; سنڌي شخصيتون

11 March, 2019

شيخ عبدالله - شعبان وسطڙو


شيخ عبدالله
ڪوهستان جو سماجي ڪارڪن
شعبان وسطڙو
تاريخ انسان جي ڪردار سان ٺهندي آهي ۽ پوءِ ڇو نه هو پنهنجي دور ۾ ڪهڙو به ڪردار ادا ڪري جو تاريخ جي پنن ۾ هن جو ڪردار امر رهي ۽ سالن ۽ صدين تائين انهيءَ جي مثبت ڪردار کي ساراهيو وڃي. اهڙو هڪ ڪردار ڪوهستان جي سماجي ڪارڪن انسانيت جو درد رکندڙ شيخ عبدالله جو به آهي. توڙي جو هو عبدالستار ايڌي ته نه ٿي سگهيو آهي پر هن جا ڪيل ڪم اها گواهي ڏين ٿا ته پنهنجي قد ۽ ڪاٺ ۽ حيثيت ۽ وسائل ۽ سهولتن جي اڻهوند سبب جيترو هُن نڀايو آهي، اهو ڪنهن به طرح گهٽ ناهي.

وڏيرو خان محمد وسطڙو - شعبان وسطڙو


وڏيرو خان محمد وسطڙو
جِئڻان اڳي جي جِئا...
شعبان وسطڙو
ڪڏهن ڪڏهن انسان جا من جي گهراين ۽ سچائي سان ڪيل ڪم کيس امر بنائي ڇڏيندا آهن. هونءَ به انسان ذات سان محبت ۽ ان جي خدمت لاءِ هر مذهب وائکي نموني پرچار ڪئي آهي. جيئن شاهه صاحب ته وڏي واڪي اعلان ڪندي چيو ته ”روزا نمازون پڻ چڱو ڪم، او ڪي ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي“ اهڙن انساني ڪمن ڪرڻ وارا پنهنجي تاريخي حيثيت مڃرائي ويندا آهن.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو

املهه انسان

غلام محمد ڪنڀر



سنڌ جو نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ استاد مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۸ آگسٽ ۱۹۲۴ع تي شهدادڪوٽ ۾ ڄائو، شاگردي واري دؤر کان ئي پاڻ سياست ۾ سرگرم رهيا، پرائمري قمبر ۽ سيڪنڊري لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد ايل ايل بي ڪراچي مان پاس ڪيائين، شاگردي واري دؤر ۾ سياست ۾ سرگرم رهيا. مسلم ليگ، ڪميونسٽ پارٽي، جيئي سنڌ، سنڌ هاري ڪميٽي، نعپ، پيپلز پارٽي سميت سنڌ عوامي اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ هئي، انهيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتائين. ايشيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ سندن جو شمار ڪيو ويندو هو. هن لاڙڪاڻي واري اوطاق، سنڌ ۽ هند جي مشهور اوطاق تي سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس ڪوٺرايو، ادب وسيلي انقلاب جي ان تحريڪ روشني جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اوطاق تان اڀريو ۽ پوري سنڌ ۾ ڦهلجي ويو ۽ سموري سنڌ کي جرڪائي ڇڏيائين. پاڪستان کان پهرين مشهوري سنڌي مسلمانن جي واحد اخبار ’الوحيد‘ جو ڪجهه وقت ايڊيٽر رهيو، جنهن پاڪستان جي تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، پاڻ قائداعظم محمد علي جناح جي انگريزي اخبار دان جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو. لاڙڪاڻي جي سنڌي ۽ اردو اديبن کي ويجهو ڪرڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيائين ۽ انجمن ترقي اردو پاڪستان لاڙڪاڻي شاخ جو سرگرم ڪارڪن رهيو. لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ اهو ئي سبب آهي جو انجمن ترقي اردو جي عمارت ۾ جيڪا لائبريري قائم ڪيائين، ان جو نالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رکيائين، جيڪا پهرين سندس گهر جي ڀرسان هئي. لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سنڌ جي لائبريري سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري جو بنياد به مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو رکرايو، جيڪا اپر سنڌ جي واحد لائبريري آهي، جتان هزارن جي تعداد ۾ اڄ به شاگرد اديب ۽ دانشور فيضياب ٿي رهيا آهن. هي لاڙڪاڻي شهر سان لڳو لڳ بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو، ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر طور به ڪم ڪيائين ته گڏ قمبر هاءِ اسڪول ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان به پنهنجا فرض انجام ڏنائين، پاڪستان جو واحد اڳواڻ هو، جنهن کي ڪامريڊ جو خطاب مليو، هن کان پهريان خان عبدالولي خان، عطاءُ الله مينگل، مير غوث بخش خن بزنجو، اڪبر بگٽي، خير بخش مري، جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مخدوم طالب الموليٰ، حاڪم علي زرداري ۽ ٻين ملڪ جي ناميارن سياستدانن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي سياست ڪئي، وڏيرا شاهي جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد ۾ شيخ المجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، جي ايم سيد، غلام محمد لغاري جن جي مدد سان ضلعي ۾ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو. انهيءَ سلسلي ۾ صدر ايوب خان جي مقابلي ۾ مرڪزي اسيمبلي ۾ هن محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو. سندس جو شمار ۱۹۵۳ع ۾ ڇپيل بايو گرافيڪل انسائيڪلو پيڊيا آف پاڪستان جنهن ۾ پنجن صوبن جي اهم ملڪ جي هڪ هزار وڏين شخصيتن منجهان هڪ قرار ڏنو ويو، انهيءَ کان علاوه پنجاب ڌرتي تان اردو ۾ ڇپجندڙ ڪتاب سنڌ ڪي چند انقلابي دانشور اور عوامي رهنما، جنهن جو ليکڪ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي آهي. ان ۾ سنڌ جي کاٻي ڌر جي ۱۵ اهم شخصيتن منجهان هڪ قرار ڏنو ويو، سندس ادبي هم اثر دوست اياز قادري، انيس انصاري، تنوير عباسي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، نسيم کرل، محمد ابراهيم جويو، جمال ابڙو، رسول بخش پليجو، شيخ اياز، حميد سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، يوسف لغاري، سوڀو گيانچنداڻي، رشيد ڀٽي، پير حسام الدين شاهه راشدي، پير علي محمد راشدي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، هري دلگير درياڻي، سراج ميمڻ ۽ ٻيا کوڙ سارا نالا اچي ٿا وڃن.

