; سنڌي شخصيتون

13 August, 2015

ساقي شاهه - جميل چانڊيو

ساقي شاهه
جميل چانڊيو
عمر ٿيم اپار، ورهه وٽيان ڪن سين
سي ڏوٿيئڙا ڏور ٿيا، تڳا نجن تنوار
سٽائون سنگهار، کوهن تان کڻي ويا
شاهه
سيد سلطان شاهه ساقي جو جنم 25 آگسٽ 1962ع ۾ ملير جي ڳوٺ سيد محمود شاهه پپري ڪراچيءَ ۾ ٿيو جتي هن وقت پاڪستان اسٽيل، پورٽ قاسم ۽ ٻيون سوين انڊسٽريون قائم آهن. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي.
1977ع م اسٽيل ملز پورٽ قاسم ۽ ٻين ادارن جي تعمير سبب هنن کي پنهنجا اصلي پٽ خالي ڪرڻا پيا ان کانپوءِ ديهه کانٽو ۾ ساڳيو ڳوٺ محمود شاه رزاق آباد جي نالي قائم ٿيو.

09 August, 2015

شري موتي پرڪاش- نور سنڌي

شري موتي پرڪاش
جوت جلائڻ وارو
نور سنڌي
اڃا ڪاڪا لڇمڻ ڪومل، ڪاڪا ڪيرت ٻاٻاڻي جي وڇوڙي تي هند سنڌ جي علمي، ادبي، ساڃاهه وند ڌرين جا نيڻ آلا آهن. هنن عظيم سنڌ ڄاون شخصيتن جي لاڏاڻي تي گهاوَ تازا آهن ته وري اوچتو سنڌيت جي جوت جاڳائڻ وارو ”آنڌي ۾ جوت جاڳائڻ وارا سنڌي“ جهڙن خوبصورت گيتن جو سرجڻهار مشهور شاعر، اديب، ليکڪ، ڊراما نويس، تعليمدان، نقاد، شري موتي پرڪاش به لکين چاهيندڙن کي ڇڏي ڏور اتي هليو ويو آهي، جتي ويندڙ وري نه موٽندا آهن.

06 August, 2015

عبدالله جروار - مٺل جسڪاڻي

عبدالله جروار
گهڻ گُڻو شخص سائين
مٺل جسڪاڻي
ماڻهو کي مٺڙو، محبتي، ملنسار، نيڪ نيت، پرخلوص، ڏاهو، سونهون ۽ سيکاريندڙ هجڻ گهرجي. ماڻهو کي شريف هجڻ گهرجي. هيڻن جو همراهه هجڻ گهرجي. ماڻهو لاءِ جيتريون به مثبت وصفون آهن، اهي سڀ هر هڪ ماڻهو ۾ هجڻ گهرجن.

