; سنڌي شخصيتون

25 May, 2019

سائين قلندر شاھ لڪياري


سائين قلندر شاھ لڪياري
گهڻ رُخو، مڻيادار ۽ انمول ماڻڪ موتي...
مٺل جسڪاڻي


ڪي ڪي ماڻهُو، ماڻهُو هجڻ سان گڏوگڏ ڪردار ٿي پوندا آهن، تاريخ ٿيندا آهن، ڪي ليکڪ، ڪي محقق، ڪي شاعر، ڪي دانشور، ڪي استاد ٿيندا آهن. ناميارا ٿي پوندا آهن، گھاٽي بڙ جي گھاٽي ڇانو جهڙا، مثالي اداري جهڙا، انمول ماڻڪ موتي ٿي پوندا آهن. پنهنجي اولاد سميت، ٻين به ڪيترن جا ئي مائٽ ۽ ڀرجهلا به ٿي پوندا آهن، استاد به ٿي پوندا آهن، اثاثو ٿي پوندا آهن. انهن جي ڇپر ڇانءُ ۾ هجڻ تي فخر ٿيڻ لڳندو آهي. اهڙا ڪي ڪي ماڻهُو، لوڪ ۾ لڪل هوندا آهن، ته ڪي ڪي عالم آشڪار ٿي پوندا آهن. اهڙن ئي گهڻ رُخن مڻيادار ماڻهُن ۾ هڪ اهڙو ماڻهُو به آهي، جيڪو محترم سائين قلندر شاھ لڪياري طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. اڄ سندس ۷۹هين سالگرهه آهي.

مير اعظم علي ٽالپر - مٺل جسڪاڻي


مير اعظم علي ٽالپر
اڌ صدي کان لکندڙ
مٺل جسڪاڻي
پڙهندڙن مير اعظم علي ٽالپر جو نالو گهڻو تڻو صرف هڪ روزاني سنڌي اخبار ۾، ڪڏهن هڪ ٻن ڏينهن جي ته ڪڏهن ڪجهه هفتن جي ساهيءَ سان پئي پڙهيو هوندو،  پر ائين نه آهي. هو مختلف اخبارن ۾ پڻ ڇپبو رهيو آهي. سندس ڪجهه لکڻيون هڪ دفعو هڪ اخبار ۾ ڇپجڻ کان پوءِ ٻين اخبارن، ان اخبار جو ٿورو ڄاڻائڻ کانسواءِ ٻيهر پڻ پئي شايع ڪيون آهن! جيستائين منهنجو اندازو آهي، ته مير اعظم جو هڪ ڪتاب پڻ ڇپيو، جنهن جي حال حيات پڙهندڙن مان وڏي اڪثريت کي خبر نه آهي ۽ ممڪن آهي ته خود مير اعظم ٽالپر کي به ياد نه هجي! مون جڏهن کانئس پڇيو ته “اوهان لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي؟” ته هن وراڻيو “لکڻ لاءِ شروعات ڪڏهن ڪئي، ان جي يادگيري نه آهي، البته اهو سال ۱۹۶۷ع جي آخر يا وري ۱۹۶۸ع جو سال هوندو”. سندس پورو نالو پڇيم، ته هن وراڻيو “سائين پورو نالو سينما اسڪوپ (نالو) مير اعظم علي ٽالپر آهي”. سندس جنم جي تاريخ پهرين جنوري ۱۹۵۶ع آهي، پر مختلف اخبارن ۾ جنم ڏينهن جي حوالي سان ڇپجندڙ سلسلن موجب، شايد هي اڪيلو ليکڪ آهي، جنهن جي ڄمڻ جي تاريخ هر سال ٻه ٽي دفعا وري ايندي آهي.  ڄمڻ جا اطلاع ڇپبا رهندا آهن!

16 May, 2019

جمن دربدر

جمن دربدر

تعارف

ڄم



وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو“ جهڙو لافاني گيت سرجيندڙ شاعر ۽ قومپرست جمن ’دربدر‘ ساند قبيلي سان تعلق هو. هن عمرڪوٽ ضلعي ۽ تعلقي جي ڳوٺ روحل واءِ ۾ عبدالرشيد ساند جي گهر ۾ ۱۲ مئي ۱۹۴۴ع تي جنم ورتو. سـنـدس والـديـن بنـيـادي طـور مسڪين ۽ مال تي گذرسفر ڪندا هئا. سندس والد هاري هو.

