سائين قلندر شاھ لڪياري
گهڻ رُخو، مڻيادار ۽
انمول ماڻڪ موتي...
مٺل جسڪاڻي
ڪي ڪي ماڻهُو، ماڻهُو
هجڻ سان گڏوگڏ ڪردار ٿي پوندا آهن، تاريخ ٿيندا آهن، ڪي ليکڪ، ڪي محقق، ڪي شاعر، ڪي
دانشور، ڪي استاد ٿيندا آهن. ناميارا ٿي پوندا آهن، گھاٽي بڙ جي گھاٽي ڇانو جهڙا،
مثالي اداري جهڙا، انمول ماڻڪ موتي ٿي پوندا آهن. پنهنجي اولاد سميت، ٻين به ڪيترن
جا ئي مائٽ ۽ ڀرجهلا به ٿي پوندا آهن، استاد به ٿي پوندا آهن، اثاثو ٿي پوندا آهن.
انهن جي ڇپر ڇانءُ ۾ هجڻ تي فخر ٿيڻ لڳندو آهي. اهڙا ڪي ڪي ماڻهُو، لوڪ ۾ لڪل
هوندا آهن، ته ڪي ڪي عالم آشڪار ٿي پوندا آهن. اهڙن ئي گهڻ رُخن مڻيادار ماڻهُن ۾
هڪ اهڙو ماڻهُو به آهي، جيڪو محترم سائين قلندر شاھ لڪياري طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
اڄ سندس ۷۹هين سالگرهه آهي.






