; سنڌي شخصيتون

13 December, 2011

پروفيسر ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو - رحيم بخش جمالي


پروفيسر ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو
سنڌ جي حال جي مهان شخصيت ۽ صدارتي ايوارڊ يافته
 رحيم بخش جمالي
انسان دوست، انسان ذات جي بي لوث خدمت ڪندڙ، مسيحا، پروفيسر، ڊاڪٽر يونس حيدر سومرو جي شخصيت، ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور جي سومرا خاندان جي اهم شخصيت، شهيد الله بخش سومرو جي فرزند حيدر بخش عرف مٺو خان سومرو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر يونس سومرو، هن وقت پرائيوٽ طور انڪل سريا ۽ لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ آرٿيوپيٽڪ سرجن طور انسان ذات جي خدمت ۾ رڌل آهي ۽ سندس جو ماٽو انسان ذات جي خدمت ڪرڻ آهي.

نورالدين سرڪي - غلام رباني آگرو

نورالدين سرڪي
وڳر کان وڇڙيل
غلام رباني آگرو
نورالدين سرڪي، سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ ڄائو. روزانه “ڊان” ڪراچيءَ ۾ ڇپيل خبر موجب سندس عمر اسي ورهيه ٿي. انهيءَ حساب سان سن 1927ع ۾ ڄائو هو. اسڪولي تعليم شڪارپور ۾ ورتائين، ڪاليجي تعليم لاءِ ڪراچيءَ آيو، جتي گذر سفر لاءِ نوڪري به ڪندو هو ۽ تعليم به جاري رکيائين. “ايم اي” سان گڏ “لا” جي ڊگري به ورتائين، پر وڪالت ڳچ عرصو پوءِ شروع ڪيائين.سالن جا سال اسلاميه ڪاليج ۾ ليڪچرار طور پڙهائيندور هيو.

ظفر حسن سيد

ظفر حسن

سنڌيت جو پرچارڪ



ظفر حسن سيد، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌ ڌرتي سان ”لا شريڪ لہ“ جي حد تائين عشق ڪيو. انهيءَ حوالي سان هو پنهنجي ذاتي توڙي ادبي زندگي ۾ پنهنجي ٺاهيل اصولن کان ڪڏهن به نه هٽيو. ظفر حسن سان انهن اصولن جي آڌار تي اختلاف ڪندڙ ماڻهو به سندس سچائي ۽ ايمانداري کان انڪاري نه هوندا هئا.

ڊاڪٽر غلام قادر سومرو - پروفيسر محمد هارون سومرو


ڊاڪٽر غلام قادر سومرو
سنڌي ٻوليءَ جو برک عالم ۽ اُستاد
پروفيسر محمد هارون سومرو
تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته؛ سنڌ ڌرتيءَ جي سيني تي هر دور ۾ اهڙا مانائتا ۽ ملهائتا انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن جن نهايت محنت ۽ مشقت، جفاڪشيءَ ۽ جانفشانيءَ سان بنا ڪنهن نمود ۽ نمائش، بغير اعلانن ۽ نعرن جي، پنھنجي قوم جي ترقي ۽ خوشحالي، تعليم ۽ تربيت ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙين ئي باصلاحيت، اَوِرچ ۽ ايماندار شخصيتن ۾ هڪ نالو، اسانجي محترم ۽ محبوب، استاد سائين غلام قادر سومري جو به آهي. سائين جن جي شخصيت ان لحاظ کان به مثالي آهي ته پاڻ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنم ورتائون ۽ هڪ مٿانهين مقام ۽ مرتبي تي پهتا ۽ اهو مثال قائم ڪري ڏيکاريائون ته قابل ۽ ڪارائتا انسان، فقط وڏن شهرن ۾ ئي نه پيدا ٿيندا آهن پر ننڍين وسندين ۽ واهڻن ۾ جنم وٺڻ وارا به پنهنجي محنت ۽ مشقت سان، اعليٰ ارفع مقام ماڻي سگهن ٿا ۽ اها روايت سنڌ اندر ته صدين کان جاري ۽ ساري آهي. مولانا ابوالحسن سنڌي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ماضي قريب ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽو، علامه آءِ آءِ قاضي، پير حسام الدين راشدي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ خان. اهڙا ٻيا به اڻ ڳڻيا نالا ان صف ۾ شامل آهن، جن جي علمي عظمت ۽ شهرت، سنڌ جون سرحدون لتاڙي ڏورانهن ڏيهن تائين پهتي. ڊاڪٽر غلام قادر سومرو به اهڙي ئي قيمتي مالها جو هڪ انمول موتي آهي، جنهن سڄي زندگي سنڌ اندر مختلف ميدانن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي علم جي روشني به پهچائي ته پنهنجين خداداد انتظامي صلاحيتن وسيلي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ نهايت همدرديءَ سان هتان جي عوام جي رهنمائي به ڪئي ته کين اڳتي وڌڻ لاءِ همٿائيندا پڻ رهيا.

