; سنڌي شخصيتون

01 July, 2019

زيب ڪنگو - جميل چانڊيو


زيب ڪنگو
نامياري شاعر سان ڳالهه ٻولهه
انٽرويو: جميل چانڊيو
Image result for ‫زيب ڪنگو‬‎اڄ اسان هڪ اهڙي تخليقڪار سان رهاڻ ڪنداسين جيڪو انسان دوست ۽ ڌرتي سان انتهائي محبت ڪندڙ آهي، هونئن ته سندس پيشيوراڻو تعلق جيل پوليس سان آهي پر اسان جڏهن ساڻس انٽرويو لاءِ پهتاسين ته هو اسان کي انتهائي محبتي ماڻهو سان گڏوگڏ انسانيت سان انتها درجي جي محبت رکندڙ محسوس ٿيو، سندس پيشو جيل کاتي ۾ سپريٽنڊنٽ آهن، سندس ڌرتي سان محبت جو اظهار هن شاعري جي ذريعي ڪندي پنهنجي کاتي ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. جيل کاتي ۾ اورنگزيب ڪنگو جنهن کي ادبي طور تي زيب ڪنگو جي نالي سان سنڌ توڙي پرڏيهي ۾ سڃاتو وڃي ٿو، زيب ڪجهه سال اڳ ڪراچي سينٽرل جيل ۾ پوسٽنگ دوران جيل ۾ ليکڪن جي ڳولا ڪري هڪ ٽيم تيار ڪئي جنهن ٽيم ذريعي هن جيل اندر ميگزين جاري ڪيو. جيڪو”دي پرزن رويو سنڌ“ جي نالي سان شايع ٿيو، جنهنجو سلسلو اڄ به جيل جي ليکڪ قيدين ذريعي سندس نگراني ۾ هلندڙ آهي، ان سلسلي ۾ زيب ڪنگو جو تعرف هن ريت آهي.

ھريش واسواڻي


ھريش واسواڻي
سنڌي نئين ڪوتا جو جنم داتا
رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ جو غير معمولي ليکڪ، سنڌي ٻوليءَ ۾ نئين ڪوتا جو جنم داتا، سنڌي ٻوليءَ کي ”پرش وئشيا،“ جهڙي اڇوتي ڪوتا ڏيندڙ، هريش واسواڻيءَ، ڪيئي ورهيِھ ٿيا لکڻ ڇڏي، ادب کان پاسو وٺي ويهي رهيو. هن جي ان فرار جا ضرور ڪي سبب هوندا. هن جڏهن محسوس ڪيو ته ادب جهڙي مقدس ڪم ۾ سياست جي رنڊي گهڙي پئي آهي ته هن قلم کي الماڙيءَ ۾ رکي ڇڏيو ۽ سياست کي ادب سمجهندڙن لاءِ ميدان خالي ڪري سنتوش ماڻيو، يا پاڻ ان ڪيفيت ۾ محسوس ڪيو. ظاهر ڳالھه آهي ته في الحال ان الڳ پڻي کي سنتوش ئي چئبو. هن سچ پچ ڪيترو سنتوش ماڻيو، اهو ته اهو ئي ٻڌائي سگهي ٿو. پر هڪ ڳالھه بنهه سمجهڻ ڏکي ڪانهي ته چاليھه سال ادب کي ارپيندڙ شخص/اديب، ائين ادب کان پري ٿي وڃي ۽ اڪيلو گذارڻ لڳي ته ان عمل جي پويان ڪو درد، ڪا پيڙا، ڪا تڪليف هن ضرور ڀوڳي هوندي!

عابده پروين


عابده پروين
سنڌ، ملڪ ۽ عالمي سطح تائين پکڙيل گائيڪي جو سفر
۶۲هين جنم ڏينهن جي نسبت سان
وزير فرهاد سولنگي
Related image
عابده پروين لاڙڪاڻي جي علي گوهر آباد پاڙي ۾ رهندڙ هڪ راڳي گهراڻي ۾ ويهين اپريل ۱۹۵۶ ۾ ڄائي. (ڪٿي ۱۹۵۷ع به لکيل آهي) سندس پيءُ ماسٽر غلام حيدر لاڙڪاڻي ۾ موسيقيءَ جي تربيت جو هڪ اسڪول هلائيندو هو، هو پنهنجي دور جو سريلو راڳي هو. عابده جي امڙ ممتاز بيگم به ڳائيندي هئي. ان ماحول ۾ عابده اکيون کوليون. کيس ابتدائي موسيقي جي تعليم پنهنجي گهران ئي ملي. اسڪول ۾ پڙهڻ دوران باقاعده ڳائڻ شروع ڪيائين.

