; سنڌي شخصيتون: سليمان وساڻ، رکيل مورائي، رضوان گل، نادر ابڙو، صدام جوکيو، رزاق سھتو، سيف سرور، پروين موسيٰ ميمڻ،
Showing posts with label سليمان وساڻ، رکيل مورائي، رضوان گل، نادر ابڙو، صدام جوکيو، رزاق سھتو، سيف سرور، پروين موسيٰ ميمڻ،. Show all posts
Showing posts with label سليمان وساڻ، رکيل مورائي، رضوان گل، نادر ابڙو، صدام جوکيو، رزاق سھتو، سيف سرور، پروين موسيٰ ميمڻ،. Show all posts

01 July, 2015

جمال ابڙو

جمال ابڙو
جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو بانيڪار
محمد سليمان وساڻ
تاريخ ۳۰ جون، سنڌي ادب جي ڏاهي ڏات ڌڻي ۽ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي بانيڪار، محترم جمال ابڙو جي ورسيءَ جو ڏيهاڙو آهي.
جمال ابڙو سنڌ جي انهن ڪهاڻيڪارن مان آهي جن ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ کي نوان لاڙا ڏيئي منجھس فني ۽ فڪري خاصيتون به شامل ڪيون.
جمال ابڙو ۲ مئي ۱۹۲۴ع تي ميهڙ جي ڳوٺ سانگين ۾ نامياري اديب ۽ تعليمدان علي خان ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم، پنهنجي ڳوٺ مان ۽ پنهنجي پيءُ جي سرڪاري نوڪريءَ ۽ تبادلن سبب لاڙڪاڻي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص مان ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. اين اي ڊي يونيورسٽيءَ مان انجنيئرنگ جي داخلا ڇڏي، هن قانون جي ڊگري يعني ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪئي.