; سنڌي شخصيتون: 2021

29 December, 2021

شيخ اياز- ۳

شيخ اياز- ۳

هڪ باغي، هڪ انقلابي شاعر

رام اوڏ



سياسي، سماجي ۽ ادبي تحريڪون ۽ رجحان هڪ شاعر تي اثر انداز ٿين ٿا. اهڙو ئي ڪو ڪرب هجي ٿو، جو هو رد عمل ۾ لکي ٿو. جنرل ايوب خان، جنرل يحييٰ خان ۽ جنرل ضياءَ جي آمريتي دؤرن شيخ اياز جي سوچ ۽ شعور کي سگھه بخشي. ۱۹۵۵ع کان نومبر ۱۹۶۹ع تائين ون يونٽ جي دؤر آهي، ان دؤر ۾ اياز  گهڻو سَٺو ۽ برداشت ڪيو، اياز جا ڪتاب “ڀونر ڀري آڪاس” ۱۹۶۴ع ۾، “ڪلهي پاتم ڪينرو” ۱۹۶۸ع ۾، “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي” ۱۹۸۶ع ۾ ضبط ٿيا. اياز کي سيپٽمبر ۱۹۶۵ع کان ڊسمبر ۱۹۶۵ع تائين پهريون دفعو جيل ياترا ڪرائي وئي. ايوب شاهي ٻيو دفعو نومبر ۱۹۶۸ع کان فيبروري ۱۹۶۹ع تائين ساهيوال جيل ڀيڙو ڪيو. اياز ٽيون دفعو مئي ۱۹۷۱ع کان جنوري ۱۹۷۲ع تائين جيل ۾ رهيو. اياز سياسي طور تي بزم صوفياءِ سنڌ، متحدا محاذ ۽ عوامي ليگ ۾ رهيو.

27 December, 2021

راز ناٿن شاهي

راز ناٿن شاهي

ناميارو شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ مصور

محمد سليمان وساڻ



ناليواري شاعر راز ناٿن شاهيءَ جو اصل نالو علي شير ولد نور محمد ميراڻي آهي، سندس جنم ۷ آگسٽ ۱۹۴۷ع تي ضلعي دادوءَ جي مشهور شهر خيرپور ناٿن شاهه ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم خيرپورميرس جي ناز هاءِ اسڪول مان حاصل ڪيائين. کيس ادب سان لڳاءُ پنهنجي ناني مرحوم محمد اعظم ’اعظم‘ ميراڻيءَ کان ورثي ۾ مليو. راز ناٿن شاهي ادبي دنيا ۾ ڪهاڻيڪار طور متعارف ٿيو. هي پهريان علي شير ۽ ’عين شين‘ جي نالن سان ڪهاڻيون لکندو هو. سندس لکڻيون سنڌي روزنامن، هفتيوار اخبارن ۽ مختلف ماهوار رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن. هڪ سال ڪهاڻيون لکڻ کانپوءِ سندس لاڙو شاعريءَ ڏانهن ٿيو، جنهن بعد ئي هن شعر جي مختلف صنفن تي به لکڻ شروع ڪيو. شاعريءَ ۾ ’راز‘ تخلص ڪتب آندائين. سندس شعر سنڌي زبان جي مشهور رسالن ۾ ڇپبا رهيا آهن. هو شاعر هئڻ سان گڏ هڪ بهترين ڪرڪيٽ رانديگر، اسٽيج فنڪار ۽ مصور پڻ آهي. هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي اٿس.