گل نصرپوري - غلام محمد گرامي


گل نصرپوري
غلام محمد گرامي

اي موت! شل ڪو موت پَوَئي! شل مري وڃين!
سنڌي ادب ۾، گل نصرپوري، پنهنجي پياري شخصيت ۽ من موهڻي مورت جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ کي ورڇي ورهائي، ۲۹_ سيپٽمبر ۱۹۶۵ع تي الوداع ڪري ويو! گل واقعي اسم با مسميٰ گل هو. هڪ شريف ۽ ساده دل، با اختلاف ۽ صالح، صوم و صلوات جو پابند، هزار خوبين جو مالڪ هو!
اڃا شاخ حيات تي هوُ “نو شگفته گل” وانگر مکڙيءَ جي صورت ۾ ئي هو، ته خزان جي اڻمندائتي ۽ بيمهلائتي جهوٽي، کيس هميشه لاءِ ڪومائي، سڪائي، مروٽي ۽ نهوڙي رکيو!
ابتدائي تعليم، نصرپور ۽ ٽنڊي الهيار ۾ ورتائين. جدوجهد ۽ محنت ڪري، سنڌيءَ ۾ ايم.اي. پاس ڪيائين. آخري زماني ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ استاد ٿيو، ۽ استاد ٿي موڪلاڻي ڪيائين.

عطا حسين شاهه موسوي - غلام محمد گرامي


عطا حسين شاهه موسوي
غلام محمد گرامي

سنڌ جي مشهور تعليمي ماهر ۽ اديب، جناب سيد عطا حسين شاهه موسويءَ، روهڙيءَ ۾ 8_ جون 1966ع تي وفات  فرمائي. انا لله و انا اليہ راجعون.
مرحوم و مغفور، سنڌ جي هڪ بلند پايه سادات خاندان جو  چشم و چراغ هو، ان سان گڏ، هڪ وضعدار ۽ دوست نواز، انشاپرداز اهل قلم هو. سندس انداز بيان نهايت شسته ۽ شائسته، رنگين ۽ شيرين آهي.
پاڻ ساري عمر، تعليم جي خدمت ۾ گذاري، تعليم کاتي جي  هڪ وڏي عهدي تان رٽائرڊ ڪري چڪا هئا.
سندن زندگي، پنهنجي ننڍي ڀاءُ، عبدالحسين شاهه موسويءَ سان گڏ، نهايت خاموشيءَ سان گذري. پاڻ سهرت تي گمناميءَ کي ترجيح ڏيندا رهيا، ۽ کل خوشيءَ ۾ سڀڪنهن سان ناتو نباهيندا رهيا. هنگامه خيز ۽ جذبات انگيز مسئلن کان هميشه پري رهي، عملي طرح سان علمي توڙي ادبي، تعليمي توڙي اصلاحي خدمت ڪندا آيا.
سندن مقالات جو سلسلو، سنڌي ادب جي سڀني علمي ۽ ادبي رسالن ۽ اخبارن تائين وسيع رهندو آيو آهي.
تاليفات جي سلسلي ۾ سنڌ_سرهاڻ ۽ ڪچ ڪوڏيون_ سنڌي ادب ۾ اسلوب ۽ پيشڪش، مواد ۽  تنوع، جي حيثيت سان شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا.
پاڻ وڏا علم دوست ۽ مهمان نواز هئا. سندن علمي ڪتبخاني جا دروازا علم جي پياسن لاءِ هميشه کليل رهيا. اسان سندن وفات حسرت آيات تي، سندن ننڍي ڀاءُ عبدالحسين شاهه صاحب موسوي ۽ سندن فرزند سيد شفقت حسين شاهه موسوي (سابق صوبائي ميمبر) ۽ سندن پسماندن سان غم ۾ شريڪ آهيون. رب ڪريم شال کين جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سندن پسماندن کي صبر جميل عطا فرمائي.


