; سنڌي شخصيتون

22 July, 2017

ڪامريڊ مير محمد ٽالپر - فقير عنايت ھيسباڻي

ڪامريڊ مير محمد ٽالپر
جھوني جوڳيءَ جي ياد
فقير عنايت ھيسباڻي
اڄ ان کري، سچي ۽ ارڏي انسان جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي، جيڪو پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن جي ذريعي استحصالي قوتن جا ڪرتوت سڄي ڄمار ظاهر ڪندو رهيو. اهو هو ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، جنهن جا ڳڻ، ڳالهيون، گفتا ۽ ڪچهريون وسرڻ جهڙيون ناهن. سندس وڇوڙي کي 16 اپريل تي (اڄ) چار سال پورا ٿيا. سندس تحريرن ۽ تقريرن جا شاهد اهي ڪتاب آهن، جيڪي هو اسانکي املهه ماڻڪ طور ڏيئي ويو. ڪامريڊ سياست جي شروعات خاڪسار تحريڪ سان ڪئي. علامه مشرقيءَ جي اصولن موجب بيلچو ڪلهي تي رکي ”چپ راست“ ”چپ راست“ رستن تي ڪندو رهيو. ان کانپوءِ سنڌ هاري ڪميٽي جو ميمبر ٿيو. پاڻ کي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ساٿي سڏرائيندو هو. 1944ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽي جي آفيس ميرپورخاص ۾ ڪامريڊ غلام محمد لغاري سان گڏ قائم ڪري هاري حقدار جو آواز بلند ڪيائين، هن شهيد مائي بختاور هارياڻي جو ڪيس لڙيو. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو بنياد رکڻ وارن جي لسٽ ۾ ڪامريڊ به شامل آهي. هي سنڌ صوبي جي پارٽيءَ جو پهريون جنرل سيڪريٽري ٿيو.

قاضي نظير اڪبر - خالد جسڪاڻي

قاضي نظير اڪبر
وڇڙيو آهين پر وسريو ناهين!
خالد جسڪاڻي
صدين کان هِن دنيا ۾ انسان اچن پيا ۽ پنهنجو وارو وڄائي سدا جي ننڊ وڃي سُمهن ٿا. شيڪسپيئر هن دنيا کي اسٽيج سڏيو آهي، سندس مطابق هر انسان پنهنجو ڪردار ادا ڪري منظر تان غائب ٿي وڃي ٿو. پر ڪي ڪردار اهڙا به هُجن ٿا، جيڪي ڀلي ته منظر تان غائب به ٿي وڃن، پر اُنهن جو ذڪر صدين تائين ٿيندو رهي ٿو. اِهو به چوڻ آهي ته ڪنهن جي نيڪي رب تعاليٰ ضايع ٿيڻ ناهي ڏيندو، سو جيڪي ماڻهو زندگيءَ کي بامقصد طريقي سان گذارين ٿا، اُنهن جو ذڪر جيڪڏهن روز جي بنياد تي نه به ٿيندو هُجي، تڏهن به موقعي مهل تي اُنهن جا مثال ضرور ڏنا وڃن ٿا. اهڙين شخصيتن جي جيڪڏهن ڳولا ڪبي ته سنڌ اندر بي انتها ڪردار ملي ويندا، جن مان قاضي نظير اڪبر به هڪ آهي.

شعبان بخت

شعبان بخت

منهنجو محسن استاد

ڊاڪٽر نجمه نور ڦلپوٽو



سال ۱۹۸۵-۸۶ع ۾ اولڊ ڪئمپس حيدرآباد ۾، بي ايڊ ٿي ڪيم. ان دوران اسان جي ڪلاس وارن، هڪ پارٽيءَ جو اهتمام ڪيو. ان پارٽيءَ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين مان ڪن تقرير ٿي ڪئي، ڪن تاثرات پئي بيان ڪيا ته ڪن گيت ٿي ڳايا ته ڪن شاعري ڪري داد ٿي وصول ڪيو. ماحول پئي محظوظ ٿيو، ان ۾ مون به پنهنجي ڪچي پڪي شاعري پيش ڪئي.