بدر ڌامراهو

بدر ڌامراهو

لطيف شناسيءَ تي ڪم ڪندڙ قلمڪار

استاد لغاري



لطيف شناسيءَ تي عالمانه معيار جو عاليشان ڪم ڪندڙ اديب، ڊاڪٽر بدر ڌامراهو صاحب جو تحقيقي ڪتاب “لطيفي انسائيڪلو پيڊيا” منهنجي ميز تي موجود آهي. دل چوي ٿي ته اڄ انهيءَ قيمتي ڪتاب مان، ڪُجھ قُرب جا ڪڻا ڪڍي، پنهنجو پيارو پياسي مِٺڙو مَنڙو مَنائجي. واضح هجي ته آئون ڪو نقاد ناهيان، جو مذڪوره ڪتاب تي تيز تند تکي تنقيد ڪريان يا چڱي چوکي چُڀندڙ چيرڦاڙ ڪري پنهنجي پاڻ کي مڃايان. مون کي صرف محبت جا ٻه ٽي ماڻڪ ۽ موتي مولڻا آهن. ٻه ٽي ٻاڙا ۽ ٻاتا ٻاتا ٻول ٻولڻا آهن ۽ ڳالهڙين جا ڳاڙها ڳُوڙها ڳهڻا ڳولڻا آهن. موجوده ويجھي دور ۾، لطيف شناسيءَ تي جيڪي اديب ۽ عالم ڪم ڪري ويا آهن، يا اڃان آلڙين اکڙين کي اوجاڳا ڏيئي لکي رهيا آهن، ته انهن ۾ محترم بدر ڌامراهو صاحب جو نالو مڙني کان مٿانهون بيٺو آهي. ٻين اهڙن عظيم عالمن ۾، سائين جي ايم سيد، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، ڊاڪٽر احسان دانش، ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، ڊاڪٽر شير مهراڻي، پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين، ج ع منگھاڻي، محمد حسين ڪاشف، معمور يوسفاڻي، انب گوپانگ، استاد امير علي خان، راهب علي لاڙڪ ۽ غلام شبير پيراهين سميت، سوين سَو نالا ڳڻائي سگھجن ٿا. (طوالت سبب هتي اختصار کان ڪم وٺجي ٿو) مِٺي مِٺي ماٺ ميٺ ۾، جرمنيءَ جي جوڙيل هٿ بٿيءَ ۾ گاسليٽ وجھي، وِلهِيءَ وٽ وڏي ڪري، اُن جِي جِهيڻِي ۽ جِهڪِي روشنيءَ تي، قيمتي ڪامياب قلمي پورهيو ڪندڙ، شاھ جو شيدائي ۽ لطيف جو پيارو پارکو، ڊاڪٽر بدر ڌامراهو صاحب، ڪتاب “لطيفي انسائيڪلو پيڊيا” جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو، ته “اسان هن وقت تائين، صرف فني ۽ فڪري لحاظ کان شاھ تي ڪم پئي ڪيو آهي. سائنسي ۽ تاريخي نقطهءِ نگاھ کان، شاھ تي ڪم ٿيو ئي ناهي.” بلڪل درست! اسان هن وقت تائين اهو به طئي ڪري نه سگھيا آهيون، ته “شاھ جو پنهنجو پيور، نج ۽ حقيقي ڪلام ڪهڙو ۽ ڪيترو آهي؟” مارڪيٽ ۾ ۱۰۰ قسم جا شاھ جا رسالا موجود آهن. هر هڪ رسالي ۾ ڪلام جو تعداد مختلف آهي ۽ سڀني سُرن ۾ فرق موجود آهي. نه فقط ايترو، پر بيتن ۽ واين جون پڙهڻيون به پنهنجيون پنهنجيون ۽ جدا جدا بيٺل آهن. بيتن جون اڌو اڌ سٽون اڳتي پوئتي ڪيل آهن. ڪن بيتن جون مورڳو سٽون ئي غائب آهن. سائنسي ۽ تاريخي نقطءِ نگاھ وارو ڪم ته انهيءَ کان اڃان اڳتي رهيو پيو آهي. بهرحال “جَنِ کي جِيائِين، پِريَنِ پاڻُ پَسائِيو، تَنِ کي تِيائِين، لِيئا پائِڻ آئِيا.” (شاھ)

21 December, 2021

ڪليم ٻٽ

ڪليم ٻٽ

محمد سليمان وساڻ



ڪليم ٻُٽ ۰۴ اپريل ۱۹۸۴ تي ضلعي دادو جي تعلقي مهيڙ جي ڳوٺ ٻُٽ سرائي ۾ ڄائو، سندس جنم سنڌ جي ناليواري تعليمدان، محقق ۽ ليکڪ ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ جي گهر ۾ ٿيو. هن وقت تائين ۱۲ جي لڳ ڀڳ ناول لکندڙ ڪليم ٻُٽ جي ٻي سڃاڻپ صحافي طور به آهي. ڪليم ٻُٽ هن وقت ميڊيا اسٽڊيز مان ايم فل ڪري رهيو آهي ۽ جنگ جي رپورٽنگ (وار رپورٽنگ) تي ايم فل جي ڊگري لاءِ تحقيقي مقالو لکي رهيو آهي.

