; سنڌي شخصيتون

28 April, 2023

عبدالقدير ڪاڃون

عبدالقدير ڪاڃون

علم، حلم، سوچ ۽ سچائي جو پيغام پهچائيندڙ شخصيت

زاهد علي ڀٽو



هو نه وڏيرو آ، نه سردار، نه ڀوتار نه ئي پير نه مير نه ڪو بلڊر، نه سيٺ نه سرمائيدار آ، نه ئي ايم پي اي نه ايم اين اي نه وزير نه مشير پر هو انتهائي سادگي پسند، صوم صلات جو پابند استاد عبدالقدير ڪاڃون صاحب آهي جيڪو تازو سرڪاري نوڪري تان رٽائر ٿيو آهي، ۽ پنهنجوگهڻو وقت الله ۽ رسول جي حڪمن جي پيروي ڪندي حقوق الله سان گڏ حقوق العباد پورا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هوندو آهي.

پرڀداس تولاڻي

پرڀداس تولاڻي

لاڙڪاڻو جي تاريخي تهذيبي عمارت تولاڻي هائوس جو ٺاهيندڙ ۽ سندس پونئير

آصف رضا موريو



لاڙڪاڻو شهر جي ميونسپالٽي آفيس کان ٿورڙو ڏکڻ طرف موجود سرهيه پڌر ۽ نانو پڌر سان ڪلها ملايون هي تاريخي عمارت تولاڻي بنگلو موجود آهي جنهن کي ورهاڱي کان سترهن سال اڳ ۱۹۳۰ع ڌاري لاڙڪاڻو جي امير هندو زميندار سخاوت راءِ جي پٽ پرڀداس تولاڻي ٺهرائي هئي جن جي ۱۹۴۷ع ۾ انڊيا لڏي وڃڻ کان پوءِ سرڪار پاران ڪرايل آڪشن ۾ اها تاريخي اڏاوت تر جي هڪ زميندار مسعود علي فاروقي ٽيهه هزار روپين ۾ خريد ڪئي هئي. فاروقي خاندان نه رڳو هن عمارت جو مالڪ آهي پر سنڀاليندڙ پڻ آهي جو هڪ سو سال جي عرصي کان هن عمارت کي جيئين جو تيئين سنڀالي رهيا آهن.

شھزادو گلفام

شھزادو گلفام

عبرت، فلم ۽ گلفام

مير اعظم علي ٽالپر



اڄ ۲۴ اپريل جي تاريخ آهي، گذريل سال هن ئي تاريخ تي روزاني عبرت جي فلم ايڊيشن جي انچارج شهزادي گلفام جي هن دنيا مان موڪلاڻي ٿي هئي. شهزادو گلفام جنهن جو اصل ۽ پورو نالو غلام محمد ولد علي محمد ميمڻ هو، جنهن جو جنم ادبي لحاظ کان ادب واري زمين ٽَکَڙ ۾ ٿيو هو. جتي اڄ به تاج ٽکڙائي جهڙا شاعر موجود آهن. شهزادي گلفام جي اها وڏي خوش قسمتي هئي، جو سندس ڀرپاسي ۾ ادب ۽ ثقافت جو گهيرو هو. هن شروعاتي تعليم ٽکڙ ۾ حاصل ڪئي (پرائمري اسڪول ٽکڙ). پر غلام محمد ميمڻ (ان بعد المعروف شهزادو گلفام) کي سندس عزيز محمد خان غني ان وقت تعلقه گُوني هاڻ ٽنڊو محمد خان ضلع مان پاڻ گڏ حيدرآباد ۾ وٺي آيو ۽ هي ۱۹۴۷ع جو زمانو هو. غلام محمد ميمڻ شهزادو گلفام بڻجڻ کان پهرين نور محمد هاءِ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لڳو. ان کانپوءِ سٽي ڪاليج ۽ مسلم ڪاليج ۾ به پڙهيو هو.