سائين حافظ الهندو - شاهد حسين تيوڻو

سائين حافظ الهندو
سماج ۽ سچ لاءِ جاکوڙيندڙ
شاهد حسين تيوڻو
سنڌ ڌرتيءَ پنهنجي ڪُکِ مان ڪيترن ئي عظيم شخصيتن کي جنم ڏيندي رهي ٿي. ڌرتيءَ کي عظيم شخصيتن ۽ اعلى انسانن جي ضرورت هوندي آهي. جيڪي پنهنجي علم ۽ شعور ذريعي هن سماج کي اڏڻ لاءِ رات ڏينهن پاڻ پتوڙيندا رهن ٿا. اهڙن عظيم شخصيتن مان ”سائين حافظ الهندو تيوڻي“ جن شخصيت پڻ نرالي آهي. جنهن هن سماج کي اڏڻ لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. سائين پاڻ ڪو وڏو جاگيردار ، سرمائيدار يا وري ڪو وڏو امير ماڻهو ناهي ۽ نه ئي وري ڪنهن وڏي سرڪاري عهدي تي مقرر آهي جنهن ڪري سندس مشهوري هجي. پر سندس هن سماج اندر جيڪا مڃتا آهي، اها ان جي سچائي، ايمانداري، خلوص، شفقت وارو رويو ۽ ڳوٺاڻيءَ زندگيءَ جي تبديليءَ لاءِ جتن ۽ جاکوڙ ڪرڻ سبب آهي.

ڀائو درمحمد ٻرڙو - حفيظ چانڊيو

ڀائو درمحمد ٻرڙو
سنڌي سماج جو مُتحرڪ ڪردار
حفيظ چانڊيو
اسين ان ڳالهه جو اعتراف مڙوئي گهٽ ڪندا آهيون ته ڪو اسان جهڙو فرد عام شهرين جي علمي اوسرتا لاءِ اسان جي ڀيٽ ۾ غير معمولي خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي. اهڙو فرد سماج جي اڏڻ ۾ پنهنجو انفرادي ڪردار ادا ڪندي به اجتماعي مفاد جي عَلم کوڙڻ ۾ ڪوشان رهي ٿو ۽ سندس اهڙي خدمت واري جذبي جو مقام ڪنهن اداري کان گهٽ ناهي هوندو. اهڙا فرد پنهنجي وجود ۾ غيبي قوت رکندي قومن جي آئيندي کي روشن راهن ڏانهن گامزن ڪرڻ ۾ پنهنجو انقلابي ڪردار ادا ڪندا آهن. اهي سماجي ترقيءَ ۾ ڏينهن رات بنا ڪنهن مفاد جي عوام الناس جي اونداهين مستقبل کي روشن ترين ڏسڻ گهرندا آهن. اهڙا متحرڪ انسان پنهنجي وجود ۾ هميشه جبل جيان اوچا هوندا آهن. سندن پوري جيون ۾ ڪنهن رڪاوٽ جي حيثيت سندن حوصلن آڏومات کائي ويهندي آهي. ڇاڪاڻ جو سندن مقصدن جو محور عوامي ڀلائي هجي ٿو. هو پنهنجي سموري ڄمار بي ضرر بڻجي محبت جو شاهڪار نمونو بڻجي اڀرندا آهن. اها سندن شعوري طور تي ڪمٽمينٽ هجي ٿي جنهن کي هٿين خالي هوندي به هو پنهنجي حيات ۾ مڪمل ڏسڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا رهن ٿا. جڏهن ته مسلسل جدوجهد کين جيون جي اهڙي موڙ تي اچي بيهاري ڇڏيندي آهي جتي سندن مٿي ۾ چانديءَ وار ڪجهه سرس پئجي ويندا آهن. ان باوجود به سندن حوصلن ۽ ارادن ۾ ڪا به ڪمزوري ناهي ايندي. پر ان مردِ مجاهد، علم جي عشاق جي نيرن نيڻن ۾ ڪو وڃي هيڪر ڏسي ته سهي ته سندس نيرين اکين ۾ ڇا سمايل آهي. يقينن جيڪو به اهي نيڻ گهوري ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو ته ڀلي ڀت کيس اها ئي خبر پوندي جا مون کي سندس اکين ۾ نظر آيو هيو. هن وٽ ماڻهن جي خوشحاليءَ جا خواب اڻ ميا هيا، جيڪي هُن پنهنجي اکين منجهه ڪنهن امانت جيان سانڍي رکيا آهن. جڏهن ته هن جي چوگرد ابوجهلن واري اونداهيءَ بستيءَآهي جتي هي هٿ ۾ ڏيئو کڻي پنهنجو پگهر، پورهيو ۽ پنهنجي خون کي ٻاري رهيو آهي ته من اونداهين بستيءَ ۾ ڪو سوجهرو ٿئي! 