يار محمد ٽانوري - غلام محمد گرامي


يار محمد ٽانوري
غلام محمد گرامي

سنڌ جو پراڻو اديب، شاعر، قومي ورڪر ۽ صحافي، جناب يار محمد ٽانوري، جمعي جي ڏينهن 20_ مئي 1966ع تي، دل ٽٽڻ جي ڪري، ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. انا لله وانا اليہ راجعون.
مرحوم مغفور هڪ علم دوست ۽ اهل قلم بزرگ هو. سنڌ جي پراڻن آثارن مان هڪ شاندار مثال هو. سنسد شعر و شاعريءَ جي تربيت، سنڌ جي مشهور عالم ۽ ادي، جناب حڪيم فتح محمد سيوهاڻي مرحوم ڪئي.
سندس ڪلام سنڌ جي جهونن رسالن توڙي اخبارن_ اسلامي دنيا، اسلامي زندگي، الوحيد ۽ اصلاح_ ڪراچيءَ ۾ ڪافي شايع ٿيل آهي.
پاڻ ڳچ عرصو، روزانه الوحيد ۾ به ڪم ڪيائين.
وطن جي آزاديءَ جي سلسلي ۾، خلافت تحريڪ ۾ هڪ سرويچ سپاهيءَ جي حيثيت سان شامل رهيو، ۽ وڏين وڏين ڪانفرنسن جي انتظامي ڪمن ۾، سندس جانفشاني ۽ جدوجهد تعريف جي لائق آهي.
ان طرح مسلم ليگ تحريڪ ۾ به سڀ کان اڳرو رهيو. اخري وقت تائين وطن جي محبت ۾ سرشار رهيو.
ادبي مجلسن ۾، جمعيت الشعراء سنڌ، بزم طالب المولا سنڌ، کان سواءِ، بزم نظامي، بزم سرشار ۽ بزم حڪيم کي هلائيندو آيو.
سندس جنازي نماز ۾ مسٽر جي.ايم.سيد، رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي ۽ ڪيترن مقامي اديبن، عالمن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. دعا آهي ته رب ڪريم شال کيس مرهي، ۽ سندس اولاد ۽ عيال کي صبر جميل جي توفيق عنايت فرمائي.

