خالد ڪنڀار ‘جوڳي’
خانه بدوشن جي درد جو
مصور
امر رائيسنگھ
راجپوت
هُو جنهن جو رنگ ارونڌتي راءِ
جي عظيم تخليق “هيڻن جو الله” جي نائڪ وليوٿا جھڙو سانورو آھي، پر اندر امرتا
پريتم جي مقبول تصنيف “هڪ اُداس ڇوڪِري” جي نائڪه، انيتا جھڙو اَڇو ۽ اُجرو آھي.
دُنيا جي وڏن وڏن اديبن جا اُٺ ڪتابن جا پڙھيل اهو ٿر جو ليکاري عبدالواحد آريسر
جو عاشق آھي. هن جي اندر ۾ آريسر مينهن وسندي مور وانگي براجمان آھي. وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندڙ
اهو وڏي قد وارو قداور ليکڪ سنڌ جي قديم تهذيب نوَ سئو هٽن واري شهر نُھٽي جي ننگ
مُقيم ڪنڀار جو اُھو موڀي پُٽ آھي، جنهن جو ڇَٺيءَ جو نالو ته خالد آھي، پر فقير
مُقيم کيس فلاسافر جوڳيئڙو چوندو هو، ان ڪري هُو اڄُ به پاڻ کي جوڳي سڏائي ٿو.
