; سنڌي شخصيتون

28 January, 2020

وجئه ڪمار - منصور گاڏھي


وجئه ڪمار
ھڪ فلم اسٽار جو ڪربناڪ زوال
منصور گاڏھي/ سڪندر گلاب سومرو
خيرپورناٿن شاهه جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ (پيڄاهو) ۾ جنم وٺندڙ علي حسن، ۱۹۵۰ع ڌاري فلم انڊسٽري جي سدابهار ماحول کان متاثر ٿي، اداڪاري لاءِ ڪراچيءَ ڏانهن رخ ڪيو ۽ نه چاهيندي به ادنى کان ادنى ڪم ڪيا. جڏهن ته سندس اداڪاريءَ واريءَ ڏات کي ڪيترن ئي حوالن سان پرکيو ۽ ساراهيو به ويو. عليءَ جو فلمن ۾ ڪم ڪرڻ وارو خواب اسان کي ان وقت بابت ٻڌائي ٿو، جڏهن هندستاني فلمن جي پاڪستان ۾ باضابطا طور تي نمائش ٿيندي ھئي.

24 January, 2020

سيد عابد عباس ڪاظمي


سيد عابد عباس ڪاظمي
رياضت ٻرڙو
عابد ڪاظمي سينئر براڊڪاسٽر، ڪالم نويس ۽ شاعر آهي. هن اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي ۽ ڪيترا ئي مضمون ۽ مقالا پڻ ٻنهي ٻولين ۾ لکيا آهن.
سندس پورو نالو سيد عابد عباس ڪاظمي آهي. سندس والد، مرحوم سيد جعفر شاهه خوراڪ کاتي سنڌ ۾ بجيٽ اينڊ اڪائونٽس آفيسر هو. سندس پڙڏاڏو سيد فضل علي شاهه ۽ سندس نانو سيد مظفر علي شاهه صوفي شاعر ٿي گذريا آهن.

01 January, 2020

شهيد شان ڏهر


شهيد شان ڏهر
منهنجو عظيم دوست جنهن کي لکندي ڏسي مون لکڻ شروع ڪيو
آصف رضا موريو
شان ڏهرسان منهنجي پهرين ملاقات روزاني سنڌي اخبار پاڪ جي دفتر واقع چوٿين ماڙ، نامڪو سينٽر، ڪيمپبيل اسٽريٽ، نيو چالي ڪراچي صدر ۾ ۲۵ مارچ ۱۹۹۹ع ڌاري ٿي هئي. منهنجي ويجهڙي دوست فدا حسين ملاڻو جي خلاف پاڪ اخبار ۾ هڪ خبر هلائي وئي هئي جتي شان ڏهر ايڊيٽر هيو. فدا ملاڻو ان خبر جي ترديد لاءِ مون کي چڱو مڙس ڪري وٺي ويو جو مان ان دور ۾ دوستن جي حلقي ۾ داداگير ليکيو ويندو هيم. اخبار جي دفتر ۾ پهرين ملاقات يوسف جوکيو سان ٿي. جنهن کي داٻا ساٻا ڏنا ته هن شان صاحب سان ملائڻ ۾ عافيت سمجهي، اسان چرين مان جان ڇڏائي. ڊگهيرڙي قد، سنهڙي جسم، ڀورتري سانورڙي رنگ، گهاٽن مٿي کنيل وارن، سنهڙي مڇن واري هن جوان يعني شان ڏهر کي سليقي سان پينٽ شرٽ پهريل هئي. سندس اٿڻ، ويهڻ ۽ گهمڻ ۾ سليقو هيو، ڳالهائڻ ۾ تميزداري، پين پڪڙڻ مان ئي ڏات ڌڻي پيو لڳي، ڌيان ڏئي ٻڌڻ ۾ ۽ پنهنجو موقف سمجهائڻ جي ڍنگ ۾ برجستو لڳو ۽ هن شايد اسان جهڙا چريا کوڙ ڏٺا هيا ان لاءِ فضيلت سان آفيس ۾ ويهاري مان ڏنو، چانھ پياري ٿڌو ڪري ڇڏيائين. مان پنهنجي زندگي ۾ اهڙو طرح دار ماڻهو ڪو نه ڏٺو هيو هو. ھو نه باڊهه جهڙو لڳندو هيو، نه لاڙڪاڻو يا ڪراچي جهڙو. بلڪ هو اڃا ڪنهن ٻئي جڳ جو جهانگي هيو. خير جنهن ڪم لاءِ وياسين، ان خبر جي ترديد ته هن ٻئي ڏينهن ئي ڪري ڇڏي. پر ان ڏينهن کان جو هن سان پريم جو پيچ پيو، ان جي ترديد اسان ٻنهي مان ڪنهن به ڪڏهن ڪو نه ڪئي.