15 May, 2019

جاويد ڀٽو


جاويد ڀٽو
جيڪو جمعو۱ مارچ ۲۰۱۹ تي واشنگٽن ۾ قتل ڪيو ويو..
دانشور ۽ فلاسافر شھيد جي زندگي جو مختصر خاڪو
جاويد ڀٽو ولد لعل خان ڀٽو جو تعلق شڪارپور سان ھيو. سندس والد لوئر مڊل ڪلاس سان واسطو رکندڙ ھيو. کيس ٽن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن جو اولاد ھيو. ھو صدر محلي ۾، ريلوي مال گودام سامھون، رھندا ھئا. ھو وڏو محنت ڪش ۽ ذھين شخص ھيو. ھو عورت ۽ مرد جي تعليم ۾ ھڪ جيترو يقين رکندڙ ھيو. ھو اکين جي بيمارين جو وڏو ڄاڻو ۽ تجربيڪار ھيو. ڇو جو وڏو وقت شڪارپور جي مشھور پراڻي ڊاڪٽر آغا حيدر خان سان وابسته رھيو. سندس سڄو آپريشن ٿئيٽر ھو پاڻ سنڀاليندو ھو. سندس وفات کانپوءِ، ھن پنھنجي ڪلينڪ قائم ڪئي ۽ اکين جا ڪامياب آپريشن به ڪيائين جيتوڻيڪ کيس ڪا ڊاڪٽري ڊگري به ڪونه ھئي. پر جيئن چوندا آھن ته؛ تجربو طاقت آھي. ان وقت اکين جي شعبي کان علاوه شھر ۾ ڪواليفائيڊ ڪمپائونڊر ئي ڊاڪٽر طور ڪم ھلائيندا ھئا. جيئن اول شاه پڌر ۾، تلسيداس. خانپوري در ۾، پيسو مل. ڀٽا محلي ۾، پڃو مل. صدر ۾، نارائڻ داس. ھزارِي در تي، ٻلرام داس. ميھر شاھ قبي وٽ، اتم چند وغيره. اھي ڊاڪٽرس جي نالي سان سڏبا ھئا. لوڪ کي ڪا لکا ڪو نه پوندي ھئي ته ڊگريءَ واري ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر ۾ ڪھڙو فرق ھوندو آھي. ٻيو ته ان زماني ۾ ميڊيڪل ڪاليج به اٽي ۾ لوڻ برابر ھوندا ھيا.

عاشق پهلوان - لياقت راڄپر


عاشق پهلوان
جنهن سيني تي هاٿي بيهاري!
لياقت راڄپر
اسان پنهنجن وڏن کان ٻڌندا هياسين ته اوائلي وقت ۾ پهلوانن جو قدر هوندو هيو، ۽ ماڻهو ميلن ۽ ملاکڙن ۾ انهن جي طاقت جو مظاهرو ڏسي داد ڏيندا هيا. خاص ڪري وڏا زميندار پهلوانن کي پاليندا هيا ۽ انهن جي کاڌي خوراڪ جو خرچ کڻندا هئا. پهلوانن جي لاءِ مينهن ڏني ويندي هئي، جنهن جو هو کير پيئندا هئا. مکڻ گهر استعمال ڪندا هئا ۽ ٻي خوراڪ ۾ انهن لاءِ گوشت ۽ خشڪ ميوو موڪلبو هيو ته جيئن هو طاقتور ٿين ۽ آکيڙي ۾ مقابلو ڪن ۽ ڪاميابي حاصل ڪن.

19 April, 2019

نياز حسين ڀٽو - عزيز بروهي


نياز حسين ڀٽو
هڪ هڏ ڏوکي اڳواڻ
عزيز بروهي
پاڪستان اندر پيراميڊيڪل اسٽاف جي حقن لاءِ پيراميڊيڪل تنظيمن جو بنياد تمام پراڻو آهي. هي ملڪگير توڙي علائقائي تنظيمون رهيون آهن، جن پنهنجي وت ۽ وس آهر پيراميڊيڪل اسٽاف جي حقن لاءِ جدوجهد، جاکوڙ، توڙي قانوني جنگيون وڙهيون آهن. سنڌ اندر هڪ دؤر هيو جڏهن  ڊاڪٽرس توڙي ڪامورا، پيراميڊيڪل ۽ ٻئي اسٽاف کي، انسان ئي تصور ئي نه ڪندا هئا ۽ خاص ڪري هيٺين گريڊ جي اسٽاف سان مائٽيجي-ماءُ-وارو-سلوڪ ڪيو ويندو هيو. ايتري تائين جو هو ڪنهن ڪرسي تي به ويهي نه سگهندا هئا. کين پٽ تي يا مخصوص ٿيل اسٽول تي ويهڻو پوندو هيو. اتفاق سان جيڪڏهن ڪنهن کي ڪرسي تي ويٺل ڏٺو ويندو هيو ته اهڙي ملازم کي سخت ترين سزائون ڏنيون وينديون هيون. ملڪ ۾ پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف توڙي ٻين پيراميڊيڪل تنظيمن جي جدوجهد ۽ ڪوششن کان پوءِ سينيٽر، وفاقي وزير صحت نصيرالدين جوگيزئي گريڊ ۱ کان ۱۶ تائين جي اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي پيراميڊيڪل اسٽاف قرار ڏيندي ۱۲ فيبروري ۱۹۸۴ تي هڪ نوٽيفڪيشن NO:F2-1/84m (HSERSW) جاري ڪيو، جنهن تحت پيراميڊيڪل تنظيمون قانوني طور مٿي ذڪر ڪيل عملي جي قانوني حقن لاء جدوجهد  ڪري سگهنديون. جنهن سان ڪنهن حد تائين پيراميڊيڪل اسٽاف کي تحفظ جو احساس ٿيو پر سندن مسئلا اڃا تائين اتي جو اتي موجود هئا. سنڌ جي پيراميڊيڪل جي ان وقت جون سمورين تنظيمن ۽ باشعور اڳواڻن وٽ هڪ تصور هيو ته سنڌ جي پيراميڊيڪل جو هڪ مڪمل سروس اسٽرڪچر هجڻ گهرجي، جنهن تحت هو مرحليوار ترقي ڪري سگهن. ڇو ته ترقين جو اهڙو ڍانچو نه هجڻ ڪري ملازم، جنهن گريڊ ۾ ڀرتي ٿئي ٿو، وري رٽائرڊ به ساڳي گريڊ ۾ ٿي رهيو آهي! سڀ کان پهرين اهڙو ترقين وارو ڍانچو ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي صاحب واري دؤر ۾ پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف جي ان وقت جي عهديدارن جي صلاح مصلحت سان ڊي جي صاحب پنهنجي لکيل هڪ حمايتي نوٽ سان گڏ ان وقت جي سيڪريٽري هيلٿ ۽ حڪومت سنڌ ڏانهن روانو ڪيو، جنهن سان سنڌ جي پيراميڊيڪل اسٽاف ۾ سرهائي ٿي. پيراميڊيڪل اسٽاف سان شروع کان بغض رکندڙ بيوروڪريسي کي اها ڳالھ نه آئڙي ۽ هنن ان جي منظوري جي راه ۾ روڙا اٽڪايا ۽ اهو ڪم رولڙي جو شڪار ٿيو. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جو پيراميڊيڪل اسٽاف مايوسين جي ڪُن ۾ ڦاسي پيو.

ولي محمد وفا پلي


ولي محمد وفا پلي
وڇوڙي ۾ ورهين جي هڪ رات ٿيندي
اظھر امر
تنھنجو مشتاق ديد ساري ٿو،
آ وڇوڙي جو موت ماري ٿو.
سنڌي شاعري جو هڪ وڏو نانءُ ولي محمد وفا پلي، جنھن جو جنم ۷ ڊسمبر ۱۹۴۴ ئي تي، ناري جي هڪ نواب عطا محمد پليءَ جي گهر ۾ ٿيو. سندس تعلق زميندار گهراڻي سان هيو. ڪنھن کي اُھا ڄاڻ ڪا نه هئي، ولي محمد اڳتي هلي سڄي سنڌ ۾ وفا پلي جي نانءَ سان هڪ سٺو شاعر ٿي اُڀرندو.