03 August, 2015

بيگم اشرف عباسي - غلام محمد ڀٽي

بيگم اشرف عباسي
سياسي جدوجهد جو اهم ڪردار
غلام محمد ڀٽي
اسان جي معاشري توڙي سماج ۾ ڪم ڪندڙ ان عظيم عورتن جا ڪردار قصا، خدمتون، محنتون، قربانيون رائيگان نه ويون آهن. جيڪي اڄ به تاريخ جي ورقن ۾ زندهه بڻيل آهن ۽ وڇڙيون آهن مگر پر ڪڏهن به وسريون ناهن ڇو ته ٻين ڪاڻ جيئڻ واريون عورتون ۽ سماج ۾ بي پهچ عوام جون خدمتون سرانجام ڏيڻ توڙي دلي سڪون مھيا ڪرڻ واريون عورتون ڪڏهن به نه مرنديون آهن. انهن عظيم عورتن ۾ امر بڻيل شخصيت، ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي به نمايان حيثيت رکندڙ آهي. جيڪا ڪڏهن به تعارف جو محتاج نه رهي هئي. جيڪا سياسي سماجي ادبي ساک رکي پاڻ مڃرائي ملهائي وئي هئي ڇو ته اها هڪ ئي وقت وڏو نانءُ هئي. جيئن ته شهيد بينظير ڀٽو جي پوليٽيڪل سيڪريٽري، ايم اين اي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر، ليکڪ (جيڪي هلن هيڪليون) ڪتاب لکيو ۽ عورتن کي شعور ڏئي، همٿائي ورڪرن کي فرش کان عرش تائين پهچائي، انهن جي حقن لاءِ جاکوڙي توڙي تعليم ڏياري ڄڻ ته ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي يونيورسٽي جيان ادارو هئي! جيڪا پنهنجي ڪاڻ جيئڻ بدران ٻين ڪاڻ جيئڻ سيکاري وئي. ڇو ته ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي ورڪرن توڙي برادري جي ماڻهن لاءِ امڙ ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي سان شهرت ماڻي ورتي هئي. جيڪا هر شعبي ۾ وڏي حيثيت رکندڙ ۽ بهترين ڪردار نڀائيندڙ ۽ قومي اسيمبلي جي پهرين سنڌي ڊپٽي اسپيڪر عورت هئي ۽ پيار اولاد جيان سڀني ورڪرن توڙي سهيلن سان ڪندي هئي ۽ انهن مٿان ڇپر ڇانءَ بڻيل هئي ۽ گهڻ رخي شخصيت جي مالڪ هئي. جنهن هر شعبي ۾ پاڻ ملهائي ڏيکاريو. تڏهن ته اڄ به ورڪرن توڙي پيارڪندڙ شاگردياڻين ۽ خاندان جي دلين ۾ زندهه آهي.

01 August, 2015

عبدالحميد ”حميد“ جسڪاڻي - مٺل جسڪاڻي

عبدالحميد ”حميد“ جسڪاڻي
ساڻس پهرين ملاقات...
مٺل جسڪاڻي
عبدالحميد ”حميد“ جسڪاڻي سان پرپٺ واسطو، موبائيل رابطو، ته شايد هاڻي هڪ سال جي عمر جيترو ٿي ويو هوندو، پر ساڻس روبرو ملاقات ۽ ڪچهري ڪجهه ڏينهن اڳ ٿي آهي. ان دوران، حميد ٻڌايو ته هن ميهڙ (ضلع دادو) شهر کان اولهه طرف فريد آباد، شاهه گودڙيو روڊ تي، اٽڪل اٺن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي، ساڄي طرف قديم ڳوٺ ٻاڙيا پنهور ۾ جنم ورتو. پاڙيسري ڳوٺ ڪمانگر ۾ ٽي درجا پڙهڻ کانپوءِ تعليم جاري نه رکي سگهيو هو. ڪجهه عرصي بعد کيس وري به پڙهڻ جو شوق ٿيو، ته خانگي (پرائيويٽ) شاگرد جي حيثيت ۾ ۱۹۸۸ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين.

31 July, 2015

پير محمد مرزا - علي ڏنو جروار

پير محمد مرزا
مثالي استاد
علي ڏنو جروار
سنڌ ڌرتيءَ ڪيترا ئي عظيم انسان، ڏاها، استاد، مفڪر، شاعر اديب ۽ دانشور پيدا ڪيا آهن. سائين پير محمد مرزا به انهن مان هڪ آهي، جيڪو ڪالهه اسان کان وڇڙي ويو آهي. سائين پير محمد مرزا انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن استادن مان هڪ هو، جن کي اسان مثالي استاد چئي سگهون ٿا.

25 July, 2015

ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو - حسيب ناياب منگي

ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو
حسيب ناياب منگي
عبدالخالق راز ولد محمد حسن مسڪين سومرو جو جنم، شڪارپور ضلعي جي خانپور تعلقي واري ڳوٺ، حاجي خان ڪلهوڙي ۾ ۱ جولاءِ ۱۹۳۴ع تي ٿيو. ابتدائي تعليم ته ڳوٺ کان شروع ڪيائين پر ۱۹۷۸ع تائين پڙهندو رهيو. مذڪوره سال ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي نگرانيءَ ۾ سنڌ جي نامياري بزرگ شاعر ”مير علي نواز علوي“ جي علمي، ادبي ۽ سياسي توڙي سماجي، ڪارنامن تي ٿيسز لکي، پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين.

