; سنڌي شخصيتون

26 February, 2024

ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ

ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ

ڇا ته ماڻهو آهي!

حسين ڪپري



منهنجو استاد ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ، انگريزي ڊپارٽمنٽ جو چيئرمين، قابل ايڊمنسٽريٽر ۽ سخت مزاج پروفيسر هو. سندس ٻانهن جي لوڏ، ڪنڌ جو ور ۽ اکين جي سختي ڏسي شاگرد ليڊرن انگريزي ڊپارٽمنٽ جي ڪلاسن جو بائڪاٽ ڪرائڻ ئي ڇڏي ڏنو!

انگلش ڊپارٽمنٽ جي اعليٰ معيار لاءِ هن ڏاڍو پاڻ پتوڙيو ۽ ان جي قيمت چڪائي. دستور هن جو پنهنجو هو، قاعدا پاڻ ٺاهيندو هو ۽ انهن تي عمل ڪرائڻ به ڄاڻندو هو.

نذير حسين حيدري

نذير حسين حيدري

هڪ تاريخ ساز شخصيت - ورسيءَ جي مناسبت سان

افق فاطمہ حيدري



سنڌ جي لاڙ پٽ جو علائقو علمي خزاني سان مالامال آهي، جنهن ۾ مير غلام محمد ٽالپر، مولوي حاجي احمد ملاح، فاضل راهو ۽ ڊاڪتر نذير حسين حيدري نمايان حيثيت جا حامل آهن. ڊاڪٽر نذير حسين حيدري جو نالو هتان جي مسڪينن، لاچار ۽ بي واه ماڻهن جي همدرد، اديب، شاعر، فلسفي، محقق، مصنف، مورخ، صحافي، سياستدان ۽ حاذق حڪيم طور سڃاتو ويندو آهي.

محمد حسين شاھ سجاولي

حضرت مولانا سيد محمد حسين شاھ سجاولي

اسلامي صحافت جي ڪڙي

نم مھيسر



سجاول جي مٽيءَ ڪيترائي مڻيادار ماڻهو پيدا ڪيا آهن. جن زندگي جي ھر ميدان ۾ پاڻ ملھايو ۽ مڃايو آهي. انھن پنھنجي پويان شاندار ۽ اعلي قدرن جي ميراث ڇڏي آهي. جن جي نقش قدم تي ھلي اسان عزتن، شھرتن ۽ عظمتن جا نت نوان عروج ماڻي سگھون ٿا.

24 February, 2024

خالد ڪنڀار جوڳي

خالد ڪنڀار ‘جوڳي’

خانه بدوشن جي درد جو مصور

امر رائيسنگھ راجپوت



هُو جنهن جو رنگ ارونڌتي راءِ جي عظيم تخليق “هيڻن جو الله” جي نائڪ وليوٿا جھڙو سانورو آھي، پر اندر امرتا پريتم جي مقبول تصنيف “هڪ اُداس ڇوڪِري” جي نائڪه، انيتا جھڙو اَڇو ۽ اُجرو آھي. دُنيا جي وڏن وڏن اديبن جا اُٺ ڪتابن جا پڙھيل اهو ٿر جو ليکاري عبدالواحد آريسر جو عاشق آھي. هن جي اندر ۾ آريسر مينهن وسندي مور وانگي براجمان آھي. وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندڙ اهو وڏي قد وارو قداور ليکڪ سنڌ جي قديم تهذيب نوَ سئو هٽن واري شهر نُھٽي جي ننگ مُقيم ڪنڀار جو اُھو موڀي پُٽ آھي، جنهن جو ڇَٺيءَ جو نالو ته خالد آھي، پر فقير مُقيم کيس فلاسافر جوڳيئڙو چوندو هو، ان ڪري هُو اڄُ به پاڻ کي جوڳي سڏائي ٿو.

منٺار مارفاڻي

منٺار مارفاڻي

جنھن جو وڇوڙو جيءَ کي جهوري ٿو. . .