31 December, 2019

اڪبر لغاري

اڪبر لغاري
جديد سنڌي ادب جو نامور نقاد، محقق ۽ سرموڙ نثرنگار ۽ جهالتن جي نڙيءَ تي ننهن
ثناءُالله عتيق چنجڻي
غريب جو ٻار اڪبر لغاري جنهن کي ڦُٽين چونڊيندڙ هٿن سان رڻ جهڙن سماجي روين اندر زندگي گذاري وقت سان رئِي مِٽي ٿيڻو هيو. جنهن نوجوان کي ريتن جي ڏاگھه تي جيئرو سڙي مرڻو هيو انهيءَ ڳڀروءَ پنهنجن ذاتي محنتن سان مروج ذلتن کي پنڊپهڻ بڻائي، علم جي روشنيءَ سان ريتن جي سنگھرن کي ٽوڙي ايترو اڳتي نڪري آيو جو هينئر جهالتن جي نڙيءَ مٿان سندس ننهن ڏسي ويساه ٿيندو آهي ته سنڌ جيئندي سدا، سنڌ رهندي سدا.

آغا محمد علي


آغا محمد علي
ريڊيو جي دنيا ۾ مونکي متعارف ڪرائيندڙ، منهنجو محسن!
جبار آزاد منگي
Image result for ‫آغا محمد علي‬‎
ناميارو براڊ ڪاسٽر آغا محمد علي ولد آغا نواب علي ۱۵ جولاءِ ۱۹۵۸ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم شڪارپور جي ڳوٺ ڪِڙي عطا محمد مان ورتي. سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪيائين. بي اي ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۸۴ع ۾ سکر لا ڪاليج مان ايل ايل بي ۽ ۱۹۸۶ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري مان ايم اي (ايڪانامڪس) ڪيائين. پهريائين روينيو کاتي، جيل کاتي ۽ ڳوٺاڻي ترقياتي پروگرام واري کاتي ۾ نوڪري ڪيائين. پوءِ جون ۱۹۸۸ع کان ريڊيو پروڊيوسر خيرپور، لاڙڪاڻي، مڪران ۽ ڪراچي ريڊيو اسٽيشنن تي رهيو.

رحيمداد خان مولائي شيدائي

رحيمداد خان مولائي شيدائي
ورسي تقريب جي رپورٽ
سيد امداد حسين رضوي

اڄ رحيم داد خان مولائي شيدائي جي ورسي جي سلسلي ۾ تنوير عباسي ھال سکر ڪلچر سينٽر ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ مون بہ شرڪت ڪئي.
مرحوم پاڻ سوري زئي شھواڻي بروھي قبيلي مان ھو سندس آبائي ڳوٺ مستونگ ھو سندس ولادت سکر ۾ ۱۸۹۴ع ٿي ۱۹۱۹ع ريلوي لوڪوشيڊ روھڙي ۾ ملازمت جي ابتدا ڪئي ۱۹۳۹ع ۾ ريلوي گارڊ جي عھدي تان رٽائرمينٽ ورتي پاڻ ۱۲ فبروري ۱۹۷۸ع سکر ۾ وفات ڪئي آخري ڏينھن ۾ سندس اکين جي روشني بہ گهٽجي وئي ھئي ۽ مون کي غلام مرتضيٰ شاه موسوي ٻڌايو تہ سندس زندگيءَ جي آخري ڏينھن ۾ ptv وارا مون وٽ آيا تہ شيدائي صاحب جو انٽرويو ڪنداسين. مان کين سندس گهر وٺي ويس. پر تن ڏينھن ۾ سندس يادگيري ختم ٿي چڪي ھئي. ھنن صرف سندس وڊيو ڀري. 
سندس ادب جي ميدان ۾ وڏيون خدمتون آھن. پر اسان جي معاشري ۾ کيس اھو مقام نہ ملي سگهيو، جيڪو کيس ملڻ کپي ھا. پاڻ ۴۰ جي قريب ڪتاب لکيائين جن مان ڪجھ ڇپيا، ڪجھ اڃا ڪو نه ڇپيا آھن. ڪجھ چوري ٿي ويا. ھڪ ڪتاب ته سندس ڪوئي دوست وٺي ويو ته کيس واپس به ڪو نه ڪيو. جيڪي ڪتاب ھن وقت تائين ڇپيا آھن، تن جا نالا نيٺ ڏجن ٿا.

