; سنڌي شخصيتون: ھيرو ٺڪر، سنڌي ادب، شوڪت شورو، قاضي قادن، شيخ ڀرڪيو،
Showing posts with label ھيرو ٺڪر، سنڌي ادب، شوڪت شورو، قاضي قادن، شيخ ڀرڪيو،. Show all posts
Showing posts with label ھيرو ٺڪر، سنڌي ادب، شوڪت شورو، قاضي قادن، شيخ ڀرڪيو،. Show all posts

09 April, 2020

ھيرو ٺڪر - شوڪت شورو


ھيرو ٺڪر
سنڌي ادب جو ھيرو
شوڪت شورو
اسان وٽ عالم يا اسڪالر ان کي سمجھيو ويندو آهي، جنهن جي ڪنهن يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪيل هجي. برابر اها هڪ وڏي رتبي واري ڊگري آهي، پر ان ڊگري حاصل ڪرڻ سان ڪو شخص خود بخود عالم ڪونه بڻجي ويندو آهي. اسان وٽ اها ڊگري عام طور مٿئين گريڊ ۾ ترقي سان گڏ الائونس وٺڻ جو وسيلو بڻجي وئي آهي. هر پي ايڇ ڊي ڪيل ماڻهو عالم ڪونه هوندو آهي. جنهن شخص ۾ علميت ۽ ريسرچ ڪرڻ جا گڻ هوندا، ان لاءِ اهڙي ڊگري جو هجڻ ضروري به ڪونهي. هو پنهنجي ڄاڻ ۽ علمي اهليت سان پاڻ کي مڃائي سگھي ٿو. هيرو ٺڪر انهن ٿورن شخصن مان آهي، جنهن وٽ اهڙي قسم جي ڪا ڊگري ڪانهي، پر هو هڪ مڃيل عالم ۽ ليکڪ آهي. هن جون علمي ادبي خدمتون ايتريون اهم آهن جو خود هن تي پي ايڇ ڊي ڪري سگھجي ٿي.