08 March, 2019

حفيظ کوھارو

حفيظ کوهارو
سنڌ جي منظرن کي رنگن ۾ قيد ڪندڙ

حفيظ چانڊيو



خبر ناهي ته هُن جي وڇوڙي تي لاڙڪاڻي لڙڪ لاڙيا به هوندا الائي نه! پر سندس موت تي سنڌ جو شعور ڍنڍڪرون ڏئي رنو هو، ايئن جيئن سنڌو درياهه جو پيٽ پاڻيءَ نه هجڻ تي روئي ويهندو آهي. هُن جي هٿن مان جڏهن رنگن وارو برش ڪِريو هو، ۽ موت کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙيو هو ته ان وقت اهي رنگ به روئي پيا هوندا، جن بيجان رنگن کي پنهنجي آرٽ ذريعي هن نئون جيئندان بخشيو هو. هُو مصور هو، تڏهن ئي سندس دل به سنڌوءَ جون چلولاين جيان رنگين هُئي، سندس وجود ۾ سنڌ سمايل هئي، سندس هر ساهه ۾ ديس سان پيار سمايل هو، اهو ئي سبب هو جو هُن سنڌ جي سونهن کي پنهنجي پينٽ جو محور ڪيو هو، ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن تي سندس هٿ ۾ پيل برش اهڙو ته جنبش ۾ اچي ويندو هو جو سندس هٿ مان نڪتل پينٽ سنڌ جي هڪ دانهن بڻجي ايوانن تائين پهچندي هُئي ته ايوانن کي لوڏي وجهندي هو.

04 March, 2019

ڊاڪٽر هرچند راءِ


ڊاڪٽر هرچند راءِ
جنهن کي ثقافتي خدمتن تي صدارتي ايوارڊ مليو
ڀارو مل امراڻي

هو انهن انگ ڌڙنگ انسانن مان هو، جن پنهنجي پورهئي جي پگهر ۽ غير معمولي ذهانت سان انساني تاريخ کي نوان موڙ ڏنا آهن. جڏهن ٿر ۾ ثقافتي رنگ روپ ۽ سائنسي سوچ جي سنگم سان انساني سونهن جاڳرتا جي جلوي ۾ جرڪندي، جڏهن ملير جي مٽي تي عام ماڻهو معاشي طور مضبوط ٿي جوڀن رُت ۾ گل جيان ٽڙندو، تڏهن هن شخص کي ضرور ياد ڪيو ويندو.


