زيب ڪنگو
نامياري شاعر سان ڳالهه ٻولهه
انٽرويو: جميل
چانڊيو
;
موت هڪ اٽل حقيقت
آهي، اهو هر وجود کي هڪ نه هڪ ڏينهن پاڻ سان گڏ وٺي وڃي ٿو، پر ڪي موت اهڙا هوندا آهن،
جن جو ٻُڌندي ئي ماڻهن جا هنيانءَ هٿن ۾ اچي پوندا آهن ۽ بي ساخته لڙڪ لڙي پوندا آهن.
اهڙي ئي احساس مان مون کي اُن وقت گذرڻو پيو، جنهن وقت ادي افسانه ڀرڳڙيءَ جي لاڏاڻي
جي خبر پئي. اڃا ته هُن کي گهڻو ڪجهه ڪرڻو هو، هوءَ جيڪا سنڌ کان ڪوهين ڏور هوندي
به سنڌ لاءِ سوچيندي هُئي، بلڪه سندس دل ۾ سنڌ ئي ڌڙڪندي هُئي، اُن جي وڇوڙي سچ ته
جيءُ جهوري ڇڏيو آهي. ساڻس ملاقات کي اڃا ڪي ڇهه مهينا ئي مَس گُذريا هوندا، سندس
نيڻن ۾ سنڌ جي عورتن لاءِ ايترا ته خواب هُئا جو اُنهن مان ڪجهه جو ذڪر ٻُڌي مون
کي مٿس ڏاڍو فخر ٿيو هو، هونئن ته هوءَ منهنجي ذات واري هُئي، پر ڪي ماڻهو پنهنجي ڪردار
۾ ايترا ته وڏا ٿي ويندا آهن، جو اُهي ذات برادريءَ جي دائري مان نڪري پنهنجي پوري
ڌرتيءَ جا ٿي ويندا آهن ۽ سچ ته هوءَ ڌرتيءَ جي ڌيءُ هُئي.