11 March, 2019

حاجي عنايت الله زنگيجو - شعبان وسطڙو


حاجي عنايت الله زنگيجو
لڙيو سج لڪن ۾
شعبان وسطڙو
قدرت انسان کي زندگي هڪ دفعو بخشيندي آهي، پوءِ انسان جي مرضي ۾ اها ڳالهه شامل آهي ته هو زندگي کي ڪهڙي رُخ تي ٿو وٺي. انهيءَ رخ تي جتي محبتون ۽ عزتون بخت ۾ ملن يا ذلتن ۽ خوارين جون کاريون کڻڻيون پون، پر جنهن سان الله راضي ٿئي ٿو ۽ مالڪ جو ساٿ شامل ٿئي ٿو ته پوءِ انسان آڪاش جي بلندين کي ڇهڻ لڳي ٿو، ان ۾ به مالڪ جي رضا شامل آهي. اهڙو ئي هڪ ٻهراڙيءَ جو ٻار جنهن کي الله تعاليٰ بيشمار خوبين سان نوازيو هو، جنهن علم جي لاٽ کي ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اها علم جي شمع پنهنجي جوت جلائڻ لڳي. اهو علم سان منور ٿيل ٻارڙو اڄ ننڍو سڀاڻي وڏو اهو علم جي جوت جڳائڻ وارو حاجي عنايت الله زنگيجو آهي.

رسول بخش درس

رسول بخش درس
ڀنڀيون هڏ مَ ڀير
شعبان وسطڙو



زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙن ماڻهن سان ڏيٺ ويٺ ٿي ويندي آهي، جنهن جي هڪ ئي نهار ۾ ماڻهو اُنهي خماريل نيڻن واري جو مريد بڻجي ويندو آهي ۽ انهن نيڻن جي هڪ ئي گهور ۾ ماڻهو پيو اهڙن مست نشيلي اکين کي ڳوليندو. هونئن به جن نيڻن ۾ مڌ جا مٽ ڀريل هجن، اُهي گهورن سان ڪيئن نه گهائينديون، پر اُها مڌ محبتي رنگن جي پروان چڙهيل هجي ته اُتي ڪهڙو ماڻهو بيهي سگهندو، سندن مقابلي ڪرڻ لاءِ! الائي ڇو مون پهريون ڀيرو جڏهن انهيءَ شخص جي نيڻن ۾ نهاريو هو، تڏهن مونکي شاهه جون هي سٽون من تي هري هيون ته؛

حليم باغي - شعبان وسطڙو


حليم باغي
جڏهانڪر ٿيام...
شعبان وسطڙو
ڪنهن به مسافر جي ڪا به منزل ناهي هوندي؛ ڇو ته هو سفر دوران ئي چاهتن ۽ محبتن جي چيت چڙهي ويندو آهي ۽ انهيءَ سفر دوران هُن جو وجود پنهنجي بقا جو داستان چٽي ڇڏيندو آهي. ڇو ته سچائي هر انسان جي سونهن جو حصو هوندي آهي. سچائي بنا ماڻهو ڪٽ چڙهيل آرسي جيان لڳندو آهي.

حميد ابڙو- شعبان وسطڙو


حميد ابڙو
ڌرتيءَ ڄائو!
شعبان وسطڙو
ليکڪ ڌرتي ۽ مٽيءَ جو مانُ هوندو آهي، ڇو ته هو ڌرتي ڌڻين جي دکن کي پنهنجن ساهن ۾ سمائيندو آهي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي دکن کي پنهنجو دک سمجهي پيو جيئندو آهي ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ قلم جو سهارو وٺي انهن جا دک عام ڪندو آهي، جيئن انهن هيڻن مظلوم ۽ پيڙهيل ماڻهن جي زخمن تي ڪو پهو رکي سگهجي. اهڙو ئي هڪ طبيب ۽ معاشري جي پيڙهيل ماڻهن جي نبض تي هٿ رکندڙ ۽ مرض کي سڃاڻيندڙ ادب سان سلهاڙيل ڪهاڻيڪار حميد ابڙو به آهي، جنهن قلم وسيلي لفظن کي سهيڙي ڪهاڻين جي روپ ۾ دکي ماڻهن جي دردن جي سيوا ڪندي ڪهاڻيڪار جو روپ ڌاريو. هونئن به حياتي ۾ انسانيت سان محبت جو درس ملي ٿو ۽ جن انهيءَ درس جي سکيا ورتي، يقين ڄاڻو ته انهن ئي جيئڻ جو حق ادا ڪيو. بلڪل شاهه صاحب جي چواڻي جيان ته،