ساڌو واسواڻي - غلام محمد گرامي


ساڌو واسواڻي
غلام محمد گرامي

سنڌ جو مشهور عالم، فيلسوف ۽ آدرشي مهاپرش، ساڌو ٽي.ايل. واسواڻي 16_ جنوري 1966ع تي پوني (ڀارت) ۾ گذاري ويو.
ساڌو واسواڻي جي عالمانه شخصيت، بين الاقوامي شهرت حاصل ڪري چڪي هئي. سندس نام ۽ پيغام کان مشرق ۽ مغرب جا سڀئي علمي ۽ فڪري ادارا وافف هئا.
1940ع ۾ هڪ آمريڪي عالم ۽ سياح، پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي ته ڀارت جون ٽي جايون قابل ديد آهن__ تاج محل، جامع مسجد ۽ اجنتا. ان طرح ٽن ماڻهن کي ڏسڻ ڀاڳ جي نشاني آهي، رابيندرناٿ ٽيگور، گانڌي ۽ ساڌو واسواڻي. اها سنڌين لاءِ فخر جي ڳالهه آهي.
ساڌو واسواڻي، 25_ نومبر 1879ع تي، حيدرآباد سنڌ ۾ پيدا ٿيو. سندس اعليٰ شخصيت ننڍي ڄمار ۾ ئي علم ۽ فڪر جي عالم ۾ مستغرق رهندي آئي. مزهب جي سلسلي ۾ سڀني مذهبن جو مطالعو ڪري انهن جي صالح ۽ تعميري خيالات کي قبول ڪيائين. سندس اسلام ۽ پيغمبر اسلام، قرآن ۽ خلفائي راشدين لاءِ ڏنل تقريرون ۽ رايا، علمي دنيا ۾ سَنَد جو درجو رکن ٿا.

پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا - غلام محمد گرامي


پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا
غلام محمد گرامي

سنڌي ادب جي برک ليکڪ ۽ صوفي اهل قلم پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا، شڪارپور ۾ 30_ ڊسمبر 1965ع تي پرلوڪ پڌرايو.
پاڻ شڪارپور ۾ 1898ع ۾، هڪ مشهور شاهاڻي خاندان ۾ جنم ورتائين. اڃا اٺن ورهين جي ڄمار جو هو ته سندس والده وفات ڪئي. والده جي وفات کانپوءِ، سندس زندگيءَ ۾ عجيب ڦيرو آيو. سندس  خيال ويدانتي ۽ صوفياڻا هئا. ننڍي عمر کان وٺي، صوفين، درويشن، سامين ۽ جوڳين جي سنگت ۾ رهي، پاڻ ۾ روحاني رنگ پيدا ڪيائين. صوفين ۽ درويشن جي صحبت جي اثر ڪري اجائي ٺٺ ٺانگر ۽ شان شوڪت کان هميسه بيزار رهيو. شاهوڪارشاهيءَ  کان  نفرت هوندي هيس، ۽ طبيعت سادگيءَ ۽ فقيريءَ ڏانهن مائل هيس.
1913ع ۾، شڪارپور ايڪڊميءَ مان بمبئيءَ جي ميٽرڪ پاس ڪيائين، ۽ 1919ع ۾ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾، بمبئي يونيورسٽيءَ جي بي.اي. پاس ڪيائين، ان کان پوءِ ستت، برهمچاريه هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ هيڊ ماستر ٿي ڪم شروع ڪيائين. اتي ٻه سال ساندهه رهيو. ان کان پوءِ قومي اسڪول ۾ ٻيا ٻه سال ڪم ڪيائين. پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ هاءِ اسڪول ڪنڊيارو جو وائيس پرنسپال مقرر ٿيو.
سندس علمي ۽ ادبي زندگيءَ جو آغاز رسالي “سنڌوءَ” کان ٿيو. پاڻ “سنڌوءَ” جي شروعاتي ڇهن مهينن تائين، 1930ع ۾، ايڊيٽر ٿي رهيو.