حسيب ناياب منگي



مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته هر روز شام جي وقت شڪارپور جي عالمن، اديبن، استادن، وڪيلن، صحافين ۽ شاعرن جو وڏو حلقو هاٿيدر تي، منهنجي والد مرحوم “نقش” ناياب منگيءَ وٽ ايندو هو، سندن ڪچهريون علم ۽ ڏاهپ جي خزاني کان خالي ڪين هونديون هيون. اُهي عام ڪچهريون به علمي، ادبي، تحقيقي توڙي سماجي ۽ سياسي محفلين جهڙيون لڳنديون هيون. ڪلاڪن جا ڪلاڪ اتي بحث مباحثا ٿيندا هئا. انهن ڪچهرين ۾ ڪي موضوع پڄاڻي تي پهچي ويندا هئا ته ڪي سوال رهجي ويندا هئا. انهن ئي ڪچهرين ۾ مون پهريون ڀيرو منٺار مارفاڻي کي ڏٺو هو، جيڪو ان وقت ته ڪهاڻيون ۽ شعر لکندو هو، پر هن ڀيري ڪنهن شخصيت تي مضمون لکي آيو هو ۽ منهنجو والد صاحب سندس لکيل مضمون جي تصحيح ڪري رهيو هو. منٺار وٽ ذري برابر به وڏائي ڪونه هئي. مون سندس عاجزيءَ کي اهڙي ريت اکين سان ڏٺو جو اتي ايندڙ هر ننڍي ۽ وڏي سان نوڙي هٿ جوڙي ڪري ملي رهيو هو. مون اتي کيس مٺڙي لهجي ۾ بامقصد گفتگو ڪندي ڏٺو ۽ ٻڌو هو. ان کان پوءِ ته جڏهن به ملاقات ڪندو هو ته ان ئي ساڳئي عاجزيءَ سان پيش ايندو هو. تن ڏينهن کان آخري ملاقات تائين اهڙي حالت ۾ ئي جُهڪي هٿ ٻڌي ملندو رهيو.

30 December, 2023

ڪامريڊ رشيد مخدوم

ڪامريڊ رشيد مخدوم

سوشلسٽ دانشور جي ورسي حوالي سان

سجاد ظهير



مارڪسسزم اها سائنس آهي، جنهن جي سچائي انساني جي آزادي جو اعليٰ مثال ثابت ٿي آهي. اڄ تائين دنيا جا سمورا ڏاها گڏجي ويهي مارڪس جي دليلن جو ڪو به نعم البدل ۽ جواب نه ڏئي سگهيا آهن. سندس ڪيل اڳ ڪٿيون ڀلي ساڄي ڌر وارن کي تنقيد ڪرڻ جو موقعو ڏينديون هجن پر وري به تاريخ مارڪس جي سوچ ۾ به تبديلي جو حق به انهن انقلابين کي ڏنو، جن ڪارل مارڪس کي پنهنجو رهبر تسليم ڪري انساني تاريخ جا تمام وڏا انقلاب برپا ڪيا. اڄ تاريخ ۾ مارڪس جي عظيم تخليقن کان بغير دنيا جو درست تجزيو ڪرڻ ناممڪن ٿيو وڃي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجون جاني توڙي مالي قربانيون ڏنيون. اڄ به سندن تاريخي قرباني کي مارڪسي فلسفي جي آبياري ۾ تمام وڏو حصو سمجهيو وڃي ٿو. دنيا جي مختلف ملڪن جتي علم، ادب ۽ سماج جي ميدان ۾ کوڙا سارا نالا ڳڻايا وڃن ٿا اتي پاڪستان جهڙي پٺ تي پيل ملڪ ۾ ڪميونسٽ تحريڪ جي ذڪر کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، ان  جو واحد سبب اهو آهي جو پاڪستان جي ڪميونسٽ تحريڪ جو پاڙون ان پارٽي جي هٿان رکيون ويون جنهن کي بولشويڪ قيادت جي اعليٰ اڳواڻن پاران وڏي احترام سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ ڏٺو ويندو. پاڪستانيسماج جنهن ۾ ڪميونسٽ روايتن ۽ پورهيت سياست کي انتهائي ڏکي دور ۾ جن ماڻهن زندهه رکيو انهن منجهان ڪامريڊ رشيد مخدوم جي انقلابي سياست کي هميشه ياد رکيو ويندو.

24 December, 2023

محمد سليمان خاصخيلي

محمد سليمان خاصخيلي

سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن شاخ ٽنڊوباگو جي اڳوڻي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري جي ياد ۾ تاثر......

