواحد آريسر هو تنهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايائون، جنهن بعد هن تنظيم کي به الوداع ڪيو، ۱۹۹۰ ۾ جڏهن سنڌ ترقي پسند پارٽي جنهن جو اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي آهي، گل حسن جي ڪنهن حد تائين سياسي وابستگي رهي ۽ ان ڪراچي ٻهراڙي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جا هٿ مضبوط ڪيا جنهن ۾ سندس ٻانهن ٻيلي ماما رحيم بلوچ پڻ هو، گل حسن ڪلمتي ڪجهه سال ايس ٽي پي کي ڏيڻ بعد سياست کي هميشه لاءِ الوداع چيو. گل حسن ڪلمتيءَ ان وقت ڪراچي مان سنڌ جو آواز بڻجي اڀرندڙ روزاني عوامي آواز جي صفحي موڙي جي ماڳ ۽ ادبي صفحي ۾ لکڻ شروع ڪيو، مورڙي جي ماڳ واري صفحي ۾ مرحوم شاهه محمد قاضي ۽ آئون ساڻس گڏ ڪم ڪيو. ڪراچي جي ٻهراڙين جي تاريخ جوڙي ۽ ان جي ڄاڻ تاريخي ماڳ مڪانن قبيلن ۽ علائقي جي جاگرافيائي بابت صفحي ۾ وسيع معلومات پنهنجي پڙهندڙن کي عوامي آواز جي پليٽ فارم تان مهيا ڪئي جيڪا اڳتي هلي سنڌ روينيو کاتي اسانجي گڏ ڪيل معلومات کي پنهنجي رڪارڊ جو حصو ٺاهيو جيڪو روزاني عوامي آواز لاءِ اڄ به هڪ اعزاز آهي.

فريد نواز بلوچ


فريد نواز بلوچ
سنڌي ڊرامن جو شاهاڻو انداز رکندڙ - ستر هين ورسي جي مناسبت سان
وزير فرهاد سولنگي
سینئر اداکار فرید نواز بلوچ کی 17ویں برسی منائی گئی
فريد نواز بلوچ ريڊيو، ٽي وي ۽ فلم جو سدا بهار اداڪار ٿي گذريو آهي. جنهن پنهنجي اداڪاري ۾ فطري رنگ ڀري هڪ منفرد ۽ ور اسٽائيل اداڪار جي حيثيت ماڻي ۽ ڏسندڙن جي دلين ۾ جڳھه پيدا ڪئي. فريد نواز بلوچ فريد محلا گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ رئيس خان محمد نوحاڻي جي گهر ۾ ۹ سيپٽمبر ۱۹۴۶ع ۾ جنم ورتو، جڏهن ته سندس پيدائش کان اڳ ئي سندس والد صاحب وفات ڪري چڪو هو. رئيس خان محمد نوحاڻي بلوچ کي ۲ پٽ ۽ ۲ نياڻين جو اولاد هو. جنهن ۾ عبدالستار نوحاڻي، آپا مريم نوحاڻي، آپا نظير ۽ فريد نواز بلوچ هئا. فريد نواز بلوچ شروعاتي تعليم حيدرآباد ۾ ئي ورتي ۽ گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪري سگهيو. اهڙي طرح هن مختلف کاتن ۾ نوڪري به ڪئي ۽ ٽي سي پي جي عهدي تي به رهيو.