; سنڌي شخصيتون

28 November, 2021

مير صوبدار سعيد

مير صوبدار سعيد

گھڻ-رخي صلاحيتن واري شخصيت

حبدار جاگيراڻي



خيرپور، خاص ڪري ميرن وارو دور، علم، ادب ۽ ثقافت جي ميدان ۾ هميشه زرخيز رهيو آهي. رياست جي دور کان وٺي جديد سنڌ جي اڏجڻ تائين، خيرپور جو ادبي آڳر سدا سڳنڌ ڀريو رهيو آهي. تنوير عباسي، نسيم کرل، عطا محمد حامي، سليم ڳاڙهوي، اميد خيرپوري کان وٺي موجوده دور ۾ جي مختيار ملڪ، ڊاڪٽر اعجاز سمون ۽ ابراهيم کرل تائين خيرپور اڻ ڳڻيون علمي ۽ ادبي شخصيتون پيدا ڪيون آهن. انهن ئي گوهرن منجهان مير صوبدار سعيد به گذريل اڌ صديءَ کان علمي ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ سدابهار ۽ ممتاز شخصيت آهي. هو هڪ ئي وقت پرمقصد مزاح نگار، شاعر، صداڪار، اداڪار، ريڊيو پرفارمر ۽ ڪمپيئر آهي. جنهن جا سموري سنڌ ۾ لکين چاهيندڙ۽ مداح آهن. هو جڏهن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڊراما شوٽنگ تي وڃي ٿو ته سندس چاهيندڙن جو گھيرو وڌي وڃي ٿو. “محبت ورهايو نه ته مٿو چٿيندو سانو” جهڙو جملو سندس گفتگو ۾ ور ور پيو ورجائبو رهبو آهي.

ڄام قربان علي خان سولنگي

ڄام قربان علي خان سولنگي

هڪ مثالي استاد  ۽ ڪردار

ڊاڪٽر ڀائي خان “هالار” سولنگي



منهنجو ذڪر ڪجو ڇاڪاڻ ته آءٌ ڏوهاري ڪونه آهيان، نه وري بغض وچان ڪجهه چئجو (شيڪسپيئر)

پَل - اپَل جي هيءَ حياتي جر ۾ ڦوٽي جيئن آهي، الاجي ڪهڙي لهر، ڪيڏيءَ ويل ان کي اڌ ڪريو وڃي. ان کن پل جي جيون ۾ ڪي ڏيئا جرڪاٽ ڪندا آهن، جن جي لاٽ صدين تائين واٽهڙن کي واٽ ٻڌائيندي آهي. هڪ اهڙي فرض شناس ذميوارانه ۽ مثالي شخصيت جنهن پوري مني صدي علم جي لاٽ جو مشعل کڻي، استاد جي روپ ۾ مستقبل جي معمارن کي تعليم جي زيور سان سينگاري، بهادري ۽ حوصلي سان جئي ڏيکارڻ جي سگهه سان شعور ڏئي سنڌ جي سينڌ کي سنواري پختي عزم ۽ سچي سپوٽ جي ناتي پنهنجو پاڻ کي ارپي، هميشه سدا ساڃاهه وند ۽ علم دوست دلين ۾ امر بڻجي ويو.

پارس حميد

پارس حميد

پنجاھ ورهيه اڳ جي قبر ۽ پارس حميد جي تدفين.. ......

ضراب حيدر



مان روئڻو ماڻهو آهيان. روئڻ ايندو اٿم ته روئي پوندو آهيان، آفيس ۾ هوندو آهيان ته واش روم ۾ وڃي روئي ايندو آهيان.

ٽيون ڏينهن کان روئڻ ريساڙا ڪيا آهن، سائين رسول بخش درس وري ڪالهه پياري پارس حميد جي مرتئي، ڪالهه شام اوٻاڙو ۾ نياڻين جي هٿن ۾ زنجير، اِهي سڀ ڳالهيون سچ ته منهنجي سھپ کان گهڻيون آهن تنهنڪري رُنو آهيان.