27 April, 2023

پروفيسر تحسين ڪوثر انصاري

پروفيسر تحسين ڪوثر انصاري

سنڌ جِي قابلِ تحسين تعليمدان

نصرت سڪندر



سنڌ جِي ناميارِي تعليمدان، تعليمي منتظم ۽ نصاب جي ماهر، پروفيسر تحسين ڪوثر جو جنم ۲۸ اپريل ۱۹۶۳ع تي، ڀلاري ڀٽائيءَ جي پاڙي ۾، تڏهوڪي ضلعي حيدرآباد ۽ هاڻوڪي مٽياري ضلعي جي تاريخي ۽ ثقافتي شهر هالن (هالا نوان) ۾ هڪ پڙهيل ڳڙهيل علمي گهراڻي ۾ ٿيو. سندس والد انجنيئر عبدالغفار انصاري، ورهاڱي کانپوءِ شروع وارين بئچز ۾ تعليم حاصل ڪندڙ سنڌي تعميراتي (سِول) انجينئرز مان هڪ هو، جنهنکي ٽن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان چوٿِين نمبر نياڻي تحسين هئي. سندس مثالي پرورش دؤران سندس توڙي سندس ٻين ڀينرن جي تعليم تي پڻ پُٽن جي تعليم جيان خاص ڌيان ڏنو ويو. تحسين جِي پرائمري تعليم تي ملڪ جي سياسي اُٿل پُٿل وڏي اثر انداز رهي. کيس ۱۹۶۸ع ۾ پرائمري تعليم لاءِ هالن جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، پر جلد ئي پنهنجي والد جي ملازمت سبب سندس خاندان کي عارضي طور اوڀر پاڪستان (هاڻوڪي بنگلاديش) لڏي وڃڻو پيو، جنهنڪري تحسين پنهنجي پرائمري تعليم جو سلسلو، بنگلاديش جي شهر چٽاگانگ جي ’فاطمه پرائمري اسڪول‘ ۾ جاري رکيو. سُتت ئي ننڍي کنڊَ جي سياسي حالتن وڏي قلابازي کاڌي ۽ ڊسمبر۱۹۷۱ع ۾ اوڀر پاڪستان، اولهه پاڪستان کان ڌار ٿيڻ جو سانحو پيش آيو، ته سندس خاندان کي موٽي باقي بچيل پاڪستان ڏانهن ورڻو پيو. اهڙيءَ طرح تحسين، پرائمري تعليم جا پنج درجا حيدرآباد جي ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس مان ۱۹۷۵ع ۾ مڪمّل ڪيا. جنهن بعد هن ’گورنمينٽ گرلس مِيران اسڪول‘ مان اٺون درجو پاس ڪري، ۱۹۸۰ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. ان کانپوءِ هن ’ڊاڪٽر ايڇ آءِ زبيري ڪاليج‘ حيدرآباد مان ۱۹۸۲ع ۾ انٽرميڊيٽ جو امتحان پاس ڪيو. تعليم ۾ خاص دلچسپيءَ سان گڏوگڏ تحسين، ٻاراڻي وهيءَ کان راند روند ۾ پڻ چست رھي.

