چاچو عبدالله مڪاني
منظور ڪوھيار
ڪجھ ڏينهن اڳ منهنجي ننڍپڻ جي دوست سهيل مڪانيءَ پڇيو؛ ”هاڻي شخصي تاثر يا خاڪو ڪنهن تي لکندين؟“
چيومانس؛ ”تو تي!“
چيائين؛ ”مون کي ڇڏ، پهريان
بابا تي لک!“
سوچيم، ”سهيل تي ته ڪسو ڪانڊو
لکي سگھجي ٿو. ھم عصرن تي لکڻ ۾ گھاٽي واڌي ٿي وڃي ته خير آھي. پر سندس پيءُ عبدالله
مڪاني تي ڪيئن لکجي...؟ پاڙي جي بزرگن تي لکڻ مون کي اؤکو لڳندو آهي ته متان ڪا اڻ
سڌيءَ طرح گستاخي نه ٿي وڃي. اڳ ۾ لاهوري محلي لاڙڪاڻي جي ٽن بزرگن محمد حسين عرف
فقير غلام حسين مڪاني، قلندر بخش بدوي ۽ انيس انصاري تي ته سوانحي خاڪا لکي چڪو
هيس. پر ڪا شڪايت موصول نه ٿي ھئي. سندن پونيئرن شڪر گذاري جو اظهار ڪيو هيو. مثلًا
اسحاق انصاريءَ جو ۱۷ اپريل
۲۰۰۰ع تي، ڪراچيءَ مان موڪليل خط،
ان جو شاھد آهي، جڏهن هو اسٽيٽڪس ڊپارٽمينٽ، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ جوائنٽ ڊائريڪٽر
هيو.