ٿر ۾ انساني سگهه، حوصلي، بي پناهه قوت ۽ پختي ارادي جي علامت رهندڙ ڊاڪٽر هرچندراءِ هڪ ئي وقت مسيحا، سماجي اڳواڻ، سياستدان ۽ محقق هجڻ سان گڏ ثقافتي رنگن روپن جو رکوالو هو. هن جي گهڻ رخي شخصيت هڪ اداري، هڪ تحريڪ، هڪ جدوجهد جو نالو آهي.هن شخص نه صرف ڇاڇري کان عمرڪوٽ ۽ عمرڪوٽ کان مٺي ڏانهن پنڌ ڪيو هو. پر سانگهڙ کان ننگرپارڪر تائين پوري خطي جون واهڻ وستيون، ڍنڍون، ڍورا، مڙها ۽ ڏهر پنهنجي پيرن هيٺ لتاڙيا هئا.هن زندگي ۾ ڏک ڏولاوا ڏسي بيمار انسانن جو علاج ڪيو هو. سخت پورهيو ڪري هيڻن کي حوصلو ڏنو هو. رڃن ۾ رابيل پوکي وطن جا ويڙها وسايا هئا. هن مارو ماڻهن جي ويڙهن ۽ جهوپڙن کي قلعن، ڪوٽن ۽ محلن کان مٿانهون پيش ڪيو هو. هن جي اندر جي تمنا هئي ته مارو ماڻهو عزت ۽ آبرو سان ثقافتي رنگ روپ ميڙي برن ۾ بازارون قائم ڪن. هن تهذيب ۽ تاريخ جي ٽٽل سلسلن کي جوڙڻ جي لاءِ پنهنجي گهر ۾ ميوزم جو بنياد رکيو. هن سياست ۾ عام ماڻهو جي داخلا جي لاءِ ڏاڍ جا ڏونگر ڪٽڻ جي لاءِ گهاڙو گهڙيو. هن عام ماڻهو جي زبان تان پهرو لاهڻ جي لاءِ پتوڙيو. قلم جي آزادي جي لاءِ جستجو ڪئي.

02 March, 2019

پروفيسر سائينداد ساند

سائينداد ساند

اسحاق مڱريو



مٺيءَ جو اهو شھر، جنھن کي اسان سڃاڻندا هئاسين، سو سٺ سيڪڙو ته تڏهن گذاري ويو هو، جڏهن ڀلي پار تان ڪويل جي ڪوڪ صادق فقير جي لاڏاڻي جي خبر آئي هئي، سائينداد ساند جي موت، مٺيء جي ڪلاسيڪل تعارف جي موت کي اڄ مڪمل ڪيو.

22 January, 2019

سهيل سانگي

سهيل سانگي
نامور صحافي ۽ ليکڪ
ڀارومل امراڻي


سنڌ جي نامور ليکڪ اعجاز منگي پنهنجي هڪ ليک ۾ لکيو آهي ته: “سهيل سانگي جنهن به هنڌ هوندو آهي، ٿر جون ڀٽون ۽ انهن تي چونئرا هڻي رهندڙ ٿري هن جي آس پاس رهندا آهن.”

سائين جي ايم سيد - ۱


سائين جي ايم سيد
استاد لغاري
سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو آزاديءَ جا علمبردار ۽ نظرين جا باني ٿي گذريا آهن، سائين جي ايم سيد جو نالو به انهن ۾ هڪ آهي. سندس پورو نالو سيد غلام مرتضيٰ شاھ ولد سيد محمد شاھ هيو. پاڻ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي، سنڌ جي مشهور شهر سن ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس وصال ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي، ۹۱ سالن جي ڄمار ۾، ڪراچيءَ جي جناح اسپتال ۾ ٿيو. ان وقت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت هئي ۽ سائين جي ايم سيد هٿڪڙين جي حالت ۾ هو. شيخ اياز پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي، ته “مون پنهنجين ڪراين ڏانهن ڏسي سوچيو، ته ڪڙيون ۽ قاتل اڃان ڪيستائين دور رهندا؟ مون زبان کي ڏند سان ڪٽي چيو، نه ڄاڻان تون ڪڏهن سمورو سچ چوندينءَ؟ نه ڄاڻا توکي ڪڏهن ڪپي ڦٽيءَ ڪندا؟”. ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کي، وقت جي بي رحم حڪمرانن تخته دار تي چاڙهي ڇڏيو ۽ سائين جي ايم سيد کي، وقت جي جابر حڪمرانن ايستائين هٿڪڙين ۾ رکيو، جيستائين سندس روح جو پکيئڙو پرواز نه ڪري ويو. مان ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ۽ سائين جي ايم سيد جِي مظلوميت جي مماثلت ڪرڻ نه ٿو چاهيان، پر فقط ايترو چوڻ چاهيان ٿو، ته ۱۹۷۱ع کان وٺي ۱۹۷۷ع تائين، حڪمران پارٽي، سنڌ جي قومي شعور ۽ حزبِ اختلاف سان، ڊي پي آر جي نالي تي، جيڪي ڀال ڀلايا، اهي تاريخ ڪڏهن به وساري نه سگھندي. ليڪن ذوالفقار علي ڀٽي صاحب سان، پڇاڙيءَ ۾ جيڪو ناحق ظلم ڪيو ويو، ان سندس سمورا اوگڻ اُجاري اڇا ڪري ڇڏيا. “مڙيئي معاف ڪياس، خالق بدلي خون جي”. سائين جي ايم سيد ۽ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ۾، جيڪا هڪجهڙائي آهي، اها هي آهي، ته اهي ٻيئي سنڌي ليڊر، جنوريءَ جي مهيني ۾ ڄاوا ۽ ٻيئي اپريل جي مهيني ۾ اَمر ٿي ويا.

05 January, 2019

شيخ اياز - ۱


شيخ اياز
تعارف- تو ڳاتا گيت بغاوت جا
شيخ اياز سنڌ جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. شيخ اياز ۲ مارچ ۱۹۲۳ع تي شڪارپور شهر ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو شيخ غلام حسين هو. سندس ڇٺيءَ جو نالو مبارڪ علي رکيو ويو پر هي اڳتي هلي شيخ اياز جي نالي سان ادبي دنيا ۾ مشهور ٿيو. والد پاران کيس ۳ مارچ ۱۹۲۸ع تي پنجن سالن جي ڄمار ۾ پاڙي جي هڪ اسڪول نمبر ۳ ۾ داخل ڪرايو ويو. هن اسڪول ۾ ڪجهه عرصي تائين پڙهڻ بعد ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيو جتان ۳۱ مارچ ۱۹۳۴ع تي چار درجا پاس ڪري نيو هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو. ۳۱ مارچ ۱۹۳۹ع تي پنج درجا انگريزي ۾ پاس ڪري ۱۱ اپريل ۱۹۳۹ع تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو ۽ اپريل ۱۹۴۱ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. ۱۹۴۳ع ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان انٽر ۽ ۱۹۴۵ع ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان بي اي ڪيائين.

28 December, 2018

ديوان ڪوڙومل چندنمل کلناڻي

ديوان ڪوڙومل چندنمل کلناڻي

(تعارف)



سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، ليکڪ ۽ تعليمدان، ديوان ڪوڙومل، ڀريا، تعلقي نوشهري فيروز، ضلعي نوابشاهه ۾ ۵ آڪٽوبر ۱۸۴۴ع تي ڄائو. سندس جنم جو نالو پريتم هو، پر جيئن ته اڳ ڄاون مان ڪو به بچيو نه ٿي، ان ڪري سندس نالو بدلائي ’ڪوڙو مل‘ رکيو ويو. ننڍپڻ ۾ کيس لکڻ پڙهڻ سان گهڻو چاهه هو. سنڌي ۽ فارسي ڀر واري ڳوٺ دريا خان جلباڻيءَ ۾، آخوند قاضي محمد سليمان جي مڪتب ۾ پڙهيو. بهار دانش ۽ سڪندرنامي تائين فارسي پڙهي چڱو محاورو حاصل ڪري ورتائين. ۱۴ ورهين جي ڄمار ۾ اڪيلو اُٺ جي ۱۲۰ ميل مسافري ڪري حيدرآباد ۾ وڃي انگريزي پڙهيائين، تڏهن اڃا ريل گاڏي چالو ڪانه ٿي هئي.

08 December, 2018

ستار پيرزادو


ستار پيرزادو
سندس ادبي پورهيو
لياقت راڄپر
ٻلهڙيجي جي زرخيز مٽيءَ مان پيدا ٿيل شاعر، اديب، ڪهاڻيڪار، ڪالم ڪار ۽ محقق ستار پيرزادو، زندگي جي ڏکن ۽ تڪليفن مان گذري ٺوس ۽ مڪمل ٿي، ادب جي افق تي نروار ٿيو آهي، ستار پيرزادو هن جو ادبي نالو آهي جڏهن ته هن جو پورو نالو عبدالستار آهي، جيڪو ۲۹ جنوري ۱۹۵۰ع ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ دوست علي پيرزادي جي گهر ۾ ڄائو. ستار پنهنجي مطالعي، تجربي ۽ مشاهدي ذريعي پڙهندڙن کي ۲۰ کان وڌيڪ ڪتاب ڏنا آهن، جن ۾ شاعري، نثر، ڪهاڻيون، مضمون ۽ ترجما شامل آهن.

ستار ڀٽي


ستار ڀٽي
بهترين ڪردار
نسرين الطاف
زندگي ته نالو ئي جستجو ۽ جدوجهد جو آهي. اڳتي وڌڻ ۽ زندگي جي رازن کي پروڙڻ جو آهي. انسان جي جياپي سان گڏ ان جي تاريخ به ان سان گڏ هلندي آهي. ماضي بڻجي ويل لمحا حال سان هلندڙ پَل ۽ مستقبل ۾ ايندڙ اونا ان کي زندگيءَ جي دڳ تي اڳتي وٺي هلندا آهن. انساني شخصيتون ان کي سماج ۾ سڃاڻپ ڏينديون آهن. انسان سان ڪارج ۾ ڪردار ان جي شخصيت جو اسڪيچ جوڙيندو آهي. اعليٰ ڪردار ادا ڪندڙ انسان تهذيب جي بقا ۽ سماج ۽ معاشري لاءِ پنهنجو متوازن ڪردار ادا ڪري ان سماج ۽ معاشري جي فردن لاءِ هڪ مثال بڻجي امر ٿي ويندا آهن. سندن ڏنل يادگارون پوءِ اهي لکڻين جي روپ ۾ هجن، آواز جي روپ ۾ هجن مصوريءَ جي روپ ۾ هجن، اهي سماج ۽ معاشري جي تاريخ بڻجي وينديون آهن ۽ سڄي دنيا لاءِ روشني ۽ اتساهه جو سبب بڻجنديون آهن. انهن ئي بهترين شخصيتن ۾ ستار ڀٽي به هڪ هو. سار ڀٽي هميشه هڪ شفيق ڀاءُ جي شڪل ۾ مونسان گڏ رهيو، جڏهن به ساڻس ملاقات ٿيندي هئي ته هو تمام محبت ۽ پيار واري انداز ۾ مٿي تي هٿ رکي مون سان ملڻ ڪڏهن به وساري نٿي سگهان. ساڻس آخري ملاقات سنڌي ادبي سنگت جي اليڪشن ۾ ۶ آگسٽ ۲۰۱۷ تي ڪافي دير سندس ڀرسان ويهي اليڪشن ۽ سنڌي ادبي سنگت بابت ڳالهيون ٿيون. سڄو ڏينهن گڏ رهڻ کانپوءِ ستار کي ڪراچي وڃڻو هو ته پاڻ موڪلائڻ مهل چيائين ته ڀيڻ اليڪشن ۾ بيهڻ وقت کٽڻ ۽ هارائڻ ٻنهي ڳالهين کي ذهن ۾ رکجي، بهرحال توهان سٺائي جي اميد رکو. الله توهان لاءِ جيڪو به ڪندو بهتر ڪندو. ان کانپوءِ سندس ڪتاب ستار ڀٽي شخصيت ۽ خط آيو. جنهن جي چونڊ ۽ ترتيب سندس گهر واري حميده ڀٽي ڪئي. پاڻ مون کي اهو ڪتاب نومبر مهيني ۾ موڪليو، جنهن ۾ سندس لفظ سڪ ۽ اڪير منجهان پنهنجي ڀيڻ نسرين الطاف لاءِ ڄڻ ته اڄ به دل تي اُڪري بيٺا آهن ۽ پوءِ وري ميسيج ڪري پڇيائين ته ڪتاب مليو؟ مان ڏاڍي شرمنده ٿيس ته اصولن مون کي ڪتاب ملڻ کانپوءِ ستار کي ٻڌائڻ کپي ها ته توهان جو موڪليل تحفو “ڪتاب” مون کي مليو پر سندس اُهي پيار ۽ محبتون وساري نٿيون وسرن. ستار ڀٽي سادو انسان جي عنوان هيٺ ڪتاب ۾ سندس وني جيون ساٿي حميده ڀٽي لکي ٿي ته مان سنڌ جي هر ضلعي ۾ ساڻس گڏ هوندي هئس، اسان جو اولاد وڏو ٿيو ته اهو به گڏ هوندو هو. سندس چوڻ هو ته سماجي، ادبي تنظيمن ۽ پروگرامن ۾ سنڌي عورتون اوهان کي ڏسي شريڪ ٿينديون. پنهنجي گهر کان شروعات ڪندڙ ستار ڀٽي هميشه عورت جي اڳتي وڌڻ جو حامي رهيو. عورت جي ترقي ۽ اڳتي وڌڻ سندس خواب رهيو. افسوس جو اسان جو سنڌي سماج ٻٽن روين سان ڀريل آهي. پر ستار ڀٽي جي قول ۽ فعل ۾ ڪڏهن به تضاد نه رهيو. هن سياست به ڪئي پر سياست جي تلخ تجربن کانپوءِ هن پنهنجو رخ لکڻ پڙهڻ ڏانهن ڪري ڇڏيو ۽ سندس ڪوشش اها ئي رهي ته شخصيت جي بقا تجربن جي بنياد تي پنهنجا خيال نسلن تي وکيري انهن کي ڪتابي شڪل ڏئي نروار ڪرڻ ۾ ئي آهي. هن سڀ کان پهريان تحقيق جو ڪم شروع ڪيو ۽ سڀ کان پهريون ڪتاب “لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي” ۱۹۹۸ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيائين. هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي سنگت جي ڪتابن جي انعام ڏيڻ واري مقابلي ۾ شامل ڪيو ويو. سندس ٻيو ڪتاب “لاڙڪاڻي جون امر شخصيتون” هو، جيڪو ۲۰۰۰ع ۾ شايع ٿيو. سندس ٽيون ڪتاب “چنڊ چوانءِ سچ” چوٿون ڪهاڻين جو ڪتاب “قيديءَ جي عيد” ۽ انگريزي ۾ پير حشام الدين راشديءَ تي ڇپيل ڪتاب لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي قائم ڪري پنهنجي هڙا وڙان خرچ ڪري ڇپرايا. ستار ڀٽيءَ جو چوڻ هو ته هن کي فخر آهي ته ان اهي ڪتاب ڇپرايا، پر افسوس اهو آهي ته شخصيتن تي لکڻ وارن کي وڏيون تڪليفون آيون، ڇو جو جيڪي اهي امر شخصيتون گذاري ويون آهن، انهن جا پونيئر تعاون نه ڪندا هئا. ڪيترا ڀيرا انهن ڏي مواد لکي موڪليندو هو، جنهن جو جواب سالن کانپوءِ ملندو هيو. تصويرون ۽ ٻئي مواد لاءِ انهن جي گهرن ڏانهن الاهي پنڌ ڪرڻا پوندا هئا. تحقيق جو ڪم ڏاڍو رولڙي ۽ تڪليف وارو آهي.

07 December, 2018

فهميده رياض


فهميده رياض
۽ ورهيه اڳ لکيل تحرير...
مجاهد بريلوي
کاغذ تیرا رنگ فق کیوں ہوگیا
شاعر ترے تیور دیکھ کر
کاغذ ترے رخسار پہ یہ داغ کیسے ہیں
شاعر میں ترے آنسو پی نہ سکا
کاغذ میں تجھ سے کیسے سچ کہوں
شاعر مرا دل پھٹ جائے گا
اڱاري جي شام ڊان نيوز مان نڪرندي فهميده جو ٻُڏندڙ آواز آيو، ’مهيني کان لاهور ۾ آهيان، مان ته نٿي اچي سگهان، تون ئي اچي وڃ.‘
مون پڇيو ”طبيعت ڪيئن آهي؟“
چيائين، ”اڳ کان بهتر آهي. ڌيءُ ويرتا جي ٻارن ۾ دل وندريل آهي.“