محمد پنهل ڏهر


اهڙن انسانن کي اُتساهه ملڻ گھرجي
مولائي ملاح
علم انسان جي ٽين اک ۽ دنيا ۾ ڪتاب کانسواءِ ٻيو سٺو دوست ۽ تحفو نٿو ٿي سگھي. ڪتاب انسان جي ٻاٽ اونداهين راهن کي، علم جي روشنيءَ سان منور ڪندو آهي. ڪتابن جي دنيا جا ماڻهو، دنيا جهان جي گوڙ گھمسان کان ڪٽيل، پنهنجي ماحول ۾ محو هوندا آهن. مسلسل مطالعي واري ڪيفيت ۾ رهندي، سندن مزاج ۾ به سانت ۽ صبر سمائجي ويندو آهي. اهي، ڪچهري ۾ اچي، ماحول کي پنهنجي نظر سان ڏسندا. ضروري سمجهندا ته مختصر ۽ پراثر ڳالهائيندا، نه ته ٻين کي خاموشيءَ سان ٻڌندا، اهڙي ڪيفيت ۾ رهندڙ ماڻهوءَ کي عام ماڻهو  پنهنجي دنيا جو ماڻهو چوندا آهن، اهڙن ماڻهن جي دنيا ئي ته، روشن دنيا آهي، جن جي اهڙي عشق ذريعي دنيا ۾ شعور جي لاٽ روشن آهي. اهڙن عظيم انسانن جي سهڪاري ڪردار سان سنسار ۾ علم، ادب، تاريخ ۽ تخليق ۽ تحقيق جو سلسلو جاري رهي ٿو.

ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي


ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي
جنم ڏينهن مبارڪ
رکيل مورائي
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ سان منهنجي پهرين ملاقات سال ۲۰۰۱ جي سيپٽمبر مهيني ۾ سنڌين جي ثقافتي مرڪز سيتا سنڌو ڀونِ ممبئي ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ اسان (مون رکيل مورائي، تاجل بيوس ۽ سندس ونيءَ) جو آجياڻو ۽ انٽرنيشنل مشاعرو رکيو ويو هو. هيءُ منهنجو هند وڃڻ جو پهريون ڀيرو هو.

علي انور قمبراڻي


علي انور قمبراڻي
گھڻن کي روئاري وينداسين – پهرين ورسي جي مناسبت سان
سليم جتوئي
”ڪو نه بچسان، درد تيڏي وچ، رو رو مرويسان“ ۽ ”اسان جڏهن گذاري وينداسين، گھڻن کي روئاري وينداسين“ جهڙن شاهڪار ڪلامن کي سرجيندڙ شاعر، مرحوم حاجي علي انور قمبراڻي کي سنڌ جي ڀلوڙ شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس شاعري ڳوٺاڻن ماڻهن جي دل جي ارمانن وٽان هوندي هئي، سندس شاعريءَ ۾ سنڌ ڌرتيءَ سان اُڪير توڙي معاشري جي حالتن پٽاندڙ لفظ توري تڪي اهڙي انداز ۾ پيش ڪيل هوندا هئا، هر ڪو ائين ڀائيندو هو ڄڻ ته سندس دل جي ڳالھ پئي هلي. سو ذڪر شاعر حاجي انور قمبراڻي جو جيڪو هن وقت اسان وٽ موجود ته ناهي پر سندس شاعري صدين تائين ماڻهن کي ياد رهندي.

الياس رضا


الياس رضا
آواز جي دنيا جو خاموش ٿيل ڪردار
زيب سنڌي
تاريخ ۹ ڊسمبر ۲۰۱۹ع تي، ريڊيو جي دنيا جو اهو شخص گذاري ويو، جنهن کي پنهنجي ڪم سان عشق هو. عشق به اهڙو، جو ڪم ڪندي هو پنهنجي وجود کي به وساري ويهندو هو. بنا ڪنهن شڪ جي هن پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙو مثالي ڪم ڪيو، جنهن کي ريڊيو جي تاريخ ۾ ڪڏهن به وساري نه سگهبو. الياس رضا هو ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو سائونڊ افيڪٽس مين، پر هو ڪمپيئر ۽ ڊراما آرٽسٽ کان وٺي پروڊيوسر تائين جا سڀ ڪم ڄاڻندو هو ۽ انهن سڀني شعبن ۾ هن جون ياد رکڻ جهڙيون خدمتون آهن. حقيقت به اها آهي ته هن پنهنجي ڪم کي عشق ۽ خدمت سمجهي ئي ڪيو، نه ته عام طور تي ماڻهو سرڪاري نوڪري ايئن ناهن ڪندا، جيئن الياس رضا ڪئي. جڏھن ھو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پراڻين مشينن تي بيهي ڪم ڪندو هو ته، پنهنجي ڪم ۾ ايئن گم ٿي ويندو هو، جو هن کان دنيا ئي وسري ويندي هئي. ريڊيو جي ڊرامن توڙي ٻين پروگرامن جي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيٺي پير ڊبنگ ۽ ايڊيٽنگ ڪندي، ڄڻ ته هو وقت جي قيد کان آزاد ٿي ويندو هو ۽ هن کان اهو به وسري ويندو هو ته، هن ماني به کاڌي آهي يا نه. لڳاتار ڪم ڪرڻ کان پوءِ، جڏهن هو ڪنهن پروگرام کي فائنل ڪري ٽيپ لاهي هٿ ۾ کڻندو هو، تڏهن ئي هن کي ٿَڪ جو احساس ٿيندو هو. مشين تان ٽيپ لاهي هٿ ۾ کڻڻ کان پوءِ ڪڏهن ڪڏهن سندس حالت اهڙي ٿي ويندي هئي، جو هو اتي ئي، مشين جي ڀرسان ڀِت کي ٽيڪ ڏيئي، ٻئي هٿ مٿي تي رکي فرش تي ويهي رهندو هو.

30 December, 2019

ڪوڙل قربدار

ڪوڙل قربدار
رياضت ٻرڙو
ڪوڙل قربدار سماجي ناانصافين، وطن جي حُب ۽ پيار بابت شاعري ڪري پيو. سندس شاعريءَ جو لهجو عام فهم آهي. هُو پيار جو پرچارڪ آهي، جنهنڪري قربدار تخلص رکيو اٿائين ۽ کيس سماجي ناانصافين جي تلخين ڪوڙل بنايو آهي.

29 December, 2019

شيخ اياز -۲

شيخ اياز
اڄ ۽ سڀاڻي جو شاعر
ڊاڪٽر فهميده حسين
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته شيخ اياز جديد سنڌ جو قومي شاعر آهي جنهن کي اسين اڄ ۽ سڀاڻي جو شاعر چئي سگهون ٿا، ڪيئي سال اڳ پاڻ تي ٿيندڙ سخت تنقيدن جي جواب ۾ هن چيو هو.
تون جي مون کي ڪو نه مڃيندين
مون کي ڪا پرواهه نه آهي
آءٌ سڀاڻي لاءِ لکان ٿو
جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي
مون تي ميڙو مچڻو آهي.

مير عبدالرسول مير

مير عبدالرسول مير
رکيل مورائي
ڪالهه اڌ ڏينهن گذريو ئي مس هئو جو ڏهاڙي جيان موبائيل جي گھنٽي تي توجهه ويو اسڪرين تي نوجوان اديب ۽ منهنجي پياري دوست محمد حنيف سومري جو نالو اڀري آيو ۽ کن ۾ جيڪو مون ٻڌو اهو ڏاڍو ڏکوئيندڙ هئو.
سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر مير عبدالرسول مير ڪالهه ٻنپهرن جو هن جهان کي گڊباءِ چئي ان جهان ڏانهن راهي ٿيو، جنهن جهان کي دنيا جي سمورن مذهبن اهڙو جهان ڪوٺيو آهي جيڪو سدائين رهڻو آهي، جيتوڻيڪ اهو جهان جن ڏٺو آهي، انهن مان ڪنهن به اهڙي شاهدي نه ڏني آهي شاهدي فقط دنيا جي مذهبي ڪتابن ڏني آهي ۽ اسان هن جهان ۾ رهڻ وارا ماڻهو انهن ڪتابن کي آسماني ڪتاب سمجهندا آهيون، ان ڪري انهن ۾ جيڪو ڪجهه چيو ويو انهيءَ تي اسان جو يقين آهي، جنهن کي عقيدو چئبو آهي اسان جو بهرحال اهڙو عقيدو آهي.