ھدايت ڏيپر

ھدايت ڏيپر

ھڪ ڪويتاڪار جي جيون ڪٿا جي سفر  جا عڪس ۽ جنم ڏينھن.

خليق ٻگھيو



ڪي ماڻھو پنھنجي اندر ۾ نھايت پرفيڪٽ ٿين ٿا، ھِن مطلبي مفاد پرست ۽ ڪنزيومر سوسائٽيءَ ۾ پنھنجي رنج و غم، ڏُکن دردن، جا مسيحا به پاڻ ٿين ٿا، پر پيٽ جي  جابر مفلسيءَ کان، سماج جي روحاني تشدد وارن ذھني-غربتن تائين ھُو ڪِٿي به ڪنھن جي شڪايت نٿا ڪَن، ھُنن جي درياھ دلي روين جي چھرن ۾ ٻھڪندي آھي، ھُنن ھميشه ڏيڻ سِکيو آھي، پر اُنھن ڪردارن سان خود غرض سماج ٻه اکيائي ڪري ويندو آھي ۽ قسمت به موقعي جو فائدو وٺي کين رڻن ۾ رُلائي ڇڏيندي آھي، نتيجي ۾ اھڙا ماڻھو ڳوڙھن ڳاڙڻَ جي برعڪس، پاڻَ کي پاڻ ئي سگھارو ڪري وٺندا آھن، ڇو ته اُھي ڄاڻندا آھن ته وڇون پنھنجي فطرت کان مجبور ھُوندو آھي، بلائن جي مُنھن تي اڻ ڄاڻائيءَ سان پير اچي وڃي ته ماڻھو ڪکجي پوندو آھي، ڪم ظرف ماڻھن جو ظرف، گِلا سان وڌائي ناھي سگھبو، فيشن-پرست سماجي روين جي ھِن مصنوعي سماج ۾ ڪَئين واڳون واٽُن تي وات ڦاڙي بيٺا ھُوندا آھن، ھي ماڻھو نتيجي ۾ محتاط ٿي ويندا آھن پر ڪم ظرفيءَ، بي مروتيء، موقعي پرستيءَ جو جواب، ساڳين روين سان ڪونه ڏيندا آھن، آئون ھِن قسم جي ماڻھن جو دوست رھيو آھيان.

عبدالڪريم مغل

عبدالڪريم مغل



لالا نور خان نوناري

عبدالڪريم مغل، ٺل شهر ۾ پھرين جنوري ۱۹۶۱ تي، قادر بخش مغل جي گهر ۾ اک کولي. بنيادي تعليم ٺل مان حاصل ڪرڻ بعد، ميٽرڪ ۱۹۷۵ ۾ ميونسپل ھاءِ اسڪول جيڪب آباد ۽ انٽر ۱۹۷۹ ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مان ڪيائين. سال ۱۹۷۹ع ۾ ڊگري ڪاليج ۾ ليبارٽري اسٽنٽ مقرر ٿيو. سال ۱۹۸۶ ۾ ايم اي اسلامڪ ڪلچر، ۱۹۹۲ ۾ ايم اي جرنلزم ۽ ۱۹۹۴ ۾ ايم اي سنڌي مان ڪئي. ايم اي صحافت لاءِ روزانا “جاڳو” ڪراچي تي ھڪ مونوگراف لکي ڏنائين ۽ ان وقت ٺل جو پھرين ماڻھو ھو جنهن ايم اي صحافت ۾ ڪئي.

ڊاڪٽر پرسو گدواڻي

ڊاڪٽر پرسو گدواڻي

ڊاڪٽر ھدايت پريم 



سنڌي ٻوليءَ جو ھڪ نماڻو ۽ خاموش طبع محقق ڊاڪٽر پرسو جيسارام گدواڻي پوني جي مشھور ۽ معروف ڊيڪن ڪاليج ۾ سنڌي لسانيات جي شعبي ۾ ريڊر جي عھدي تي فائز آھي. گدواڻي صاحب پنهنجي سموري ڄمار سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ڪلچر تي تحقيق ۾ گذاري آھي. ھو ھند ۽ سنڌ ۾ بحيثيت ھڪ بهترين ماھر لسانيات طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سنڌي ادب ۾ ھو ھڪ اھم ۽ عزت ڀريو مقام رکي ٿو.

ڪامريڊ صالح بلو

ڪامريڊ صالح بلو

هڪ سچي سياسي ڪارڪن جو وڇوڙو

عوامي آواز ايڊيٽوريل



جهونو سياسي ڪارڪن، صحافي. سماجي اڳواڻ ۽ ادب دوست ڪامريڊ صالح بلو به هميشه جي لاءِ موڪلائي ويو. نوابشاهه  جي مٽي مان جنم وٺندڙ هن شخص سموري عمر عوام جي خدمت ڪندي گذاري، بلوغت واري وهي کان هن سماج جي مدي خارج ريتن رسمن ۽ ڏاڍ جي نظام کي ٽيڪ ڏيندڙ قانون خلاف جيڪو بغاوت جو جهنڊو هٿ ۾ کنيو هو، هن ان جو نه رڳومان رکيو پر پنهنجي ڳالهه تي عمر جي آخري گهڙي تائين به قائم رهيو. سموري سنڌ جا سياسي ڪارڪن صالح بلو کي هڪ سچي کري، بي لوث ۽ ايماندار ڪارڪن طور سڃاڻندا هئا.

10 December, 2021

بابو عبدالعزيز سومرو - امتياز منگي

بابو عبدالعزيز سومرو

امتياز منگي



سنڌ جو اهو اترادي شهر ڪشمور جنهن ۾ ڪنهن ماءُ جي هنج جهڙا جنڊي جا هندورا ڏسڻ لاءِ شڪارپور جا شهنشاه ڪاريگر صبح جو سوير نڪرندا هئا ته ٽوڙي بنگلي واري روڊ تي واقع ننڍي ڳوٺ چِمني، ڀرسان پري پري تائين ڦهليل تلائن وٽان گذرندي انهن کي ذري برابر به احساس نه هوندو هو ته ڪشمور ۾ کاٺ جي چِير مشين پويان هڪ اهڙو شخص به رهندو هوندو جو هن گولي جو پهريون سنگتراش آهي جيڪو ڪاٺي کي قوس و قزح بڻائيندو آهي. چنيوٽ شهر جا ڊکڻ، جڏهن هن سان ملن ٿا ته انهن کي پنهنجي بي رنگ فرنيچر کان الرجي ٿيڻ لڳي ٿي. پنهنجي ڌن ۾ مگن هن مست ملنگ کي اها پرواه ناهي ته اسلامي مملڪت هئڻ جي ناتي هو اسلامڪ آرٽ تي ڪم ڪري ها يا صادقين وانگر آيتون گهڙي ها ته کيس پذيرائي ملي ها؟ هن جي شاهڪار تخليقن کي پئرس جي لوور ميوزيم ۾ سجايو وڃي ها جيڪڏهن هي لاهور جي گلبرگ جو رهاڪو هجي ها. نيشنل ڪاليج آف آرٽس جا شاگرد پنهنجا رنگن وارا برش ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏن ها جڏهن هن جي فن جي نفاست کي پرکِن ها ۽ شايد هن  تي پي ايڇ ڊي ٿيڻ لڳي ها. هن فنڪار کي ڪل ئي ناهي ته هن جي فن کي تڏهن ساراهيو وڃي ها جڏهن هو ڪنهن وزير مشير جي عاليشان بنگلي تي جنڊِي جو ماڙيون ٺاهي ها؟ ڪير آهي اهو ڪلاڪار؟ بابو عزيز سومرو.

