عرفان مهدي
پنجويهين ورسيءَ جي حوالي سان
سٻاجهڙي جي ياد ۾!!
رضا محمد ميمڻ
توڙي جو هڪ صديءَ جو چوٿون حصو پورو ٿي ويو آهي، پر پوءِ به نه دل ۽ نه وري
دماغ قبول ٿو ڪري ته عرفان مهدي اسان جي وچ ۾ نه آهي... ها... پر ان جي کوٽ شدت
سان محسوس ٿيندي آهي. جڏهن سنڌ ۾ ظلم بربريت، سماجي برائين ۽ ناانصافين جا مثال ۽
واقعا بار بار رونما ٿين ٿا ته دل ۾ آواز ڀڙڪا ڏيئي نڪرندو آهي ته ”يار ڪاش عرفان
هجي ها ته هيئن هيئن ڪري ها...” جڏهن عرفان ۽ منهنجي ڳوٺ هالا پراڻا کي علمي ادبي
سماجي تفريحي ۽ تعليمي سرگرمين جي حوالي سان ”مئل“ محسوس ڪندو آهيان ته قسم سان
”هر وقت وات ۾ هڪ ئي وائي هوندي آهي ته ڪاش عرفان هجي ها ته اسان جي ڳوٺ جا ههڙا
حال نه هجن ها... عرفان هجي ها ته سڄو ڳوٺ هر چؤڪ تي ”پنهنجو هالا پراڻا“ لڳي
ها.... هاڻ ته هڪ هالا پراڻا ۾ سئو کن هالا پراڻا آهن... هر برادريءَ جو پنهنجو
”هالا پراڻا“ مون کي ته عرفان وارو هالا پراڻو ڏسڻ ۾ ئي ڪو نه ٿو اچي.... خبر نه
آهي ڪڏهن ميلو مچندو ۽ عرفان جي ”وک وڌايو پبليڪيشن“ جون وکون ڪير وڌائيندو ۽ وري
عرفان جو ڳوٺ علمي ادبي سماجي پروگرامن جي حوالي سان سنڌ جو ”مرڪز“ ٿيندو.










