درمحمد بلوچ
ملير جو تاريخ ساز ڪردار
غوث پيرزادو
ڪي ماڻهو
تاريخ ٿيندا آهن، جن جو پڙاڏو صدين تائين گونجندو آهي، جن جي خوشبو جڳن جا جڳ
محسوس ڪئي ويندي آهي. اهڙن آدرشي ڪردارن مان ملير جو هڪ انقلابي ڪردار ڊاڪٽر
درمحمد بلوچ به هيو جنهن جي جاکوڙ جا ملير واسي شاهد آهن ۽ هو سندس وڇوڙي کي تيرنهن سال گذرڻ جي باوجود اڄ به کيس آلين اکين
سان ياد ڪن ٿا ۽ هن جي اڻ ٿڪ جدوجهد کي خراج پيش ڪن ٿا.