28 November, 2021

ڊاڪٽر آفتاب ابڙو

ڊاڪٽر آفتاب ابڙو

ٻولي ۽ لغت جي ماهر سان ڳالهه ٻولهه

انٽرويو : جاويد بوزدار



سوال: ڊاڪٽر صاحب ڪم جي حوالي سان، پنهنجو مختصر تعارف ڪرائجو؟

آفتاب: ادا، اوهان بهتر ڄاڻو ٿا ته مون سنڌي ٻولي ۽ لغت کي پنهنجو خاص موضوع بڻائي ڪم شروع ڪيو آهي، جيڪو ۳۵ سالن کان اڃا جاري آهي. هن وقت مون وٽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران هڪ پراجيڪٽ آهي: “شاهه جي رسالي جي جامع لغات” جي ترتيب. اهو ڪم ڪريان پيو. هن وقت تائين لغات جي حوالي سان شاهه لطيف تي جيڪي ڪم ٿيو آهي، اهو سامهون آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه جي رسالي جي لغت “روشني” جي نالي سان ۲۰۰۲ع ۾ شايع ڪرائي هئي، اها به سامهون آهي. پنهنجي طرفان تياري هيٺ لغت ۾ ۱۳ وڌيڪ حوالا درج ڪيا اٿم. اميد ته ان جي اشاعت سان، لطيف فهمي ۾ وڌيڪ آساني پيدا ٿيندي. ان ڏس ۾ اوهان جو به مون سان خاص سهڪار آهي ۽ اوهان پڻ ان فيلڊ ۾ سٺو موکيو آهي. مانواري سائين سوز بلوچ جو به سهڪار حاصل اٿم. جڏهن ته خاص رهنمائي پروفيسر محمد سليم ميمڻ جي حاصل آهي. اميد ته ٻن مهينن اندر پنجن سرن تي ٻڌل پهريون جلد پڌرو ٿي ويندو. سڀني سُرن تي ٻڌل ان لغت جا ڪل پنج جلد ٿيندا. پهرين جلد جي تياري ۾، اسان کي ٻه سال لڳا آهن، ڇاڪاڻ ته اسان رسالن ۾ آيل لفظن جي مختلف پڙهڻين کي به سامهون رکيو آهي. ان نوعيت جو ڪم اڳ نه ٿيو آهي. ان کان علاوه لفظن جي سڀني، پهلوئن تي وڏي ويچار سان غور ڪري رهيا آهيون. بنيادي ڪم ٿي ويو آهي. باقي جلدن ۾ اسان کي وڌيڪ ٻه سال لڳندا.

بيگو خان مسخرو

بيگو خان مسخرو

سنڌ جو لوڪ مسخرو

غلام حسين لغاري



ٽي ڏهاڙا اڳ ۲۸ فيبروري تي سنڌ جي لوڪ مسخري محمد فقير جي ۳۳ هين ورسي ملهائي وئي. اڄ وري سنڌ جي هڪ ٻئي ڀلوڙ لوڪ مسخري خان صاحب بيگي خان جي پنجين ورسي آهي. سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي منفرد مزاحيه فن وسيلي مرڪون وکيريندڙ هي لوڪ مسخرو ۳ مارچ ۲۰۱۳ع تي فالج جي بيماري ڪارڻ هي فاني دنيا ڇڏي پنهنجي پويان لکن جي انگ ۾ سوڳوار چاهيندڙ ۽ خاندان جا ماڻهو ڇڏي هليو ويو هو. هن وقت پاڻ ٽنڊي آڊم لڳ آبائي قبرستان حمزوخان ملوکاڻي ۾ ابدي آرام ۾ ستل ۽ سنڌ جي ثقافت کاتي جي نظرن کان اهڙي طرح اوجهل آهي جهڙي طرح محمد فقير مسخرو گذريل ۳۳ سالن کان اوجهل رهندو پيو اچي.

