ڀائو درمحمد ٻرڙو
سنڌي سماج جو مُتحرڪ ڪردار
حفيظ چانڊيو
اسين
ان ڳالهه جو اعتراف مڙوئي گهٽ ڪندا آهيون ته ڪو اسان جهڙو فرد عام شهرين جي علمي
اوسرتا لاءِ اسان جي ڀيٽ ۾ غير معمولي خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي. اهڙو فرد
سماج جي اڏڻ ۾ پنهنجو انفرادي ڪردار ادا ڪندي به اجتماعي مفاد جي عَلم کوڙڻ ۾ ڪوشان
رهي ٿو ۽ سندس اهڙي خدمت واري جذبي جو مقام ڪنهن اداري کان گهٽ ناهي هوندو. اهڙا
فرد پنهنجي وجود ۾ غيبي قوت رکندي قومن جي آئيندي کي روشن راهن ڏانهن گامزن ڪرڻ ۾
پنهنجو انقلابي ڪردار ادا ڪندا آهن. اهي سماجي ترقيءَ ۾ ڏينهن رات بنا ڪنهن مفاد
جي عوام الناس جي اونداهين مستقبل کي روشن ترين ڏسڻ گهرندا آهن. اهڙا متحرڪ انسان
پنهنجي وجود ۾ هميشه جبل جيان اوچا هوندا آهن. سندن پوري جيون ۾ ڪنهن رڪاوٽ جي حيثيت سندن حوصلن آڏومات کائي ويهندي آهي. ڇاڪاڻ جو سندن مقصدن جو
محور عوامي ڀلائي هجي ٿو. هو پنهنجي سموري ڄمار بي ضرر بڻجي محبت جو شاهڪار نمونو
بڻجي اڀرندا آهن. اها سندن شعوري طور تي ڪمٽمينٽ هجي ٿي جنهن کي هٿين خالي هوندي
به هو پنهنجي حيات ۾ مڪمل ڏسڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا رهن ٿا. جڏهن ته مسلسل جدوجهد کين
جيون جي اهڙي موڙ تي اچي بيهاري ڇڏيندي آهي جتي سندن مٿي ۾ چانديءَ وار ڪجهه سرس
پئجي ويندا آهن. ان باوجود به سندن حوصلن ۽ ارادن ۾ ڪا به ڪمزوري ناهي ايندي. پر ان
مردِ مجاهد، علم جي عشاق جي نيرن نيڻن ۾ ڪو وڃي هيڪر ڏسي ته سهي ته سندس نيرين اکين
۾ ڇا سمايل آهي. يقينن جيڪو به اهي نيڻ گهوري ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو ته ڀلي ڀت کيس اها
ئي خبر پوندي جا مون کي سندس اکين ۾ نظر آيو هيو. هن وٽ ماڻهن جي خوشحاليءَ جا
خواب اڻ ميا هيا، جيڪي هُن پنهنجي اکين منجهه ڪنهن امانت جيان سانڍي رکيا آهن. جڏهن
ته هن جي چوگرد ابوجهلن واري اونداهيءَ بستيءَآهي جتي هي هٿ ۾ ڏيئو کڻي پنهنجو پگهر، پورهيو ۽ پنهنجي خون کي ٻاري رهيو آهي ته من اونداهين
بستيءَ ۾ ڪو سوجهرو ٿئي!
