; سنڌي شخصيتون

29 November, 2015

ڪموڊور اقبال ميمڻ - آفتاب ميمڻ

ڪموڊور اقبال ميمڻ
سنڌ جو مايه ناز فرزند
آفتاب ميمڻ
سنڌ ڌرتيءَ انيڪ اَمُلهه ماڻڪ موتي پيدا ڪيا آهن. ڪراچي ۾. ڪارونجهر جي ڪَور ۾. ڀٽن ۾. ميدانن ۾. هيءَ ڌرتي ڏاڍي زرخيز مٽيءَ واري ڌرتي آهي. وقت جي بي رحم ڌارا ۽ پنهنجن جي بي حسيءَ ۽ بي رحمي به سنڌ ڌرتيءَ جي ڪُکَ کي سُنڍَ ڪري ڪونه سگهي آهي. جي ڏيساور وڃن ٿا ‘علامه عبدالعزيز الميمني’ جهڙا صاحبِ علم ۽ حيثيت وارا ٿين ٿا جن جي عربي ٻوليءَ تي دسترس، قرآن ڪريم ۽ لفظن جي بُڻ بنياد جي ڇنڊڇاڻ کي جڳ مشهور علمي درسگاه الازهر به مستند مڃيندي هئي. جڏهين دنياءِ عرب ۾ ڪنهن عربي لفظ جي معنيٰ، اشتقاق، بُڻ بنياد ۽ ماهيت تي تڪرار ٿيندو هيو ته الازهر يونيورسٽي علامه عبدالعزيز ميمڻ ڏي رجوع ڪندي هئي. علامه صاحب جو ڏنل ڇيد سڀن لاءِ مانَ ڀريو هوندو هيو ۽ حرفِ آخر ڪري ليکيو ويندو هيو.

04 November, 2015

عبدالقادر جوڻيجو

عبدالقادر جوڻيجو
چوٽيءَ جو ڊرامه نگار، ڪالم نگار، ليکڪ ۽ اديب
محمد سليمان وساڻ
عبدالقادر جوڻيجو )پهرين نومبر ۱۹۴۵ع – ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ع)، ٿر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جنھاڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي سوشيالاجي آهي. عبدالقادر جوڻيجو جي سڄاڻ هڪ ڪالم نگار کان وڌيڪ هڪ ڊرامه نگار جي آهي. جنهن جا ڊرامه ريڊيو سان گڏ ٽي وي تي به ايترو ته مشهور ٿيا آهن جو ماڻهو انهن ڪردارن کي وساري به ناهن سگهيا.عبدالقادر جوڻيجو ريڊيو تي ۲۲ کان وڌيڪ سنڌي ڊرامه ۽ ۲ اردو ڊرامه لکيا آهن. هن ٽي وي تي اهڙا ته ڊرامه لکيا جن تي کيس ڪيترائي اوارڊ ملڻ سان گڏ اهي ڊرامه ۽ ڪردار يادگار بڻجي ويا. پاڻ ٽي وي تي ۱۶ سنڌي ڊرامه ۽ ۷ سنڌي ڊرامه سيريل لکيون آهن، هن اردو ۾ ۶ ڊرامه ۽ ۱۵ ڊرامه سيريل لکيون آهن. سندس يادگار ڊرامن ۾ ديوارين (سنڌيء ۾ راڻيء جي ڪهاڻي)، ڪاروان، ڇوٽي سي دنيا، سيڙهيان، دک سک، ٿوڙي خوشي ٿوڙا غم ۽ پرانده گهڻو مقبول ٿيا.

