شانتي ھيرانند جي
جيڪا ھميشه لاء ھلي وئي.
سيد غلام شاھ
شانتي ھيرانند جيءَ
جو تعلق، خوشحال سنڌي خاندان، ھيراننداڻي سان ھو. ھن جي فيملي ورھاڱي کان اڳ، ڪاروبار
سانگي لکنئو لڏي ويا ھئا. شانتي کي ننڍپڻ کان راڳ ويراڳ جو شوق، جنون جي حد تائين ھو.
لکنئو ڪاليج ۾ موسيقي جي باظابطه سکيا ورتي ۽ پوءِ استاد اعجاز حسين خان رامپوري
کان ڪلاسيڪل راڳ سکي. پھريون دفعو لاھور ريڊيو تان پرفارم ڪيائين، جتان کي شھرت
ملي. ان کانپوء ھندستان جي مايه ناز نيم ڪلاسيڪل ۽ ٺمري ۾ يگاني گائيڪا بيگم اختر
جي باظابطه شاگرد ٿي. جتان ھن نيم ڪلاسيڪل ۽ ٺمري ۾ ڪمال حاصل ڪيو. ھي بيگم اختر
کي امي سڏيندي ھئي. بيگم جي آخري پساھن تائين ھن ان جو ساٿ نڀايو، بلڪ ان جي فوت ٿيڻ
کان پوءِ کيس ٽربيوٽ طور بيگم اختر تي ”مائي ممي“ نالي ھڪ ناياب ڪتاب لکيو.