محمد دائود بلوچ - شعبان وسطڙو


محمد دائود بلوچ
محبتي ماڻهو
شعبان وسطڙو
ڪن ڪن ماڻهن جي محبت مُرڪ هوندي آهي. ائين لڳندو آهي ته شايد هو محبتن منجهه ئي پليا هجن ننڍي لاڪون ۽ نفرتن جي زنجيرن کي ٽوڙي محبت جي ميدان ۾ ڪڏي پيا آهن ۽ محبت جي آويءَ ۾ پچي، اهڙا ته پڪا ٿي ويا آهن جو ڄڻ ڪا به ٻاڙائي نه هجي سندن وجود ۾. ڏسڻ ۾ مٺڙا ڳالهائڻ جا مٺڙا، جهڙو پتاشن جو دوڪان کولي ويٺا هجن! ۽ جهڙو هر ننڍو وڏو انهيءَ مٺاڻ مان ونڊ وٺندو هجي. محبت جو اهڙو ته ڄار وڇائي ڇڏيو اٿن انهيءَ تاندوڙئي جيان، جنهن جي ڄار ۾ داخل ٿيندڙ آسانيءَ سان ٻاهر نڪري نه سگهندو آهي. اهڙن ماڻهن جو قرب، سچائي تي ٻڌل هوندو آهي، سندن ساري وجود ۾ سچائي ۽ محبت ائين رقص ڪندي ڏيکاري ڏيندي آهي، ڄڻ شاهه جي ڪوهياري تي ڪنهن جو تن بدن اندر منجهه ئي تڙپندو هجي، ۽ هو ايامن کان انهيءِ ڳالهه جا جهڙا دعويدار بنجندا رهيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهڙي سچائي کين نقصان منجهه به وجهندي آهي پر هو انهيءَ ڳالهه ڏانهن اک کڻي به نه ڏسندا آهن. هو ته محبت جا جهول جهلي ونڊ ورهائيندا آهن. مان اهڙن سڪ ونڊيندڙن لاءِ صرف ائين چوندس ته ”محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن.“ ڀلي زندگيءَ جي راهن تي ڪيڏي به تڪليف اچين، پر تڏهن به هو حق ۽ سچ جي واٽ کي نه ڇڏيندا. جڏهن به ملندا ته مک تي نئين ڄاول ٻار جيان فرشتن جهڙي مرڪ پئي بکندن. سندن اها مرڪ سچ به ته اسان جهڙن پٿر دل رکندڙ ماڻهن کي به موم بنائي وجهندي آهي. اهڙي ئي سچائي مان ونڊ ونڊيندڙ ۽ محبتي مرڪ مرڪندڙ، حق ۽ سچ جو ڳولائو اسانجو سٻاجهڙو سائين محمد دائود بلوچ به آهي.

منظور جوکيو - شعبان وسطڙو


منظور جوکيو
ورهايو ته محبتون ورهايو
شعبان وسطڙو
ماڻهن جي من جي پرک ڪري ته نه ٿي ڪري سگهجي پر جڏهن انهن سان ڪجهه ملاقاتون ڪبيون آهن تڏهن انهن کي طبعيت ۽ فطرت مان پرکي سگهبو آهي ته ها....! هي شخص ڪهڙي قسم جو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪن اهڙن شخصن سان به پالو پوندو آهي، جي ڪڏهن به انت نه ڏيندا آهن ته هو آهن ڇا؟ پر هڪ اهڙو شخص جيڪو ڏسڻ ۾ به سادو سٻاجهڙو نظر ايندو آهي پر اندر جو به ايڏو ئي اڇو اجرو؛ ڪڏهن به ڪنهن لاءِ مير نه رکندو. خاموش طبع رهندڙ پر سندس هڪ گهور پل کن ۾ ئي گهائي وجهندي آهي. ملڻ وقت سندس لبن تي مسڪراهٽ تري ايندي آهي ۽ سچ به ته مون کي سندس چهري جي اها مرڪ فرشتن جيان لڳندي آهي ۽ سندس چهرو گلاب جي گلن جيان ٽڙيل ۽ ٻهڪندڙ لڳندو آهي. ڪير کيس سمجهي نه سمجهي پر هو منهنجي روح ۾ ڇٽيهن سالن کان نقش ٿيل آهي ۽ اهو سٻاجهڙو سدورو ۽ اندر جو اجرو شخص منظور جوکيو آهي، جنهن سان ملندي جڏهن کيس مرڪندو ڏسندو آهيان ته مونکي مدهوش جو هي شعر ياد اچي ويندو آهي ته،