منور ابڙو

منور ابڙو

رنگن، پاڇن ۽ لڪيرن جو جادوگر

آصف رضا موريو



منور ابڙو ۲۴ ڊسمبر ۱۹۶۸ع تي لاڙڪاڻي شهر جي تعلقي ڏوڪري سان متصل ڳوٺ پيارو واهڻ ۾ پيدا ٿيو. بنيادي طور تي منور هڪ سول انجنيئر، شاعر ۽ چترڪار آهي پر سندس شهرت جو سبب، سندس ٺاهيل خوبصورت ڪارٽون آهن. جيڪي شايع ٿيندڙ مختلف اخبارن، رسالن ۽ جريدن جي زينت بڻيا رهن ٿا. منور، مهراڻ يونيورسٽي نواب شاه مان ۸۸ بئچ مان سول انجنيئرنگ جي ڊگري ۱۹۹۳ع ۾ حاصل ڪئي. ۹۶/۱۹۹۵ جا ٻه سال نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۾ بطور ڪنسلٽنٽ ڪم ڪيو. جتان دنياءِ آرٽ ۾ قدم رکڻ لاءِ، استعيفى ڏني.

پروفيسر مختيار چنو

پروفيسر مختيار چنو

ڪھاڻيڪار، نثرنويس، تعليمي ماھر سان فاصلاتي غير رسمي ڪچهري!

مٺل جسڪاڻي



مختيار چنو اوهان مان ڪن ڏٺو، ڪن ٻُڌو، ڪن پڙهيو هوندو، ساڻس ڪن ملاقاتون، ته ڪن ڪچهريون به ڪيون هونديون. مون کي سندس متعلق ڪا ٻُڌ سُڌ نه هئي! هن پهريون دفعو ڊسمبر ۲۰۱۸ع ۾ عالمي اوطاق (فيس بوڪ) وسيلي رابطو ڪيو، سندس اهو ڪم ٿيو، يا نه، مئي ۲۰۲۰ع دوران مون “فيس بوڪ انٽرويو سلسلو هلايو، ته هن ف ب انباڪس نياپي ۾ لکي موڪليو “مانائتا سائين، انٽرويو واري سلسلي لاءِ هڪ راءِ آهي. جنهن به تخليقڪار جو انٽرويو آهي. ان سان هن جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ تخليق به شامل ڪريو. پوءِ شخصيت سان گڏ، ان جي تخليق جي صلاحيتن جو اندازو به لڳي ويندو”. مون ورندي ڏني “لک ٿورا، قرب. ادا، تجويز ته معقول آهي، پر.... جيڪڏهن ڪو ناول لکندڙ آهي ته؟ جن جا انٽرويو هلي ويا، انهن جو ڇا ڪجي؟ جيڪو ليکڪ نه آهي، پر امتيازي شخصيت آهي، ان جو انٽرويو، بنا تخليق مونجهارا پيدا ڪندو.” ان تي مختيار لکيو “جيڪو ناول نگار آهي ته يقينن شارٽ اسٽوري به لکندو هوندو. جيڪو گذري ويو. سو ته ويو. اوھان بهتر ڄاڻو ٿا. ڄڻ شخصيت مڪمل ٿي ويندي.” مون کيس لکيو “مهرباني. اڄ تيرهين ڪڙي پوسٽ ٿي چڪي، پنجاهه ڪڙيون پهتل، فائينل ٿيل، صرف پوسٽ ڪرڻ جي واري جي انتظار ۾ آهن. منهنجو اندازو آهي، ته وڌ ۾ وڌ به ٽوٽل هڪ سئو انٽرويو هلندا. اڌ ۾ تخليق هجي، اڌ ۾ نه، مزو نه ڪندو. ۽ انٽرويو سلسلا ٻين جا هلن پيا، ٻين جا شروع ٿيندا. مڪمل ڪير به نه هوندو، هي سلسلو، جيئن مون مناسب سمجهو، شروع ڪيو. هن کان بهتر انداز ۾ ٻيا ڪري سگهن ٿا، انهن کي ڪرڻ گهرجي. اوهان جي دلچسپي ۽ صلاحون ڏيڻ جي مهرباني. مستقبل ۾ نئون سئون سلسلو هلايم، ته اهو هن کان مختلف هوندو، ان ۾ تخليق جي گنجائش رکبي. هڪ دفعو وري به مهرباني.”

رسول ميمڻ

رسول ميمڻ

هڪ عظيم دانشور جو وڇوڙو!

ليکراج ميگھواڙ



هوُ جيڪو سوچ فِڪر علم ادب ۽ تنقيدي نِگاھه جو پيروڪار هو. هو جيڪو ننڊ ۽ آرام ۾ سائنسي فلسفي جي ذرڙن کي ميڙيندي جاچيندي پروڙيندي انهن نتيجن کي جڏھن ڪاغذ جي سيني تي ڪارن نيرن ۽ ساين اکرن سان لکي ڏسندو هو ته هُو وشال ڪائنات جي انهن پيچيده پيچرن تي هلڻ شروع ڪندو هو! هو اهڙي ئي تفڪر کي روحُ جي غذا ۽ حياتي جي بقاءَ جو گيان پيو سمجهندو هو ۽ ڳوليندو به هو. هو هميشه اهو چوندو هو ته “زندگيءَ جي حسن جو جوهرَ جستجو تڙپ ۽ جدوجهد ۾ ڦٽو ڪيل آھي!” اُھو شخص اُھو دانشور اُھو ماڻھو اڄ اسان کان جسماني طور جدا ٿيو آھي. جنهن لکيو هو ته؛

موت انڌو آهي، جيڪر اهو تنهنجو چهرو ڏسي ته زندگيءَ تي عاشق ٿي پئي. موت بي رحم بادشاھه آهي جنهن جي درٻار ۾ مھلت ڪنهن به ڪرسيءَ تي ويٺل نه آھي موت ٻوڙو سردار آهي جنھن تي آهُنِ جو ڪو اثر نه آهي، موت انڌو فقير آهي! جيڪو بنا تفريق سڀني جي در تي سَينَ هڻي ٿو.

بخشل باغي

بخشل باغي

املهه انسان - سلسلو ۸۷

حفيظ چانڊيو



سندس ڏاڏاڻو نالو ته الله بخش خشڪ آهي، پر ادب جي ڪڙم قبيلي ۾ هن کي مزاحمتي شاعري ۽ فڪرِ سائين جي ايم سيد سان سلهاڙيل هجڻ سبب بخشل باغيءَ جي نالي ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو آهي.

ڊاڪٽر فياض لطيف

ڊاڪٽر فياض لطيف

(شاعر، مترجم، محقق ۽ نقاد - جنم ڏينهن جي نسبت سان ڀيٽا)

ساجد رند



بشير احمد عرف “فياض لطيف“ پھرين اپريل ۱۹۷۲ع تي ڳوٺ فقير محمد چانڊيو، تعلقو ڏوڪري، ضلعو لاڙڪاڻي ۾، محمد محسن چانڊيو جي گھر ۾ جنم ورتو.

پاڻ ۱۹۹۴ع ۾ ايم اي (سنڌي ادب)  ۾ ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان “شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جماليات “جي موضوع تي ايم فل ڪيائين.

پيشي جي لحاظ کان لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج ۾ سنڌي جو ليڪچرر مقرر ٿيو، جڏهن ته ھن وقت سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ سنڌي جي شعبي ۾ تدريسِي خدمتون سرانجام ڏئي رھيو آھي.

فرزانه شاھين

فرزانه شاھين

ماٺيڻي ۽ سنجيده ڪھاڻيڪاره ۽ شاعره

علي محمد درد سولنگي



ڏٺو ويو آهي ته ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ پڙھندڙ ڇوڪرين جو شعر و شاعريءَ ڏانهن لاڙو وڌيڪ ھوندو آهي، هو شعر پڙهنديون ۽ شاعري به ڪنديون آهن، مگر ھي شوق ڪاليج، يونيورسٽي يا طالب علميءَ جي زماني تائين رھندو آهي، ان کان پوءِ هو جڏهن پروفيشنل/ عملي زندگيءَ ۾ اچن ٿيون ته سندن هي شوق ننڍپڻ ۽ شاگرديءَ واري دور جي ٻين دلچسپين ۽ مشغولين جيان پٺتي رھجي ويندو آهي، ڪجھ ڇوڪريون اھڙيون به هونديون آهن جيڪي پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ ۽ عملي زندگي ۾ قدم رکڻ کان پوءِ به لکڻ وارو عمل جاري و ساري رکيو اچن، انهن ئي شاعرائن/ليکڪائن مان فرزانه شاهين به آهي.