درمحمد بلوچ - غوث پيرزادو

درمحمد بلوچ
ملير جو تاريخ ساز ڪردار
غوث پيرزادو
ڪي ماڻهو تاريخ ٿيندا آهن، جن جو پڙاڏو صدين تائين گونجندو آهي، جن جي خوشبو جڳن جا جڳ محسوس ڪئي ويندي آهي. اهڙن آدرشي ڪردارن مان ملير جو هڪ انقلابي ڪردار ڊاڪٽر درمحمد بلوچ به هيو جنهن جي جاکوڙ جا ملير واسي شاهد آهن ۽ هو سندس وڇوڙي کي  تيرنهن سال گذرڻ جي باوجود اڄ به کيس آلين اکين سان ياد ڪن ٿا ۽ هن جي اڻ ٿڪ جدوجهد کي خراج پيش ڪن ٿا.

علي گل سانگي

علي گل سانگي

منهنجي اڱڻ آ سهڻا تو لئه نيڻ وڇايان مان

ابراهيم لاشاري



سونهاري سنڌ ڪيترن ئي املهه انسانن کي وقت به وقت پنهنجي هنج ۾ جنم ڏيندي نظر آئي آهي پوءِ اهي اديب هجن يا فاضل، سگهڙ هجن يا شاعر، سنڌ منجهه اهل قلم جي ڪابه ڪمي ناهي رهي، اهڙن عوامي شاعر منجهان جديد دور ۾ لاڙڪاڻي جي لعل دودائي ڳوٺ جي زميندار گهراڻي جي معزز شخصيت روشن علي سانگي جي گهر جنم وٺندڙ علي گل سانگي پڻ هڪ آهي جيڪو ۱۴ سيپٽمبر ۱۹۵۲ع آچر ڏينهن ڄائو. خوشحال گهراڻي سان تعلق هجڻ ڪري سندس والدين به سندس سهڻي تربيت ڪري پنهنجي اباڻي ڳوٺ دودائي جي پرائمري اسڪول ۾ ڦرهي هٿ ۾ ڏئي پڙهڻ لاءِ ويهاريو، جتان هن پنج درجا پاس ڪيا. بهتر تعليم جي سلسلي لاءِ علي گل سانگي کي والد صاحب سال ۱۹۶۳ع ڌاري هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو ۾ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ڪرايو، علي گل سانگي لاڙڪاڻو شهر ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي جستجو ۾ محو هو ته جولاءِ سال ۱۹۶۳ع ڌاري سندس والد روشن علي سانگي قتل ٿي راهه رباني ٿي ويو.

گلشن لغاري

گلشن لغاري
درد سان ناتو جوڙيندڙ شاعره
علي محمد درد سولنگي


طبيعتًا سڌي سادي، انتهائي حساس، پنهنجون غلطيون مڃيندڙ، ڪنهن حد تائين جذباتي، حق تلفي، منافقي ۽ بد اخلاقيءَ تي ڪاوڙ بدران ڏک ڪندڙ، شاعري لکڻ وقت بيچيني ۽ لکي وٺڻ بعد پاڻ کي رليڪس Relax محسوس ڪندڙ، شاعري لکڻ وقت عجيب اداسيءَ جي ڪيفيت ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي شعر لکندڙ، شاعره اديبا ڪالم نگار گلشن لغاري جو اصل نالو گلشن آرا لغاري آهي.

محمد اسحاق ابڙو- لياقت راڄپر

محمد اسحاق ابڙو
لياقت راڄپر
مون کي به قدرت اهو اعزاز بخشو آهي ته منهنجو جنم لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو آهي، جتي ننڍپڻ کان وٺي رٽائرمينٽ تائين ڪيترين ئي شخصيتن سان ملاقات، ڪچهريون ۽ علمي، ادبي، ثقافتي گڏجاڻين جي ذريعي تمام گهڻي معلومات حاصل ٿي آهي. هنن شخصيتن منجهان هڪ دوست مرحوم محمد اسحاق ابڙو به آهي، جنهن سان منهنجي دوستي ان جي ڪري به گهري ٿي ته اسان ۾ ذهني هم خيالي هئي، خاص ڪري انگريزي ٻوليءَ سان لڳاءُ، انگريزي فلمن سان دلچسپي، موسيقيءَ سان پيار ۽ علم حاصل ڪرڻ جي جاکوڙ، هو هڪ سٺو Athlete هو، جنهن جو چوڻ هو ته Athlete is mother of games، جڏهن به 23 مارچ يا وري 14 آگسٽ ملهائي ويندي هئي ته ان موقعي تي لاڙڪاڻي ميونسپل Stadium ۾ هو راندين جو بندوبست ڪندو هو.

موج درياهه شاهه رضوي - منظور ڪالرو

موج درياهه شاهه رضوي
منظور ڪالرو
سنڌ سموري، خاص طور ٽنڊوالهيار ضلعي جي اها خوشقسمتي ۽ خوشبختي چئبي جو هِن جوءِ ۾ به اللهﷻ جا صاحبِ ڪرامت بزرگ ولي ڳچ تعداد ۾ آيا ۽ هن ڌرتيءَ تي امن، محبت، ڀائيچاري، همدردي ۽ ڀلائيءَ جا پيغام وڌيڪ عام ڪيا. جيئن انسان ذات بغير ڪنهن متڀيد جي پيار، هڪٻئي جي خبرگيري ۽ خوشحاليءَ سان رهي سگهن. انهن ولين جي آستانن ۾ بڪيرا شريف، ڌڱاڻو بوزدار، قبه بس اسٽاپ، شاهپور رضويه، ڪامارو شريف، نصرپور توڙي ٻين وسندين سميت خود ٽنڊوالهيار شهر ۾ خداوند تعاليٰ جا محبوب ۽ پسنديده شخصيتون ۽ بزرگ هستيون آرامي ڏسجن ٿيون، جتي انهن اوليائن جي مزارن مبارڪن مان اڄ به فيضِ عام سبب عقيدتمندن جي حاضري ڏسڻ وٽان آهي.

20 July, 2017

طارق عالم ابڙو


طارق عالم ابڙو
يار جي ياد ۾
نصير مرزا
سنڌي ٻولي جي روميو ڪهاڻيڪار طارق عالم سان مون کي پنهنجي پهرئين ملاقات به سربستي ياد آهي، ته آخري به- بس اڄ ڏهين اپريل ۲۰۱۷ع تي ”رهجي ويل منظر“ ناول جي ان ئي تخليقڪار جي (۵۹) سالگرهه جو ڏينهن آهي. اجهو اڄوڪي ئي ڏينهن ۲۰۱۱ع جي شام يعني طارق جي وصال کان صرف ٻه مهينا اڳ C-۳۳ بنگلي تي هن جي آخري سالگرهه سيليبريٽ ڪئي هئسين. تڏهن ڪنهن به نٿي ڄاتو ته اسان جو هيءُ آخري فوٽو سيشن آهي. ڪيڪ ڪٽڻ وقت هن جي هڪ پاسي ڀاڄائي رضيه، هالار ۽ لاهوت هئا ۽ ٻئي پاسي هي آئون ۽ طارق جو وڏو ڀاءُ زبردست فوٽوگرافر قيس ابڙو (اهو به طارق کان پوءِ ترت ئي ڪينسر سبب ڪئنيڊا ۾ گذاري ويو ۽ اُتي ئي دفن آهي) طارق کي ”هيپي برٿ ڊي ٽو يو“ چوڻ وقت آئون سخت مونجهاري ۾ هئس، جو ان وقت طارق جو جگر ۽ گردا مڪمل ختم هئا، جنهن سبب هو سارو ڪاراٽجي ويو هو، بس ٿوري اميد جي لاٽ ضرور روشن هئي ته هو جلد انڊيا مان جگر ٽرانسپلانٽ ڪرائڻ لاءِ ويندو ۽ نوبنو ٿي زندهه سلامت موٽي ايندو. اهڙي آپريشن جي خرچن لاءِ سنڌ سرڪار، ڪراچيءَ جي سروسز هاسپٽل ۾ ميڊيڪل بورڊ ويهاريو هو، جن وزير اعليٰ سنڌ کي ستر لک ڏيڻ جي تاڪيد ڪئي. اتفاق سان چيف سيڪريٽري اسان جو هو. مهتاب اڪبر راشدي صاحبه جي زور بار تي اها سمري سرڪي وزير اعليٰ تائين پهتي. تڏهن سبحان ميمڻ مون کي فون ڪري چيو ته: نصير ڪم ٿي ويو، سائين توهان لاءِ ست لک رپيا منظور ڪيا آهن. مون کي پنهنجي ڪنن تي اعتبار نه آيو، پڇيم ستر يا صرف ست...؟ وراڻيائين: وزير اعليٰ ٻڙي کائي ويو اٿئي، سو صرف ست لک ڏنا اٿس. مون به جواب ڏنومانس ته، پوءِ اهي به هو پاڻ وٽ رکي ڇڏي، نٿا کپن...منهنجي جملي تي شايد چيف سيڪريٽري کي به تيش اچي ويو...نٿا کپن ته ٺهيو ۽ هن فون بند ڪري ڇڏي. تڏهن دل مان دانهن نڪتي ته هيءُ اسان جو عزيز دوست ئي ڪجهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي ته پوءِ ٻين ٻٻرن مان ٻيرن جو ڪهڙو آسرو؟

قمر شهباز

قمر شهباز
چنڊ رهين ٿو دور!
رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ جي قد آور شخص ۽ شاعر قمر شهباز ساهتي پرڳڻي جي اهم شهر نواب شاهه ۾ تيرهين اپريل اوڻويهه سئو اٺٽيهن ۾ جنم ورتو. هو قمرالدين ٻگهئي مان قمبر شهباز بڻيو، اعليٰ تعليم پرايائين ۽ ڪيترن ئي اعليٰ ادارن جي سربراهي ڪيائين، سنڌ ۽ ان کان ٻاهر ادب جي نمائندگي ڪيائين. ادبي وفدن جي اڳواڻي ڪيائين. سنڌي ادب ۾ هڪ آبرو دار سڃاڻ ماڻيائين، هڪ درجن کان وڌيڪ ڪتابن جيترو مراد سنڌي ادب جي جهول ۾ وجهي، سنڌي ادب کي شاهوڪار ڪيائين. سنڌي رسالن ۽ اخبارن جي مختلف ادارن ۾ ويهي سهائتا ڪيائين. ڪيترن ڪتابن جيترو مواد اڻ ڇپيل صورت ۾ ڇڏيائين.

مولوي حاجي احمد ملاح

مولوي حاجي احمد ملاح
ورسيءَ جي مناسبت سان
محمد سليمان وساڻ
اڄوڪو ڏينهن سنڌ جي ان عظيم شخصيت جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي جنهن دنيا جي تاريخ ۾ هڪ اهڙو عظيم ڪارنامو سر انجام ڏنو جيڪو ان کان اڳ ڪنهن به ڪو نه ڏنو هو۔ اڄوڪي ڏينهن ۱۹ جولاء ۱۹۶۹ع تي مشهور سنڌي عالم ۽ شاعر مولوي حاجي احمد ملاح جي ورسي جو ڏينهن آهي جنهن قرآن شريف جو پهريون منظوم ترجمو سنڌي ٻولي ۾ ڪيو۔ اسان سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان سنڌ جي هن عظيم هستيء کي سلام پيش ڪيون ٿا۔