عيسن خان ابڙو - انور ڏنگڙائي

عيسن خان ابڙو
هڪ اڻ وسرندڙ ڪردار
انور ڏنگڙائي
هڪ اهڙو وڏيرو، جنهن کي وڏيرو چوڻ تي دل ئي نه ٿي چوي. ڇو ته اسان جا سنڌي وڏيرا جنهن سوچ جا، جنهن ڪردار جا، جن عادتن جا رهيا آهن، جن پنهنجي اهڙي سڃاڻ ٺاهي ڇڏي آ، جيڪا انهن کي ئي سونهين ٿي. انهن منجھان جيڪڏهن ڪو ماڻهپي وارو ماڻهو پيدا ٿي پوي ته ان کي وڏيرو چوندي هچڪ محسوس ٿيندي آهي. ائين لڳندو آهي ته ”وڏيرو“ لفظ هن جي شخصيت تي داغ آهي. ان داغ کان پاڪ صاف شخصيت عيسن خان ابڙي جي آهي. جنهن جو جنم مهين جي دڙي کان ٽي ڪلوميٽر کن اولهه طرف بگي ڳوٺ ۾ ٿيو. گهڻي ڳولا جي باوجود به هن جي جنم ۽ وفات جي تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي نه ئي وري هن جي ڪا تصوير ملي سگهي آهي. بس ايترو معلوم ٿي سگهيو آهي ته انگريزن جي پڇاڙيءَ واري دور ۾ هن جو اوج هو، هونئن مٿئين طبقي جي ماڻهوءَ جو اوج اڪثر اهو ليکيو ويندو آهي جو هن جو دٻدٻو هجي. رعب تاب هجي. پر نه، هن جيڪو اوج ماڻيو اهو پيار ۽ محبت ورهائڻ سان ماڻيو. ماڻهن کي محبتون ڏنائين ۽ ماڻهن کان محبتون ورتائين.

02 November, 2015

قربان جيلاني - سيد يار محمد شاهه

قربان جيلاني
سندس ساروڻيون
سيد يار محمد شاهه
سنڌي ۽ اردو ڊرامن، فلمن ۽ ريڊيو جو سپراسٽار قربان جيلاني اڄ جي ٽهيءَ کي ياد هجي يا نه هجي، پر سندس ٻه فرزند ڪامران جيلاني ۽ عدنان جيلاني اڄ نئين ٽهيءَ جا پسنديده فنڪار ضرور ليکيا وڃن ٿا. قربان جيلاني، محمد علي، مصطفيٰ قريشي وارن جي دور ۾ ريڊيو سان وابسته رهيو ۽ پهرئين جوڙ جو فنڪار ليکيو ويندو هو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان پوءِ هو ڪراچي ريڊيو سان بحيثيت انائونسر ۽ صداڪار آخر تائين وابسته رهيو، جڏهن ته سنڌي فلمن ۽ سنڌي اردو ٽيليويزن ڊرامن ۾ به هن پنهنجو پاڻ کي مڃرايو. ان کان علاوه فنڪارن جي فلاح و بهبود لاءِ اداره قائم ڪري، انعامي اسڪيمون به هلايون، جنهن تان کيس هڪ دفعو جيل به وڃڻو پيو

پروفيسر ممتاز علي پٺاڻ - محمد مٺل جسڪاڻي

پروفيسر ممتاز علي پٺاڻ
ڄاڻو زرعي ماهر، محنتي محقق، بهترين استاد ۽ منتظم
محمد مٺل جسڪاڻي
پروفيسر ممتاز علي پٺاڻ ۰۲ فيبروري ۱۹۴۹ع تي سائينداد خان پٺاڻ جي گهر ۾، قمبر ۾ اک کولي. جتي هن بنيادي تعليم پرائڻ شروع ڪئي ۽ ۱۹۶۵ع ۾ حيدرآباد بورڊ مان ميٽرڪ ڪري، اڳوڻي زرعي ڪاليج (هاڻوڪي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام) مان ٻوٽن جي بيمارين واري شعبي ۾ ۱۹۷۲ع ۾ بي ايس سي ۽ ۱۹۷۴ع ۾ ايم ايس سي ڪئي. سندس تعليمي سندن موجب، هن پنهنجي تعليم دوران شروع کان آخر تائين، هر امتحان فرسٽ ڪلاس فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيو.

01 November, 2015

ماسٽر چندر

ماسٽر چندر
”چندر“ چشما کڻي بند ڪر، فقط دل ۾ رکي تصور.
ڪڏهن ڪڏهن ناگهاني طور تي، ڪنهن واٽ ويندي، ڪنهن پيچري تان گذرندي يا ڪا عمارت پسندي، اچانڪ دل ۾ يادن دري کلي ويندي آهي، ذهن ۾ ڪجھه اڻمٽ تصويرون چٽجي وينديون آهن ۽ هڪ قسم جي پيار ۽ پنهنجائپ جو احساس ٿيندو آهي. ضروري ناهي ته منهنجي اندر جو اهو داخلي احساس هر ڪنهن سان لاڳو هجي، پر مونکي دل ئي دل ۾ ائين لڳندو آهي ته ڄڻ اهو پيچرو پنهنجي خاموش زبان سان پيار وچان، پاڻ طرف سڏيندو هجي. مثال طور لاڙڪاڻي کان حيدرآباد ويندي يا ايندي، قومي شاهراهه تان جڏهن به راڻيپور کان گذرڻ ٿيندو آهي، تڏهن ائين ڀاسندو آهي ته سچل سائينءَ جو روضو ڄڻ ته ’حق موجود‘ ٻولائيندي، ائين چوندو هجي ته: ”ڇڏ رسامان آءُ تون يار، مون کي تنهنجي سار سنڀار.!!“، يا وري جڏهن به دادوءَ کان گذرڻ ٿيندو آهي، تڏهن ائين محسوس ٿيڻ لڳندو آهي ته ڄڻ هتان جي گونان گون بازارين ۽ رستن ۾ ماڻهن جي وهڪري منجھان اجھو ڪو اکين تي عينڪ ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي پهريل، ڪو پير سن پيار ڪندڙ، الفت ڀريو استاد نمودار ٿيندو، جيڪو پنهنجون ٻئي ٻانهون کولي پنهنجي هڪ منفرد ۽ مترنم انداز سان ائين چوندو ته: ”هلي آ، پير ڀري هلي آ.!!“ ساڳئيءَ ريت ٺارو شاهه باءِ پاس کان گذرڻ سان ائين لڳندو آهي ته امالڪ مٿي تي ڪاري ٽوپي ۽ ڳچيءَ ۾ ڪنٺو پاتل فقير، چاهه ڀريو چندر اسان جي سواريءَ جي آڏو پنهنجي هٿڙن تي پنهنجي خون سان لت پت ٿيل دل کڻي ايندو ۽ سڪ وچان اها سين هڻندو ته: ”دل آهي هٿن ۾ ٿو خريدار کي ڳوليان، بازارِ محبت ۾ طلبگار کي ڳوليان..!!“

29 October, 2015

مامون گل فقير مڱڻهار - انور ڏنگڙائي

مامون گل فقير مڱڻهار
واڄن سان خوشيون ورهائيندڙ
انور ڏنگڙائي
پوري هڪ صديءَ جو اکين ڏٺو شاهد هي فنڪار جنهن ڪيترن ئي راڄن، ڪيترين ئي ذاتين، ڪيترين ئي ذاتين جي چڱن مڙسن سان ملاقاتون ڪيون. انهن جي فيصلن، روين، اٿڻي ويهڻي، چال چلت، سخاوت، موذائپ، ڳالهائڻ جي لهجن، سهپ، اسهپ، هر شيءِ کان واقف. جنهن به ڪميونٽيءَ جي ڳالهه ڪندو، ان سڄي ڪميونٽيءَ جو ڪلچر اکين اڳيان اچي بيهندو. جنهن ماڻهوءَ جو نقل ڪندو، ان ماڻهوءَ جي شڪل سو نظر نه ايندي. باقي آواز،لهجو هو بهو پيو  پسبو هو شاديون مراديون وڄائڻ ويندو هو، ان ڪري انهن شادين مرادين ۾ ٿيندڙ ڀت ۽ مانيءَ جي ڳالهه، ڀت جي ذائقي ۽ لست جي ڳالهه به وڏي ذائقي سان ڪندو هو. ڪنهن ڪاڄ ۾ماني نه مليس ۽ بک ڪاٽي آيو ته اُها ته اڃا به وڌيڪ مرچ مصالحي سان ڪندو.