تحرير: پروفيسر خالد حسين چنا



محمد سليمان خاصخيلي ڳوٺ محمد جمن خاصخيلي ديھ ڦوسڻا تعلقه تلھار ضلع بدين ۾ چاچي محمد دائم خاصخيلي جي گهر ۲۰ مئي ۱۹۶۷ع ۾ پيدا ٿيو. هن جو ادبي تخلص “بيتاب” هو. اسان هن کي واقعي بيتاب ڏٺو. محبت ۾، مهمانن جي خدمت ڪرڻ ۾، سماجي ڪمن ڪرڻ لاءِ، ڪنهن جي ڪم اچڻ لاءِ محمد سليمان خاصخيلي بيتاب نظر ايندو هو. هن سڄي عمرجدوجهد ۽ خدمت ڪئي. ڏک ۽ تڪليفون حاصل ڪيون پر پنهنجي سادي مرڪ کي آخر تائين ميرو ٿيڻ نه ڏنو.

ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري

ڊاڪٽر عابد لغاري

مرحوم جي ٽين ورسيءَ جي مناسبت سان:

ڊاڪٽر محمد علي محمدي



ھي انھن ڏينھن جي ڳالھ آهي ته جڏهن ۱۹۶۹ع منھنجي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو/ ھن وقت يونيورسٽي ۾ داخلا ٿي ته، حيدرآباد شھر اچڻ وڄڻ ٿيندو ھو. اسان جي طبيعت نصابي ڪتابن کان علاوه سنڌي ادب، تاريخ جا پڙھاڪو. ان زماني ۾ سنڌي اديب ٻن گروهن ۾ ورھايل ھئا. ھڪڙا قوم پرست ته وري ٻيا رجعت پسند، حقيقت ۾ ائين نه ھو اھا ھيئن ھئا ته ھڪ حق پرست ۽ ٻيا وري نعريباز. پر اڃا ائين کڻي چئو ته انھن ”رجعت پرستن“ جن ۾ مرحوم سيد سردار علي شاه، ڊاڪٽر محمد ابراھيم حليل، فيض بخشاپوري، توڙي پراڻا جمعيت الشعراءِ سان لاڳاپيل اديب، جن جو فن ۽ فڪر پنھن جي دين ڌرم سان ھئڻ جي باوجود سنڌ جي ٻولي جي مسئلن، سنڌ سان حڪمرانن جي نا انصافين خلاف پنھنجي قلم وسيلي زوردار آواز اٿاريندڙ ھئا. جن ۾ ان زماني جي اخبار مھراڻ ۾ سائين مرحوم سيد سردار علي شاه جا ايڊيٽوريل ساکي اھن. پاڪستان جي قيام کان وٺي سنڌ جي سرڪاري ادبي ادارن ۾ توڙي صحافت ۾ گھڻو ڪري لبرل ۽ سيڪيولر دوستن جي گھڻائي ھئي. اھا روش اڄ به جاري آهي، توھان سرڪاري اديبن ڏانھن نظر ڦيرايو،جن سنڌ سرڪار جي خزاني مان ميلن ملاکڙن ۾ پيا جاوا ڪن.

زڪيه شاهنواز ٽالپر

زڪيه شاهنواز ٽالپر

سنڌي ٻولي، سنڌ جي استادن ۽ سنڌ جي تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ ڪردار

احسان علي لغاري



سنڌ ڌرتي ڪيترن ئي اهڙن املهه ماڻڪن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي جدوجهد ۽ ڪردار سان نه صرف پاڻ کي سٺي مقام تي پهچايو آهي، پر ديس جو نانءُ به روشن ڪيو آهي، ديس جي ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي. اهڙن ماڻهن جو اسان جي تاريخ تي وڏو اثر آهي، انهن جو ڪردار اسان جي نوجوان نسل لاءِ سدائين اتساهه ڀريو رهيو آهي. اهڙن ماڻهن جي فهرست ۾ کيبر ڄائي اسان جي مانَواري پروفيسر زڪيه شاهنواز ٽالپر به هڪ آهي. زڪيه شاهنواز ٽالپر ۱۹۷۷ع تي ڳوٺ کيبر، ضلعي مٽياري ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پرائمري گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول کيبر، مڊل گورنمينٽ گرلز ٽريننگ ڪاليج تلڪ چاڙهي حيدرآباد، ھاءِ اسڪول پائليٽ ھاءِ اسڪول جي او آر ڪالوني حيدرآباد، انٽر گورنمينٽ گرلز ڪاليج قاسم آباد، گريجوئيش گورنمينٽ گرلز زبيده ڪاليج حيدرآباد، ايم. اي پوليٽيڪل سائنس سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري، ايم. اي سنڌي لٽريچر سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري، بي ايڊ آف ڪيمپس سنڌ يونيورسٽي، پي ٽي سي، سي ٽي جي تعليم حاصل ڪئي. ان کان علاوه هن ڪيترن ئي وڏن ايجوڪيشنل ادارن مان ٽريننگ ڪورس جھڙوڪ بيورو آف ڪرڪيولم سنڌ ڄامشورو، پائيٽ نوابشاھ، برٽش ڪائونسل ڪراچي، آغا خان يونيورسٽي ڪراچي پڻ ڪيا.