امر ساهڙ - وقار راهمون


امر ساهڙ
سنڌ جي نماڻي شاعر سان ڳالهه ٻولهه
انٽرويو: وقار راهمون
امر ساهڙ سنڌ جو نالي وارو شاعر آهي، ٿر جي ڀٽن ۾ جنم وٺندڙ هن شخص شاندار شاعري ذريعي سموري سنڌ ۾ محبت ڀرئي موٽ حاصل ڪئي. همعصر دور ۾ هو ٿر مان سنڌي ادب جو نمائندو ڪوي آهي. مون ساڻس ڪجهه سوال ڪيا آهن، جيڪي اوهان پڙهندڙن آڏو پيش آهن.

محمد حسين قادري - ياسرقاضي


محمد حسين قادري
گرڌاري، ويساهه گهاتِي ڪري وئين
ياسرقاضي
”قاضِي صاحبَ! مان اسٽُوڊيو نمبر ٽُو ۾ توهان جو انتظار ٿو ڪيان... اوهان واندا ٿي مُون کي اُتئُون سَڏي وٺجو ته پوءِ چانهه گڏُ ٿا پيئيُون...“ مُنهنجي ڪنن ۾ اڄُ به سندس اهي جُملا، اُن جي ادا ڪيل اُن ئي مخصُوص پنهنجائپَ واري انداز ۾ گُونجن ٿا، جيئن هُو چوندو هو... ۽ ريڊئي حيدرآباد جي ڪاريڊور جي مخصُوص ”رِوَرب“ Reverb ۾ سندس آواز جيئن گُونجندو هو، اُهو رسُ سڄي عُمر مُنهنجيُن سماعتُن ۾ رهندو... زمانو هو ۱۹۹۶ع جو... اڄ کان ۲۲ سال کن اڳُ... جڏهن مان نئون نئون ريڊئي حيدرآباد تي وڃڻ لڳُس. ريڊئي جي جادُو نگريءَ ۾ آئي مُون کي تڏهن سالُ ئي مسَ ٿيو هو ۽ مُون کي محترمه بينظير ڀُٽو پاران لاڙڪاڻي ۾ قائم ڪيل نئين ريڊيو اسٽيشن تي ۱۶ سالن جي عُمر ۾ ڳڀرُو ڪمپئر طور ”ايپرُوو“ ڪرڻ کان ڪجهه مهينا پوءِ ئي، خواجه امداد علي (جيڪو ريڊئي لاڙڪاڻي جو پهريون اسٽيشن ڊائريڪٽر هو ۽ جنهن مُون کي لاڙڪاڻي ۾ ”ايپرُوو، ڪيو هو)، ”ڪنٽرولر“ طور ترقي ماڻي حيدرآباد ريڊئي جو سربراهه بَڻيو هو ۽ ۱۹۹۶ع ۾ جڏهن مان يُونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيس ته حيدرآباد (خاص طور ريڊئي حيدرآباد) تي اچڻ جو ڄڻ ته ڀرپُور بهانو ملي ويو. ريڊيو ڪراچي ۽ حيدرآباد اُهي اسٽيشنُون هيُون، جِن جي اندر داخل ٿيڻ به اُن دؤرَ جي مُون جهڙن ”نشرياتي رنگرُوٽن“ لاءِ ڪنهن اعليٰ اعزاز کان گهٽ ڪونه هو. اهڙيءَ صُورتحال ۾ جڏهن حيدرآباد، خواجه صاحب سان ملڻ وڃ! بنا ”سرڪاري اين او سِيءَ“ جِي فارملٽِيءَ جَي، پروگرام ڪرڻ جِي آڇ ٿئي... ته اهڙو موقعو ڪير ٿو وڃائي سگهي! اُن دؤر ۾ هُو ريڊئي حيدرآباد تان نشر ٿيندڙ زرعي پروگرام جو انچارج هو ۽ سندس ڪمرو اسٽيشن ڊائريڪٽر جي ڪمري جي سامهُون هو. اُن وقت ريڊئي حيدرآباد تي مُون کي سُڃاڻڻ وارا ڪُل چار ڄڻا هُئا... خواجه صاحب... نصير صاحب (نصير مرزا)... الاهي بخش ٻانڀڻ صاحب... ۽ هي...

انور جاني - شڪيل احمد ڪٻر


انور جاني
ڀٽائيءَ جو فقير جاني جاپان وارو
شڪيل احمد ڪٻر
دنيا ۾ هن سان منهنجو پڦاٽ ۽ ماروٽ وارو رشتو هيو. ليڪن روحاني اک سان، مون انهي انور جاني کي ڀٽائي جو فقير ڏٺو. ڪيترن ئي راتين جي آخري پهر ۾ حيدرآباد کان ڀٽائي پهچي، مرشد جي اڱڻ تي اڀين پيرين نيڻن مان لڙڪ ائين وهائيندو هيو، جيئن عاشق محبوب جي جدائيءَ ۾ وهائيندو آهي. ڀٽائي جي فقير جاني جاپان واري جي زندگيءَ تي روشني وجهڻ لاءِ سوچي رهيو آهيان ته ڪٿان شروعات ڪجي.

عرض محمد ابڙو - نبيل ابڙو


عرض محمد ابڙو
ڪي ماڻهو واقعي تاريخ ٿين ٿا!
نبيل ابڙو
شيخ اياز چواڻي ته ”مان اهو فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان ته تاريخ ماڻهن کي ٿي ٺاهي يا ماڻهو تاريخ کي“ بلڪل ساڳي ريت ان ڳالهه ۾ فرق ڪرڻ بنهه ڏکيو آهي ڇاڪاڻ ته هن دنيا ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جن تاريخ ۾ پنهنجا باب لکي ڇڏيا جڏهن ته ڪن کي وري تاريخ امر ڪري ڇڏيو.

سردار علي محمد مهر - بخت علي بوزدار


سردار علي محمد مهر
اسان کان وڇڙي ويو...!
بخت علي بوزدار
سنڌ ڌرتي وقت به وقت ڪيترا ئي عظيم انسان پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجن ڪارنامن ۽ جدوجهد سان سنڌ ڌرتي جو نالو هميشه روشن رکيو، جن مان سردار علي محمد مهر به هڪ هو. سردار علي محمد مهر جو جنم گهوٽڪي ضلعي جي تعلقي خانڳڙهه ۾ سنڌ توڙي پاڪستان جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ  ۽ سياسي گهراڻي حاجي علي انور خان مهر جي گهر ۾ ۱۹۶۷ع ۾ ٿيو.

30 June, 2019

عاصمه جهانگير

عاصمه جهانگير
جدوجهد، اتساهه ۽ ويساهه جو وڇوڙو
امير ڀنڀرو



هڪ
۶۶ سالن جو جياپو ايڏو وڏو اتساهه، ويساهه ۽ جدوجهد جا مثال قائم ڪندو، اهو شايد ميڊم عاصمه جهانگير جي گهر وارن ئي نه سوچيو هوندو ته هو هڪ زندگيءَ ۾ ايتري جدوجهد جو مثال قائم ڪري سگهي ٿي جو اها جدوجهد هزارين جنمن ۾ ممڪن نه آهي، ملڪ جي لاءِ ڪهڙي به جدوجهد هجي، انسانيت جي حقن لاءِ ڪهڙو به ميدان هجي، قانون جي بحاليءَ لاءِ ڪهڙي به قرباني هجي جمهوريت جي جياپي لاءِ ڪهڙو به وقت هجي، هن پنهجي عمر صحت ۽ ذاتي زندگيءَ کي نه ڏٺو، بس جڏهن به آواز ٿيو، هن انهن آوازن کي اهڙو ته ورنايو جو هن جو آواز نه صرف پنهجي پويان ڪاميابيون کڻي آيو پر انهيءَ سان گڏوگڏ اهڙا مثال به قائم ڪري ويو جو اهي صدين تائين مثال رهندا ته جدوجهد ان کي چئبو آهي، آواز ان کي چئبو آهي، هن پنهجي ۶۶ سالن جي مختصر سفر ۾صدين تائين قائم ٿيندڙ جدوجهد جا اهي حوصلا ڇڏيا آهن، جيڪي نه صرف انسانيت پر اسان جي بهتر معاشري جي تربيت سفر بڻجي سگهن ٿا.

افسانه ڀرڳڙي


افسانه ڀرڳڙي
سرتين کان وڇڙي ويل ڪونج
شهزادي ڀرڳڙي
موت هڪ اٽل حقيقت آهي، اهو هر وجود کي هڪ نه هڪ ڏينهن پاڻ سان گڏ وٺي وڃي ٿو، پر ڪي موت اهڙا هوندا آهن، جن جو ٻُڌندي ئي ماڻهن جا هنيانءَ هٿن ۾ اچي پوندا آهن ۽ بي ساخته لڙڪ لڙي پوندا آهن. اهڙي ئي احساس مان مون کي اُن وقت گذرڻو پيو، جنهن وقت ادي افسانه ڀرڳڙيءَ جي لاڏاڻي جي خبر پئي. اڃا ته هُن کي گهڻو ڪجهه ڪرڻو هو، هوءَ جيڪا سنڌ کان ڪوهين ڏور هوندي به سنڌ لاءِ سوچيندي هُئي، بلڪه سندس دل ۾ سنڌ ئي ڌڙڪندي هُئي، اُن جي وڇوڙي سچ ته جيءُ جهوري ڇڏيو آهي. ساڻس ملاقات کي اڃا ڪي ڇهه مهينا ئي مَس گُذريا هوندا، سندس نيڻن ۾ سنڌ جي عورتن لاءِ ايترا ته خواب هُئا جو اُنهن مان ڪجهه جو ذڪر ٻُڌي مون کي مٿس ڏاڍو فخر ٿيو هو، هونئن ته هوءَ منهنجي ذات واري هُئي، پر ڪي ماڻهو پنهنجي ڪردار ۾ ايترا ته وڏا ٿي ويندا آهن، جو اُهي ذات برادريءَ جي دائري مان نڪري پنهنجي پوري ڌرتيءَ جا ٿي ويندا آهن ۽ سچ ته هوءَ ڌرتيءَ جي ڌيءُ هُئي.

استاد مٺو ڪڇي - ذوالفقار علي قريشي


استاد مٺو ڪڇي
سندس ۲۲ هين ورسيءَ جي حوالي سان
ذوالفقار علي قريشي
خصوصًا رمضان شريف جي نعت گوئي ۽ نج سنڌي موسيقيءَ جي ادائيگي ۾ داستان گوئي جنهن ۾ ڀڳتي واري انداز کان بالڪل نئين نموني سان مسلمان گائيڪي جي اهڃاڻ سان هڪ پيرين پنڌ ڪندڙ حاجين جي قافلي جي منظر ڪشيءَ ۾ استاد مٺو ڪڇي جي آواز جي ڪمال سان گڏوگڏ سنڌ جي اعليٰ مهان قرآن پاڪ جي پهرين منظوم ترجمي ڪندڙ حاجي مولوي احمد ملاح جي ڪلام.

سميع بلوچ - همير گاد


سميع بلوچ
نفيس ۽ نازڪ جذبن جو شاعر
همير گاد
Image may contain: 1 personسميع بلوچ جنهن جو پورو نالو سميع الله لنڊ بلوچ آھي
پاڻ ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۵۵ع ۾ حاجي غلام مرتضى لنڊ جي گهر ۾ ڳوٺ حاجي عطا محمد لنڊ خيرپور ۾ اک کولي.
سميع بلوچ پنهنجي شاعريءَ جي شروعات ۱۹۷۷ع کان ڪئي.
سندس ڪلامن کي سنڌ جي ڪيترن ئي راڳين ڳايو آھي خاص طور تي سرمد سنڌيءَ جو ڳايل هي امر گيت جيڪو اڄ به ماڻھن کي اوترو ئي ياد آ جيترو ان وقت جڏھن هي ڪلام نئون نئون آيو هو.

محمد ابراهيم جويو - ۲

محمد ابراهيم جويو
هڪ صديءَ جو پڙاڏو
پروفيسر محمد سليم ميمڻ
اڄ ۱۳ آگسٽ آهي. سائين محمد ابراهيم جويي جي ۱۰۲ين سالگرهه. کين ان سڀاڳي ڏينهن جون مبارڪون هجن.
جويو صاحب، سنڌ ڌرتيءَ جو اهو چمڪندڙ تارو آهي، جيڪو گذريل هڪ صديءَ کان سنڌ جو آواز بڻجي، ان جي افق تي چمڪي، هن ڌرتيءَ ۽ ان جي رهاڪن لاءِ پنهنجي لکڻين وسيلي پنهنجي آواز کي انهن ايوانن تائين پهچائيندو رهيو آهي، جن وٽ هن ڌرتيءَ جي رهواسين جي قسمت جي فيصلي ڪرڻ جو اختيار رهيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن، هن عظيم ڏاهي جي ڳالهين تي ڌيان نه ڌريو آهي.