08 October, 2015

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي - ۲

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

جيئي سنڌ جي نعري ۽ هاري تحريڪ جو خالق

محمد سليمان وساڻ



هي آزاد ۽ روشن خيال، اڏول ۽ ارڏو انسان هوش عقل ۽ جوش سان ڌرتيءَ وارثن لاءِ قومي جنگ جوٽيندڙ، سنڌين لاءِ سوڀون ماڻيندڙ قومي قافلي جو قائد، جيئي سنڌ نعري جو خالق، عملي انسان، قومي شاعر، انقلابي اديب، ليکڪ، قانوندان ۽ سياستدان، وڏيرڪي ڦرلٽ ۽ بيگاري نظام جو دشمن، قومي تحريڪن ويلن ۽ مهلن جو مڙس، غلامي کان نجات ۽ آزادي جو پيغام ڏيندڙ، انسانيت دوست، فلاسافر، ڏاهو، پيرن ۽ پٺي اگهاڙن، ڪوڏر، ٽوپي، پٽڪي، اجرڪ، بوڇڻ، ڏاٽي، ڪهاڙي، هر ڪاهيندڙ يڪتارو ۽ چنگ وڄائيندڙ هاري لاءِ جيون حوالي ڪندڙ حيدر بخش هڪ نيڪ مرد رئيس الهداد خان جتوئي جي گهر ۾ شاهوڪار تهذيب ۽ ثقافت واري ماٿري موهن جي دڙي لڳ خوش نصيب ڳوٺ بکو ديري اڳوڻي تعلقي لب دريا هاڻوڪو ڏوڪري ضلعو لاڙڪاڻي ۾ تاريخ ۷ آڪٽوبر ۱۹۰۱ تي جنم ورتو. پاڻ اڃا ٻن سالن جي عمر جو هو سندس امڙ وفات ڪري وئي پوءِ والد، ڏاڏي ۽ پڦيءَ کيس پاليو.

شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ


شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ

چوڻي آهي، ته ماڻهو مريو وڃن، پر سندن ڪم انهن جا يادگار رهجي وڃن. مرحوم شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ هڪ اهڙو انسان ٿي گذريو آهي.
سرڪاري نوڪريءَ ۾ ته مرزا صاحب گهڻائي تعريف جهڙا ڪم ڪيا، جن لاءِ سرڪار کان کيس گهڻو ئي داد مليو، پر جن ڪمن تي سنڌ جي هر ماڻهوءَ کي ناز هئڻ گهرجي، سي آهن مرزا مرحوم جا خانگيءَ طور سرانجام ڏنل ڪم. اُهي آهن سندن جدا جدا مضمونن تي ليک لکڻ ۽ ڪتاب ٺاهڻ.

05 October, 2015

عبدالمنان ميمڻ - مٺل جسڪاڻي

عبدالمنان ميمڻ
هر واقف دوست نه ٿو ٿي سگهي
مٺل جسڪاڻي
انسان آدجڳاد کان اڃا تائين ارتقا جي مرحلن مان گذري رهيو آهي. وقت وقت جي ڳالهه آهي. ڪو زمانو هو، صرف روبرو ملاقاتون ئي پهرين واقفيت ۽ پوءِ دوستي يا دشمني جو ذريعو هيون. ان کان پوءِ ٻُڌ سُڌ جي بنياد تي پرپُٺ جون ياريون ٿينديون هيون. شروعاتي دور ۾ ٻُڌ سُڌ جو ذريعو ماڻهو هوندو هو. چون ٿا مهمان کان خبرون وٺڻ ۽ ڏيڻ جو رواج به ان ڪري ئي پيو ته جيئن هر نئون ۽ پراڻو احوال ٿي سگهي.