ڊاڪٽر آڪاش انصاري

ڊاڪٽر آڪاش انصاري

مظلومن جي نمائندگي ڪندڙ شاعريءَ جو سرجڻهار

پروفيسر مختيار سمون



سياست، ادب ۽ صحافت، انهن ٽنهي مان ٻه شعبا يعني سياست ۽ صحافت ته رياست جا ٿنبا ليکجن ٿا پر ٽيون جيڪو آهي يعني ادب، جيڪو شاعري به آهي ته نثر بہ، اهو ان رياست ۾ رهندڙ عوام جي زندگين جي نمائندگي ڪندڙ هوندو آهي، آئينو هوندو آهي، انهن جو ڀرجهلو هوندو آهي، ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جي سکن جو ساکي ۽ انهن جي دردن جي دانهن هوندو آهي، تاريخ هوندو آهي. اهي ٽئي دڳ يعني سياست، ادب ۽ صحافت هڪ ٻئي سان سلهاڙجي رياست کي رهڻ جوڳو بڻائيندا آهن يا مثبت تبديليءَ لاءِ انقلاب آڻيندا آهن ۽ قومن جون تقديرون بدلائي ڇڏيندا آهن. اسان جو ڊاڪٽر آڪاش انهن ٽنهي دڳن تي سرواڻي وارو علم کڻي اڳتي وڌيو آهي ۽ اڄ جيڪا نوجوانن ۾ سياسي جاڳرتا، قومي ڪاز لاءِ قرباني وارو جذبو، ڌرتي ۽ ٻولي سان محبت، پاڻ ۾ پختو ويساھ، جيجل جي جهولي لاءِ احترام ۽ اتساھ نظر اچي ٿو، ان ۾ ٻين سان گڏ اسان جي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي سياسي، صحافتي جدوجهد سان گڏ سندس شاعري جو وڏو ۽ اهم ڪردار آهي. هن جي شاعريءَ ۾ جيڪو پيغام آهي سو صاف ۽ چٽو آهي. اهو ڪنهن مصلحت، ڪنهن اگر مگر ۽ شڪ کان ماورا هڪ اهڙي اٽل فيصلي يا وچن جيان آهي جنهن کي صادر ڪرڻ لاءِ ڪونڌر ڪنڌ ڪپائڻ لاءِ ته تيار هوندا آهن پر پير پوئتي ڪرڻ لاءِ راضي نه ٿيندا آهن. اهڙي وچن جو هڪ مثال سندس هيٺئين شعر مان به پسي سگهجي ٿو:

