چاچو نواز علي کوسو
ٿر جو هڪ ديومالائي
ڪردار
دولت رام کتري/مٺي
ٿر ۾ لوڪ ڏاهپ جي انوکي ڪردار ۽ تاريخ جي پارکو چاچي نواز علي کوسي،
جڏهن ڪارونجهر جي دامن ۾ پنهنجا پساهه پورا ڪيا، ته ٿر جون هوائون سوڳوار بڻجي
ويون. ڪارونجهر روئي ڏنو ۽ پارڪر جي پَڊن تي ڪولهين جا راسوڙا خاموش بڻجي ويا.
پنهنجي سِيني ۾ ٿر جي تاريخ سانڍي رکندڙ هن ديو مالائي ڪردار کي سنڌ جا ماڻهو ٿر
جي ”انسائيڪلو پيڊيا“ جي نالي سان پڻ ياد ڪن ٿا.