آپا افروز صديقي- علي نواز آريسر

آپا افروز صديقي
پنهنجي ٻوليءَ سان جذباتي لڳاءُ رکندڙ
علي نواز آريسر
جڏهن به تعليم جو ذڪر نڪرندو ته سنڌ جي پنجن عورتن آپا شمس عباسي، آپا مريم نُوحاڻي، آپا انيتا غلام علي، دادي ليلان ۽ آپا افروز صديقيءَ جو اُن ۾ ذڪر ضرور شامل هوندو، ڇاڪاڻ جو هنن پنجن ئي عورتن تعليم جي ميدان ۾ نمايان خدمتون انجام ڏنيون ۽ خاص طور تي ڇوڪرين جي تعليم تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏنو ۽ هُوءَ انهيءَ ۾ ڪامياب به ٿيون. سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪار، ڊرامه نويس، اسڪرپٽ رائيٽر ۽ تعليمي ماهر، آپا افروز صديقي، ۲۱ جولاءِ ۱۹۴۴ع تي حيدرآباد ۾ ڄائي. سندس وڏا اصل شڪارپور جا رهاڪو هئا. سندس والد جو نالو حاجي امير علي صديقي هو. هن مختلف ادارن مان تعليم حاصل ڪندي، اديب، عالم، فاضل سنڌي، ايم اي، بي ايڊ، هوميوپيٿڪ ڊپلوما (ڊاڪٽري جي ڊگري) حاصل ڪئي. هُوءَ ننڍپڻ کان ئي ذهين هُئي. کيس سنڌي، بلوچي، اردو، عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين تي عبور حاصل هو.

30 September, 2015

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي

سنڌ لاءِ جاکوڙيندڙ جو فلسفو

پروفيسر الله ڏنو ابڙو



سنڌ ڌرتي صدين کان صوفين، بزرگن، عالمن، اديبن، دانشورن ۽ مفڪرن کي جنم ڏيندي آئي آهي. هن ڌرتي جي مٽيءَ هر دور ۾ هزارين اهڙا املهه ماڻڪ پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي ڪردار، عمل ۽ جستجو سان نه صرف سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ساک مٿي ڪئي آهي، پر سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن کي به محفوظ ڪيو آهي. سومرن جو دور هجي يا سمن جو، مغل، ارغون، ترخانن جو دور هجي يا ڪلهوڙن جو، ٽالپرن جو دور هجي يا انگريزن جو، مطلب ته مهراڻ واديءَ هر دور ۾ سچل، سامي، بيدل، بيڪس، سانگي، قادري، قليچ، عنايت، منصور، شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جھڙا بزرگ، شاعر، اديب ۽ محب وطن پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي سموري زندگي سنڌو ماٿريءَ جي خدمت ۾ گذاري ڇڏي. اهڙن عظيم انسانن جي صف ۾ موجوده دور جو جيئرو جاڳندو اديب، شاعر، مفڪر، محقق ۽ تعليمدان ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي به نمايان نظر اچي ٿو.

22 September, 2015

هاسي ٻائي نماڻو فقير - حسيب ناياب منگي

هاسي ٻائي نماڻو فقير
حسيب ناياب منگي
سنڌ ڌرتيءَ جي جن عورتن علم ۽ ادب ۾ پنهنجو نانءُ پنهنجي علمي ادبي ڪاوشن سان مٿانهون ڪيو، انهن مان هاسي ٻائي نماڻو فقير به هڪ ٿي گذري آهي. هاسي ٻائي جو ڪلام انهن ڏينهن جو چيل آهي جن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڪي ٿورڙيون عورتون شعر چونديون هيون. سندس ڪلام سادو ۽ مٿس حضرت سچل سرمست جو اثر نظر اچي ٿو. هن صرف شعر ئي ناهي چيو پر سچل سائين جو ڪلام به گڏ ڪري ڇپرائڻ ۾ سندس اهم ڪردار ادا ٿيل آهي.