17 July, 2015

قاضي عطا محمد عباسي-عبدالفتاح عباسي

قاضي عطا محمد عباسي
ادبي ۽ ديني شخصيت
عبدالفتاح عباسي
عملي ۽ ادبي حوالي سان لاڙڪاڻي جو قاضي خاندان پوري سنڌ ۾ مشهور آهي، جنهن جو ثبوت انهيءَ خاندان جي هڪ نه پر هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ئي شخص علمي ادبي حوالي سان پنهنجو مٽ پاڻ رهندا پيا اچن. خاص طور قاضي عطا محمد عباسي کي ديني، ادبي توڙي سماجي حوالي سان تمام گهڻي پذيرائي ملي. هن شخصيت جو تعلق هونئن ته لاڙڪاڻو ضلعي جي ڏوڪري تعلقي جي ڪوٽ قبولو، ڪوٽ مرزا ڪالو سان رهيو آهي. پر ان کان اڳ ۾ ٻڌايو ٿو وڃي ته لاڙڪاڻي جي تعلقي رتوديرو جي مسوديرو سان به رهيو آهي. جتي قاضي محمد عثمان عباسي ڪلهوڙي جي گهر ۾ هڪ اهڙو ذهين ۽ ڏاهو ٻارڙو پيدا ٿيو، جنهن جو نالو قاضي عطا محمد عباسي رکيو ويو. جيڪو ننڍپڻ کان ئي پنهنجي دوستن ۽ مٽن مائٽن سان کيڏڻ بجاءِ سدائين مطالعي ۾ مشغول رهيو. پنهنجي علمي ڏاهپ سبب، هڪ ننڍي ڪوشش ڪندي، علائقي جي هر هڪ عمر جي ماڻهن کي تعليم عام ڪرڻ لاءِ، ديني ۽ دنياوي تعليم ڏيڻ لاءِ، صبح کان ويندي رات تائين، پنهنجي جڳهه جي صحن تي ئي درس و تدريس جو اهتمام ڪندي، ڀروارن ڪيترن ئي علائقن جي ماڻهن کي انهيءَ شعور ڀري تعليم جي لاءِ اتساهه پيدا ڪرڻ سميت، تعليمي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي بي مثال ڪوششون ورتائون. جنهنڪري علائقن جي اندر اهو قاضي خاندان، ”استاد خاندان“ جي حوالي سان مشهور ٿيندو ويو، جو هر ٻئي ڳوٺ جو ماڻهو اهو چوندو رهندو هو ته اسان ته قاضي خاندان وٽ ئي پڙهنداسين.

11 July, 2015

خان بهادر خداداد خان - مختيار احمد ملاح

خان بهادر خداداد خان
ڪتاب لب تاريخ سنڌ جو ليکڪ
مختيار احمد ملاح
انگريزن جي دور ۾ سنڌ ۾ آفيسن جو نئون سرڪاري نظام قائم ٿيو. نئون تعليمي نظام پڻ قائم ٿيو. غريب عربي جي تعليم ۽ سرڪاري عهدن تي رسائي ٿي. نئين تعليم نظام سان علم ۽ ادب ۾ به نوان لاڙا ۽ رجحان پيدا ٿيا . خود سنڌ جي تاريخ تي نئون ڪم شروع ڪيو ويو. ڪيترائي انگريز حڪمران سنڌ شناس هئا. هنن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌ ويجهه ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو هو. مقامي ماڻهن کي به ان ڏس ۾ اڳتي وڌڻ جو موقعو مليو. ان ڏس ۾ خداداد خان وڏو نالو رکي ٿو، جنهن ”لب تاريخ سنڌ“ جهڙو معياري ڪتاب لکيو. خداداد خان پنهنجي ڪتاب لب تاريخ سنڌ جي ديپاجي ۾ لکيو آهي ته؛
”هي عاجز خان بهادر خداداد خان ولد مرحوم راضو خان يا رضا محمد خان پٺاڻ حال رهندڙ پراڻو سکر، تاريخ سان دلچسپي رکندڙن کي عرض ٿو ڪري ته مان فرصت جو گهڻو وقت سنڌ جي تاريخ ۾ گذاريندو هوس، جا هاڻي منهنجو وطن آهي. خداداد خان ولد رضا محمد خان ترين پشين جي پٺاڻن مان هو ۽ اتان لڏي سکر پراڻي ۾ رهڻ لڳو.“

فقير يعقوب علي شر - فقير مهتاب علي شر

فقير يعقوب علي شر
هڪ سنڌ سُڌارڪ
فقير مهتاب علي شر
صبر سڪ وڃايو، ننڊ ڦٽائي نينھن،
ڏاڍي عشق اليل، ڪئي محبت اٺا مينھن،
غلام حيدر گاج ڪئي، جيئن ٻيلي اندر شينھن،
رامزان راتيون ڏينھن، جانب لاءِ ئي ويو جيءَ ۾.
دنيا ۾ تمام ٿورا اھڙا ماڻھو ھوندا آھن، جيڪي وڏا مقصد کڻي پيدا ٿيندا آھن. چوندا آھن ته ڪي ڪي ماڻھو اھڙا به ٿيندا آھن جن کي وسارڻ جي ڪيتري به ڪوشش ڪجي پر اھي ھميشه دلين ۽ ذھنن ۾ ھر ماڻھو کي ياد رھندا آھن. انھن جون مصريءَ جھڙيون مٺيون ڳالھيون چاھيندي به ڪو نه  ٿو وساري سگھجي. ڇو ته انسانيت جي خدمت اھڙي خدمت آھي، جيڪا ھميشه ياد رکي ويندي آھي.

03 July, 2015

حضرت سچل سرمست

سچل سرمستؒ

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي



نالو:

حضرت سچل سرمست رحه جي جنم جو نالو عبدالوهاب هو، پر راست گوئي ۽ راست بازي جي ڪري ”سچو“، ”سچل“ ۽ ”سچيڏنو“ سڏڻ لڳا. پوءِ انهيءَ ئي نالي سان مشهور ٿيو. سنڌي، سرائڪي ۽ اردو شعر ۾ اهو ئي نالو تخلص طور آندو اٿس، البته ”فارسي مثنوين“ ۽ ”ديوان آشڪار“ فارسي ۾ ”آشڪار“ تخلص ۽ ديوان خدائي ۾ ”خدائي“ تخلص آندو اٿس.

02 July, 2015

بيگم فقيرياڻي

بيگم فقيرياڻي

بيمثال صوفي گائڪا

اختر درگاهي



اڄ روهڙي ۾ سنڌ جي نامياري صوفي شاعره ۽ راڳي مائي بيگم فقيرياڻيءَ جي ۲۹هين ورسي ملهائي پئي وڃي مائي صاحبا سنڌَ ۾ تصوف۽ راڳ جي حوالي سان هڪ نرالي شخصيت جي مالڪ هئي. هن پنهنجي فن جي شروعات وڏڙن جي بتيلي تان ڪئي جنهن کان پوءِ سنڌ جي ٻن اهم درگاهن ڀٽ شاه ۽ حضرت هنباه جي فقيري فيض سان سڄي سنڌ ۾ مقبول ٿي.

01 July, 2015

جمال ابڙو

جمال ابڙو
جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو بانيڪار
محمد سليمان وساڻ
تاريخ ۳۰ جون، سنڌي ادب جي ڏاهي ڏات ڌڻي ۽ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي بانيڪار، محترم جمال ابڙو جي ورسيءَ جو ڏيهاڙو آهي.
جمال ابڙو سنڌ جي انهن ڪهاڻيڪارن مان آهي جن ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ کي نوان لاڙا ڏيئي منجھس فني ۽ فڪري خاصيتون به شامل ڪيون.
جمال ابڙو ۲ مئي ۱۹۲۴ع تي ميهڙ جي ڳوٺ سانگين ۾ نامياري اديب ۽ تعليمدان علي خان ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم، پنهنجي ڳوٺ مان ۽ پنهنجي پيءُ جي سرڪاري نوڪريءَ ۽ تبادلن سبب لاڙڪاڻي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص مان ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. اين اي ڊي يونيورسٽيءَ مان انجنيئرنگ جي داخلا ڇڏي، هن قانون جي ڊگري يعني ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪئي.