اين ايم بليموريا
سنڌ جي تاريخ جي هڪ وساريل
شخصيت
مختيار ملاح
انگريزن جو دور سنڌ
جي تاريخ جو منفي ۽ مثبت طور تي منفرد دور آهي. هن دور ۾ سنڌ جي تعليم، ادب، سماجي
خدمتگاري وغيره صحيح نموني فعال هئا. هر طبقي، زبان، مذهب، عقيدي جا ماڻهو گڏجي سنڌ
جي اڏاوت ۾ ڪردار ادا ڪندا هئا. سنڌ جي هندو ۽ مسلمانن سان گڏو گڏ، پارسي انسان
دوست، اديب ۽ تاريخدان به پوئتي ڪو نه هئا، انهن ۾ هڪ نالو نرسجي مولجي بليموريا پڻ
وڏي حيثيت وارو هو. پر گهڻي ڪوشش جي باوجود سندس زندگيءَ جي باري ۾ احوال ملي نه
سگهيو آهي. (اگر ڪنهن دوست وٽ اهڙي معلومات موجود هجي ته ضرور شيئر ڪري) پر پراڻن ڪتابن
جي ورق گرداني مان معلوم ٿئي ٿو ته هو ڪراچيءَ جي پارسي اسڪولن ۾ ٽيچر هو ۽ علمي ۽
ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور نموني حصو وٺندو هو. بليموريا شروع ۾ ’سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ‘
جو خزانچي ۽ سيڪريٽري رھيو ۽ آخري دور ۾ وري ان جو صدر پڻ ٿيو. عجيب اتفاق آھي ته
ھن لڳ ڀڳ ڏھ سال سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ ۽ ٻين اھڙين سوسائٽين ۾ مثالي ڪم ڪيو. ھو
وڏو ڄاڻو، آرڪيالاجسٽ ۽ تاريخدان ھيو. هو ڪراچيءَ جي مارسٽن روڊ تي رھندو ھيو.
باقي ھن جا وڌيڪ تفصيل في الحال ڪون ٿا ملن.