گل محمد بلوچ - ڪامريڊ محمد عرس سيلرو



گل محمد بلوچ
باباءِ پورهيت - لڏي ڏور ويا ڏيان ڏوراپا ڪن کي
ڪامريڊ محمد عرس سيلرو
5 جولاءِ 1977ع تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو تختو اونڌو ڪري ضياءَ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري حڪومت تي قبضو ڪيو، انهيءَ دور ۾ لاڙڪاڻو ليبر فيڊريشن جو وڏو زور ۽ اثر هو.
فيڊريشن سان لاڳاپيل مزدورن فيصلو ڪيو ته مزدور اڳواڻن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ گهرجي، جنهن لاءِ شهدادڪوٽ ۾ ملا مسافر بلوچ جيڪو ان وقت رائيس فيڪٽري يونين جو جنرل سيڪريٽري هو، ان کي اميدوار مقرر ڪيو ويو، جنهن جي اليڪشن مهم گل محمد بلوچ هلائي. گل محمد بلوچ پنهنجي تقريرن ۾ مذڪر مونث جو خيال نه رکندو هو، سندس تقرير ماڻهن کي پسند ايندي هئي. جنهن جلسي ۾ گل محمد هوندو ته ماڻهو کيس شوق سان ٻڌندا هئا. انهيءَ اليڪشن مهم دوران گل محمد شهر کانسواءِ ٻهراڙين جي هارين ۾ عام ماڻهن ۾ مقبول ٿيو ۽ پوءِ اها اليڪشن 11 سالن لاءِ ملتوي ٿي وئي.

09 December, 2011

وڏيرو ملهه پالاري - شمس پالاري


وڏيرو ملهه پالاري
ٽن صدين جو شاهد
 شمس پالاري
ٽن صدين جي سفر جي اوکي واٽ تي هلندي، سنڌ جي تاريخ کي باب بنائي ويندڙ قدآور خوبين جو مالڪ وڏيرو ملهه خان پالاري هاڻي اسان وٽ نه رهيو آهي. ٽن صدين ۱۸۰۰، ۱۹۰۰، ۲۰۰۰ سال جي تاريخ، هن شخص کي گهڻو ڪجهه ڏنو ۽ گهڻو ڪجهه ورتو. ۱۲۶ سالن جي ڄمار رکندڙ ملهه پالاري، پنهنجي برادريءَ جي سردار گهراڻي سان تعلق هئڻ باوجود، ملڻ وقت محبت ۽ پيار جي ڄڻ پالوٽ ڪندو ھيو. سادگي پسند ۽ مهان نواز هو. سنڌ جي رهبر سائين جي ايم سيد سان سندس دوستي ۱۹۳۶ع کان شروع ٿي. سائين جي ايم سيد جي ويجهن ساٿين مان هو.

03 December, 2011

ڊاڪٽر بشير احمد شاد

ڊاڪٽر بشير احمد شاد

هڪ عالم اديب ۽ شاعر

رضوان گل



ڪائنات جي وسعتن ۽ ڌرتيءَ جي ڪشادگيءَ جو ڪاٿو ڪرڻ ته شايد ممڪن هجي پر ڪنهن جي پيار جي ڪٿ ڪرڻ انتهائي مشڪل مرحلو ٿئي ٿو. ڇو ته پيار جون معنائون هر ماڻهوءَ وٽ الڳ الڳ آهن، پر پيار هر معنى ۾ پنهنجي ڪشش ۽ خوبصورتي رکندڙ آهي. سدائين اڻ ميو پيار ڏيندڙ اهڙن ئي پيارن انسانن مان ڊاڪٽر بشير احمد شاد به هڪ آهي، جنهن سنڌي ادب ۾ شاعريءَ کان علاوه تحقيق ۽ لطيفيات جي حوالي سان قابلِ قدر ڪم ڪيو آهي.

02 December, 2011

Altaf Shaikh


Detailed bio-data of Altaf Shaikh

Full Name                        : ALTAF AHMAD SHAIKH               
             
Pen Name                        : ALTAF SHAIKH           
Father’s Name                : GUL MUHAMMAD SHAIKH         
Date of Birth                  : 14TH NOVEMBER 1944                       
Nationality                      : PAKISTANI   
Marital Status                 : Married (Wife Mastoora;
Two children: Mariam & Marvi)

ADDRESS                       : 2/II; 8th Gizri Lane, Phase IV,
                                        Defense Housing Authority,
                                        Karachi-75500; PAKISTAN.