ضراب حيدر ڪليار

ضراب حيدر

(ضراب آھي، ناھي خراب - پروفائل)

منور سراج



شھر نوابشاھه! ھائوسنگ سوسائٽي، وِشال ويڪرو رَستو، رَستي جي آخري ڪناري تي ھڪ  بنگلو ’ڪليار ھائوس‘، مٿي ھوا ۾ جهولَندڙ ڪاري بيرڪ وارو اُداس عَلم، مٿئين پورشن ۾ وڏوڪمرو، ڏکڻ ڏي کُلَندَڙَ دَرِي، ضراب حيدر جي اوطاقَ، جَنهِن جا دروازا سندس سڀني دوستن/ ليکڪن/ غير ليکڪن لاءِ ھر وقت کُليلَ، سنگت نوابشاهه جو سيڪريٽري چاھي وسيم سومرو ھجي، يا بخشل باغي، ضراب ھجي يا فياض چنڊ ڪليري، گڏجاڻيءَ جو ھنڌ بھرحال ضراب جي اوطاقَ، جِتي سنگت کي نه ھوندي پاڻي ڪانجهيءَ جي پرواهَه، نه وري چانھه جي چنتا..!!

ظفر عباسي

ظفر عباسي

جنم ڏينھن جون واڌايون

مرتضيٰ سيال



سال ۱۹۷۸ ۾ نوشهري ۾ اسڪائوٽنگ جي ڪئمپ لڳي، آئون ان وقت هاءِ اسڪول هالاڻي ۾ اٺين ڪلاس جو شاگرد هوس ۽ پنهنجي اسڪول جي اسڪائوٽنگ ٽيم سان ان ڪئمپ ۾ شريڪ ٿيو هوس، اتي ضلعي جي سڀني اسڪولن جا اسڪائوٽ آيل هئا، اسان جي پاسي ۾ هاءِ اسڪول ڪنڊيارو جي ٽيم پنهنجي ڪئمپ هنئي هئي، ڪئمپ ۾ سوين شاگرد هئا، اتي منهنجي ملاقات هڪ بنھ نازڪ، نفيس ۽ سنهڙي شاگرد سان ٿي جنهن پنهنجو نالو ظفر الدين عباسي ٻڌايو، ان مختصر ملاقات کانپوءِ جيترا ڏينهن ڪئمپ ۾ هئاسين اوترا ڏينهن وقفي وقفي سان ملندا رهياسين ۽ ڪئمپ پوري ٿيڻ تائين اسين ٻئي دوست بڻجي وياسين. هڪٻئي کي پنهنجون ائڊريسون ڏئي، ٻيهر ملڻ جا واعدا ڪري پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿي وياسين.

مولانا عبدالحق رباني

مولانا عبدالحق رباني

(ھڪ ڀيٽا)

حافظ سڪندر تنيو



سرزمين سنڌ ۾ ڪڏهن علم دوست ماڻهن جي اڻاٺ ناهي رهي، مذهب هجي، سياست هجي، معاشيات هجي، زراعت هجي، تعليم تدريس هجي، هرهڪ شعبي ۾ ڪيترا ڄاڻو ماڻهو ڏسڻ ۾ آيا آهن.

علامه راشد خالد محمود سومرو

علامه راشد خالد محمود سومرو

سندس ديني خدمتون

مفتي خالد محمود جوڻو



سرزمين سنڌ پنهنجي ظاهري توڙي باطني خوبين سان هر دور ۾ مالا مال رهي آهي، سرزمين سنڌ عالمن، فاضلن، مفسرن، محدثن، اديبن ۽ سياسي رهنمائن ۽ ليڊرن توڙي سماجي ورڪرن جو وڏو مرڪز رهي آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ باب الاسلام آهي، جن پنهنجي خداداد صلاحيت جي ڪري سنڌ ڌرتيءَ جو ڳاٽ ۽ مان اوچو ڪيو آهي. اهڙن عالمن توڙي ديني ادارن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ مستقل طور ڪتاب ۽ دفتر لکڻ جي ضرورت آهي، آئون اڄ ان عالم ۽ فاضل جو تعارف ڪرڻ گھران ٿو، جيڪو پنهنجي ظاهري توڙي باطني خوبين سان مالا مال آهي، جيڪو هڪ پاسي قديم علمن کان آشنا آهي ته وري ٻئي پاسي جديد علمن جو به سٺو ڄاڻو ۽ عالم آهي. سياسي ۽ سماجي ڪمن ۽ جدوجھد جي ڪري پاڻ هڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن کي دنيا قائد سنڌ جي نالي سان سڃاڻي ٿي. علامه راشد خالد محمود پنهنجي عظيم والد جيان بهادر، نڊر، جرئتمند سياسي ۽ سماجي رهنما طور ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري رهيو آهي.