علي محمد شاھ لڪياري

علي محمد شاھ لڪياري

اَجرڪ جي پَٽڪي وارو صحافي - اپريل ۲۰۰۳ع

بخشل باغي



اڄ جڏهن سائنس جي حيرت انگيز ترقيءَ هن سموري دنيا جي گولي کي گلوبل وليج ۾ تبديل ڪري انسان جي وچ ۾ بڻايل سرحدن کي اليڪٽرونڪ ميڊيا ذريعي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ سماجي لڳ لاڳاپن کي وار جي سنهڙي وٿيءَ کان به ويجهڙو ڪري عالمِ انسان لاءِ ڪيڏين نه رشتن ۽ واسطن جي وڏين مفاصلن تي رابطن ۽ ذهنن جون پُلون جوڙي ڇڏيون آهن، جو دنيا هڪ اهڙو سهڻو ۽ سٻاجهڙو ڳوٺڙو بڻجي پئي آهي، جنهن ۾ ڪيترا ئي سماج، معاشرا، پنهنجن مڙني تاريخي، تهذيبي، ثقافتي، تمدني، مذهبي، نظرياتي، فڪري، سياسي، ادبي، سماجي شناساين سان الڳ الڳ ڄاتا ۽ سڃاتا وڃن ٿا، ڇو ته هر معاشرو يا سماج فردن جي ئي بنياد تي ٺهندو ۽ ڊهندو رهندو آهي. فرد ئي پنهنجي معاشري جا اخلاقي قدر جوڙيندا ۽ ٽوڙيندا آهن. جهڙيءَ طرح هر معاشري جو فرد سان تعلق آهي، بلڪل اهڙيءَ ريت هر فرد جو به ان جيترو، بلڪ ان کان به گهڻو تعلق يا سُٻنڌ رهي ٿو ۽ پوءِ ان سُٻنڌ جي ناتي هر فرد تي اها ذميداري عائد ٿئي ٿي ته هُو پنهنجي سماج ۾ ڪيترو سماجي قدرن جي رکوالي ڪري ٿو ۽ هو باشعور هئڻ جي ناتي ڪيتري قدر سماجي واسطن کي نباهي ۽ قائم رکي ٿو، جڏهن ته اها ساڳي ذميواري معاشري جي هڪ عام فرد کان وڌيڪ وري ان فرد تي عائد ٿئي ٿي، جيڪو ان معاشري جو شعور وند فرد آهي، پوءِ ڇو نه ڀلي ان جي حيثيت معاشري ۾ فنون لطيف جي ڪنهن به شعبي سان تعلق رکندي هجي. يا ڪابه شخصيت فن جي دنيا ۾ ڪيتري به حيثيت جي حامل هجي، پر ان شخصيت وارو فرد سماجي لڳ لاڳاپن کان وانجهيل، ڪن لاٽار ڪندڙ هڪ غير ذميوار ۽ پنهنجي سماجي زندگيءَ ۾ مُنافق آهي ته ان جي اها فن واري خوبي رڳو ان فرد جي لاءِ شهرت ته بڻجي سگهي ٿي، پر ان سماج لاءِ سواءِ ڪنهن ناسور جي گهٽ نه آهي، جنهن سماج جا سور يا درد انهيءَ فرد جي فني اظهار جا موضوع يا بنيادي مُحرڪ آهن.

26 April, 2023

سليم چانڊيو

سليم چانڊيو

(املھ انسان - سلسلو ۱۶۲)

حفيظ چانڊيو



ڪي ڪي ماڻهو وساريندي به ناهن وسري سگهندا، سندن معصوم چهرو، سدا سهاڳڻ مرڪن جيان اکين آڏو هوندو آهي. ساڻن گهاريل پل، ٽهڪ ذهن ۽ ضمير کي ياد جون چهنڊڙيون پائي، پنهنجي موجودگيءَ جو احساس پئي ڏيندو آهي. سليم چانڊيو به اهڙن نه وسندڙ املھ انسانن مان هڪ آهي، جنهن جي ڪمهلي وڇوڙي جو وڍ لحد تائين تازو رهندو. هو پرائمريءَ ۾ استاد جو، رشتي ۾ پڦاٽ ٿئي ها، بحيثيت هڪ استاد جي ذميداري سان شاگردن کي پڙهايو. ٻارڙن کي سنڌي الفابيٽ جي ٻاونجاھ اکري کان پنجين درجي تائين سڀوئي نصابي ڪتاب پڙهائي، هنن جي علمي اڃ اجهائيندو رهيو. هو جنهن به اسڪول بدلي ٿي ويو، اتي سچائيءَ سان اسڪول ويو ۽ پڙهائيندو رهيو. شاگردن توڻي شاگردياڻين ۾ نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين تحت سندن ذهني نشونما ڪيائين، کين علم جي روشن واٽ تي هلڻ سيکاريو. ڏڏَن ۽ ڳوٺاڻن ڇوڪرن کي ڏاهپ جا ڏس ڏنا. کين سماج ۾ اٿڻ ويهڻ ۽ زندگيءَ جي کوڙ معاملن ۾ پر اعتماد ٿي حل ڪرڻ جو هنر ڏنو. هو شفيق انسان هو. ٻاجهارو ۽ محنتي، ڪجھ ڪرڻ جي جذبي سان سدائين سرشار رهيو. هو نج قبيلائي ماحول ۾ قائم اسڪولن ۾ همت ۽ حوصلي سان پڙهائيندو رهيو، نئين نسل جي آبياري لاءِ وقت جي ڌاڙيلن جا دهمان سهندو رهيو، ڪنهن سان ٻاڙو ٻولڻ سندس وڙ نه جو. هو خوددار، محنت ڪش ۽ اورچ انسان هو. سندس حوصلي ۽ نيڪ نيتيءَ آڏو ڪيترا ئي ڪاٽڪو چور ۽ لوفر شرمائيندي ڏٺا. وقت جو ايترو پابند جو ٻه ڪلو ميٽر اسڪول ڀلي کڻي ڇو نه پري هجيس، پنڌ وڃي به اسيمبليءَ کان پنج يا ڏھ منٽ اڳ ۾ پهچي ويندو هو. نوڪريءَ کان اڳ سائين سليم چانڊئي وڏا ڏکيا ڏينهن ڏٺا. وٽس ايترا پئسا نه هوندا هئا جو عيد برات ڪو چڱو پائي ۽ دل گهري ڪا شيءَ وٺي کائي سگهي. پيٽ گذر لاءِ هن پڙهئي لکئي نوجوان ڪراچيءَ جي گارمينٽ فيڪٽرين جا پڻ چڪر ڪاٽيا. پنهنجن پراون جي مثبت ۽ منفي روين کان واقف ٿيو. ماحول جي آلودگي يا فيڪٽرين ۾ سندس من ڪو نه ريهجيو ته سڌو ڳوٺ سيد واھ تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور واپس وريو. والد پنهل چانڊئي سان ٻني ٻاري جو ڪم ڪرائيندو رهيو، ٿوري عرصي کان پوءِ کيس تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد جي نوڪري ملي. سندس روزگار جو الڪو دور ٿيو ۽ ڪنهن عظمت ڀرئي شعبي ۾ هن کي نوڪري ملي، دل جي سچائي ۽ ايمانداري سان پڙهائيندو رهيو.