اي اين جي عباسي

اي اين جي عباسي

الوداع سائين - هي درياءَ جي عاشقن جو ديس آ

اسحاق مڱريو



سنڌ جو پاڻي ماهر عبدالنبي گل حسن عباسي (اي اين جي عباسي) ڪالهه ۹۳ سالن جي ڄمار ۾ ڦڦڙن جي تڪليف سبب اسلام آباد ۾ گذاري ويو. هونءَ ته هن پنهنجي پروفيشنل زندگي اريگيشن جي نوڪري ۾ گذاري هئي، پر عمر جي انهن ٽيانوي سالن ۾ هن جنهن سڀ کان اهم ڪم جي حوالي سان وڏي شهرت ماڻي، اها ۲۰۰۳ع ۾ جنرل مشرف جي نون ميمبرن واري پاڻيءَ جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي سربراه هئڻ طور حاصل ڪئي هئي. ان کان اڳ ۾ هو ۱۹۹۹ع کان ۲۰۰۰ع تائين سنڌ جو آبپاشي وارو صوبائي وزير به رهيو. ان کان اڳ هن ۸۴-۱۹۸۳ع ۾ اريگيشن کاتي جي صوبائي سيڪريٽري طور به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون هيون، پر ۲۰۰۳ع کان ۲۰۰۵ تائين ٽيڪنيڪل ڪميٽي آن واٽر رسورسز جي سربراهه طور سندس پاڻي رپورٽ وڏي اهميت رکندڙ آهي. انهيءَ رپورٽ جي سلسلي ۾ فني ڪميٽيءَ ۾ هر صوبي مان ٻه ٻه ماهر شامل ڪيا ويا هئا. اڍائي سالن جي محنت سان دريائي پاڻيءَ بابت وڏي تحقيق ۽ محنت سان اها رپورٽ جوڙي وئي. اها رپورٽ ڇا هئي، جنرل پرويز مشرف جو سڄو واٽر ويزن چپ ٿي ويو. عالمي ڊيم انڊسٽري ۽ انٽرنيشنل ڊيم ڪنسٽرڪشن ڪمپنين جي پاڪستان ۾ ڪاروبار کي مشرف جو واٽر ويزن سڏيو ٿي ويو. ورديءَ وارو واپڊا چيئرمين جنرل ذوالفقار انهيءَ واٽر ويزن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گهڻو سرگرم هو. هڪ رپورٽ موجب: ڊيم انڊسٽري ساليانو ۲۰ بلين ڊالر جو منافعو ڪمائي ٿي، ان ڪري ملڪ جا سمورا ماهر ڪالاباغ ڊيم جي زرعي، نهري پاڻي، بجليءَ جي اهميت تي ورڪشاپس ۽ ڪانفرنسن ۾ مصروف هئا.

مومن بلو

مومن بلو

(پنجونجاھين سالگره تي)

ڊاڪٽر محمد علي محمدي



اڄڪلھ ته ڪيترا ئي سنڌي نوجوان، سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ، انگريزي زبان ۾ به تاريخي ماڳن، ائنٿروپولاجي، لسانياتي، تاريخ کي ڪهاڻي جي انداز ۾ ريسرچ ڪري ميدان تي پيا آڻين. جن ۾ جهونن مان بدر ابڙو، نوجوانن مان ذوالفقار ڪلهوڙو، ظفر جوڻيجو، بدين واسي ابوبڪر شيخ، ڪراچي جو گل حسن ڪلمتي، سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا تي لکندڙ مختيار ملاح ۽ پراڻن ماڳن کي نئون نڪور ڪرڻ جو انجنيئر اشتياق انصاري شامل آهن.

پروفيسر محمد يوسف شيخ

پروفيسر محمد يوسف شيخ

(۳ ڊسمبر ۲۰۲۲ع، ٻي ورسي جي موقعي تي تاثراتي نوٽ)

ڊاڪٽر محمد علي محمدي



سنڌ جو مايه ناز فرزند، تعليمي ماهر، بهترين منتظم، منهنجو اڌ صدي کان به پراڻو دوست محترم ڪيپٽن محمد يوسف شيخ اڄوڪي ڏهاڙي ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

ڪيپٽن محمد يوسف شيخ آرمي پبلڪ اسڪول ڇوڙ، پبلڪ اسڪول سکر، سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو باني۽ پرنسپال، حيدرآباد پبلڪ اسڪول، گڏاپ پبلڪ اسڪول ۽ گرلز ڪيڊٽ ڪاليج نوابشاه جو پرنسپال رهي چڪو هو. مرڪزي حڪومت ۾ نگران وزير تعليم به رهيو. هو علم وادب ۾ دلچسپي وٺندو هو. شاگردي جي زماني ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سيرت ڪميٽي جو روح روان هو. سندس ڪيئي ترجما ڇپيل آهن. انهن ۾ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي دوران شاگردن جا مخزن، شاھ لطيف تي مقالا. سندس سيد مودودي رح جي سيرت جي ڪتاب "سيرت سرور عالمﷺ" جو سنڌي ۾ ترجمو پڻ شامل آهي. هو حيدرآباد مان نڪرندڙ ماهوار "بيداري" جي مجلس ادارت ۾ پڻ شامل هو. ۱۹۷۰ع ۾ روزاني، الوحيد، جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو.