ھدايت ڏيپر
ھڪ ڪويتاڪار جي جيون ڪٿا
جي سفر جا عڪس ۽ جنم ڏينھن.
خليق ٻگھيو
ڪي ماڻھو پنھنجي اندر
۾ نھايت پرفيڪٽ ٿين ٿا، ھِن مطلبي مفاد پرست ۽ ڪنزيومر سوسائٽيءَ ۾ پنھنجي رنج و غم،
ڏُکن دردن، جا مسيحا به پاڻ ٿين ٿا، پر پيٽ جي
جابر مفلسيءَ کان، سماج جي روحاني تشدد وارن ذھني-غربتن تائين ھُو ڪِٿي به ڪنھن
جي شڪايت نٿا ڪَن، ھُنن جي درياھ دلي روين جي چھرن ۾ ٻھڪندي آھي، ھُنن ھميشه ڏيڻ
سِکيو آھي، پر اُنھن ڪردارن سان خود غرض سماج ٻه اکيائي ڪري ويندو آھي ۽ قسمت به
موقعي جو فائدو وٺي کين رڻن ۾ رُلائي ڇڏيندي آھي، نتيجي ۾ اھڙا ماڻھو ڳوڙھن ڳاڙڻَ
جي برعڪس، پاڻَ کي پاڻ ئي سگھارو ڪري وٺندا آھن، ڇو ته اُھي ڄاڻندا آھن ته وڇون پنھنجي
فطرت کان مجبور ھُوندو آھي، بلائن جي مُنھن تي اڻ ڄاڻائيءَ سان پير اچي وڃي ته ماڻھو
ڪکجي پوندو آھي، ڪم ظرف ماڻھن جو ظرف، گِلا سان وڌائي ناھي سگھبو، فيشن-پرست سماجي
روين جي ھِن مصنوعي سماج ۾ ڪَئين واڳون واٽُن تي وات ڦاڙي بيٺا ھُوندا آھن، ھي ماڻھو
نتيجي ۾ محتاط ٿي ويندا آھن پر ڪم ظرفيءَ، بي مروتيء، موقعي پرستيءَ جو جواب، ساڳين
روين سان ڪونه ڏيندا آھن، آئون ھِن قسم جي ماڻھن جو دوست رھيو آھيان.