الطاف سمون

الطاف سمون

املھ انسان - سلسلو ۱۶۱

حفيظ چانڊيو



اڄ ڪلھ راڳ ۽ راڳي اڻ لڀ ٿي ويا آهن. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا فنڪار هوندا، جن کي راڳ ويراڳ جي بخوبي خبر هوندي، باقي ته فنڪارن جي اڪثريت الائي ڇا ڳائي رهي آهي. هونئن ته موسيقي روح جي غذا آھي، پر اسان وٽ راڳ کي مشهوري ۽ ڪمائڻ جو ذريعو بڻائي راڳ جي اصل روح کي رنجايو پيو وڃي. اسان جي لاڙڪاڻي ۾ ٻين شعبن جيان موسيقيءَ جي ميدان ۾ کوڙ اهڙا فنڪار آهن، جن راڳ کي عبادت سمجهي، موسيقي ۾ جدت آندي آهي. اهڙو ئي هڪ سريلو آواز رکندڙ الطاف سمون به آهي، جنهن ۱۵ البم رليز ڪرائي، کوڙ سارا گانا ڳائي، عوامي مقبوليت ماڻي آهي.

مُحمّد دين راڄڙي

مُحمّد دين راڄڙي

باشعور سماج جوڙڻ جنهنجي زندگي جو منشور آھي

زاهد علي ڀٽو



سِنڌ جي عام ٻهراڙين جيان سهولتن جي اَڻهُوند واري ڳوٺ (عبدالله راڄڙي)سانڪو ۾ عِيسوي سال جي پهرين ڏينهن يعني پهرين جنوري سال اڻويھ سئو ٽياسي ۾ هڪ غريب هاري جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ٻار جيڪو ڄمڻ سان ئي ناناڻن کي بخشش ٿي مليو. جنهن جو ٻيو ڪو سبب نه بلڪه سندس ناناڻن ۾ پُٽ جو ٻار ڪو، ڪون هو ۽ سندس ناناڻن کي پُٽ جي ٻار جي ڏاڍي سِڪ هئي.

سچيڏنو ڪلوڙ

سچيڏنو ڪلوڙ

(يادگيريون)

مشتاق ڪلوڙ



دنيا جنھن تيز رفتاريءَ سان وڌي رهي آهي ۽ روز نيون ايجادون ٿي رھيون آهن ان سان سڄو نظام ۽ ڪارِوھنوار برابر متاثر ٿي رهيو آهي جيڪا ھڪ فطري ڳالهه آهي. اسان ننڍا هئاسين ته لينڊ لائين فون ھوندي ھئي. اُھا به عام نه ھُئي. اُھا سھولت به ڪنھن ڪنھن وٽ موجود ھوندي ھئي. ڏسندي ڏسندي جديد قسم جي موبائيل فون اچي وئي ۽ ھاڻي دنيا جي ڪھڙي به ڪنڊ مان ويھي ھڪٻئي سان رابطو ڪري سگهجي ٿو. پر اڄ موبائل فون ھر وقت کيسي ۾ ھُجڻ باوجود رابطو نٿو رهي. اھا الڳ ڳالهه آهي ته جڏهن موبائل فون نه ھُئي ته سڀئي ھڪٻئي جي حال احوال کان واقف ھوندا ھئا. ان وقت حال احوال وٺڻ ۽ ڏيڻ جو رواج ھو ۽ جڏهن حال احوال ٿيندا هئا ته علائقي جا سڀ احوال ٻُڌائبا ھئا. اھڙي طرح سڀ ھڪٻئي سان جُڙيل ھئاسين.

نور محمد ڦرڙو

نور محمد ڦرڙو

علم و ادب جو پانڌيئڙو

ساجد مسڻ



الله سائين هر انسان کي قدرتي صلاحيتن سان مالامال ڪيو آهي، اهو انسان جي مٿان آهي ته هو قدرت جي ڏنل نعمتن مان ڪيتري قدر فائدو وٺي ٿو. خوش نصيب آهن اهي انسان جيڪي الله سائين جي ڏنل ڏات جو فائدو وٺن ٿا، اھڙن خوش نصيبن ۾ اسان جو استاد نور محمد ڦرڙو به شامل آهي، جيڪو قدرتي صلاحيتن جو ڀرپور فائدو وٺي پنهنجي زندگيءَ جي جدوجهد جاري رکندو آيو آهي.

برڪت جيھو

برڪت جيھو

لياقت ابڙو



سائين برڪت جيهي سان هونئن ته رت جا رشتا آھن، هن جو ۽ منهنجو وڏو ڏاڏو هڪ ئي هو، ورهاڱي کان اڳ منهنجي ڏاڏي خان محمد ابڙي هندو سنڌين کان کوھ جي نار تي آباد ٿيندڙ زمين خريد ڪري ڇنڀ جيهي مان لڏي اچي تلجا رام جي ”ھاڻوڪو پنهنجو ڳوٺ سوڍو جيهو“ جي ڀرسان زر خريد زمين ۾ بٺي پچرائي گهر ٺهرائي ويٺو.

25 April, 2023

محب شيدي

محب شيدي

سندس اڌوري ڪهاڻي

خالد ڪنڀار



انهي ڏينهن اسان مٽياري شهر جي انهي پاڙي ۾ هئاسين. جتي اهو دهشت جي علامت بڻيل مشهور ڌاڙيل محب شيدي بلورن سان راند کيڏيندي وڏو ٿيو هو. انهي پاڙي ۾ هلندي هلندي مونکي هن جي هڪڙي پاڙيسري سنهڙي گلي ۾ کليل ڪاٺ جي در واري گهر ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو ته اهو محب شيدي جو گهر هو. جنهن سنهڙي گهٽي ۾ ڪجھ شيدي ٻارڙا راند کيڏي رهيا هئا. هن پاڙي جي هنن ماڻهن کي اها ڪٿي خبر هئي ته پاڙي ۾ ڪڪڙ وڙهائيندڙ ۽ ڪتن سان شڪار ڪندڙ هي شيدي جو ٻچڙو ملھ وڙهندو وڙهندو وڃي سنڌ جو اهڙو مشهور ڌاڙيل ٿيندو جنهن کان هن شهر جا ته ماڻهو ايترو ڪونه ڊڄندا هئا. پر پوري سنڌ انهي جي نالي کان ڏڪندي. مٽياري جو شهر اهو شهر هو جنهن مان روز صبوح ڪو ماڻهو محب لاءِ اخبار وٺي ٻيلي ۾ لهي ويندو هو. ڪنهن جي مٿي تي برف جي سري هوندي هئي. ڪوئي ڪيبين تان سگريٽ ۽ سوپاريون وٺي ويندو هو. پر سڀني جو رخ ٻيلي ڏانهن هوندو هو. شهر جا ڪيترا ئي ماڻهو روز ٻيلي ۾ محب سان ملندا هئا. .

اياز جوڻيجو

اياز جوڻيجو

يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي

تنوير حسين جوڻيجو



دادو ضلعي جي هڪ قديمي شهر راڌڻ اسٽيشن ۾ نهايت معتبر شخصيت حاجي علي محمد جوڻيجو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سائين محمد اياز جوڻيجو هڪ نيڪ انسان هو. هُن جيان هميشه پيار ونڊيندڙ ۽ محبتي ماڻهو ورلي جنم وٺندا آهن. هو هميشه ڪچهريءَ جو مور رهيو ۽ هر حال ۾ خوش رهڻ وارو هو.