غلام مرتضيٰ ابڙو

غلام مرتضيٰ ابڙو

شاندار صحافتي روايتن جي امين جي موڪلاڻي

نسيم بخاري



شڪارپور جي مٽيءَ مڻيادار ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جن پاڻ ملهايو آهي، پاڻ مڃايو آهي ۽ پنهنجي پويان شاندار اعليٰ قدرن جي ميراث ڇڏي آهي، جن تي هلي اسان عزتن، شهرتن ۽ عظمتن جا نت نوان عروج ماڻي سگهون ٿا، پر سوال اهو آهي ته ڇا اسان جي اوليت به اها آهي ۽ اهڙي اوليت جي پاڻ وٽ ڪا اهميت به آهي؟ دنيا جو ڪوبه سگهارو قدآور ۽ تاريخي مثبت ڪردار ادا ڪندڙ ماڻهو جڏهن ذهن ۽ ضمير جي اطمينان سان زندگي گهاري وڃي ٿو ته اهو ان جو عمل قطعي ذاتي تسليءَ جي لاءِ نه هوندو آهي پر ان پويان ان احساس جو به عمل دخل هوندو آهي ته هن کان پوءِ به اها راهه روشن رهي، زندگيءَ جو مقصد هجي ۽ نتيجي ۾ اهو دڳ دل ۽ ضمير ۾ نت نوان سوجهرا ڪندو اچي.

ڊاڪٽر محبوب شيخ

ڊاڪٽر محبوب شيخ

سنڌ جو تعليمدان ۽ برک اديب

الطاف شيخ

ڪراچي سيپٽمبر ۲۰۱۹ع



هيءُ ڪتاب پنهنجي پياري دوست، ميهڙ جي محبوب علي شيخ نالي ڪريان ٿو، جنهن محنت ڪري تعليم حاصل ڪئي ۽ ان کي سچي دل ۽ devotion سان ٻين تائين پهچايو. ڪير نٿو ڄاڻي ته اها تعليم ئي آهي، جنهن جي کوٽ ڪري، اسان جي صوبي جا ماڻهو- خاص ڪري سنڌي مسلمان، ايڏو پٺتي رهجي ويا آهيون. اسان جي صوبي جي ڪيترن ئي ماڻهن کي قدرت سياستدان، وزير، وڏيرا، رئيس، اثر رسوخ وارا پير مير ويندي تعليمي ادارن جا وائيس چانسلر ۽ پرنسپال بڻايو پر سواءِ چند ماڻهن جي ٻين ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاريو. هنن پنهنجا کيسا ڀرڻ لاءِ تعليمي توڙي ادبي ادارا هڪ طرف تباهه ڪري ڇڏيا، ته ٻئي طرف سنڌ جي نوجوان نسل سان ناانصافيون ڪري انهن جو تعليم تان روح کٽو ڪري ڇڏيو. اهڙي تناظر ۾ سائين محبوب شيخ پنهنجي وت ۽ وس آهر گهڻو ڪي ڪري ڏيکاريو. منهنجي هن سان سڃاڻپ به هن جي تعليمي خذمتن ڪري ٿي.

رجب آزاد،

رجب آزاد

رجب علي سولنگي

ميرچند اوڏ



رجب علي سولنگي مان رجب آزاد ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۶۱ع ۾ ڳوٺ سيتا ننڍي، ﺗﻌﻠﻘﻪ ضلع دادو ۾ ڄائو. جڏهن ته اسڪﻮل رڪارڊ ﻣﻮﺟﺐ ڳوٺ باد ڪلھوڙا، ﺗﻌﻠﻘﻪ نصيرﺑاد، موجوده ضلعو قمبر ﺷﻬﺪاد ڪﻮٽ ۾ محمد بچل سولنگي جي گهر ۾ جنم ورتو.

16 November, 2021

شهيد حسن ناصر

شهيد حسن ناصر

تنهنجو جهنڊو جهوليندو رهندو

سجاد ظهير



پاڪستان ۾ جمهوري ۽ ترقي پسند سياست جي پهرين شهيد ڪامريڊ حسن ناصر، ڀارتي حيدرآباد جي تمام وڏي آزادي پسند گهراڻي ۾ ۲ آگسٽ ۱۹۲۸ع ڌاري جنم ورتو. هو هندستاني نواب محسن الملڪ جو پڙ ڏوهٽو. سندس والد جو نالو علمدار حسين ۽ امڙ جو نانءُ زهرا هئو. پاڻ ان وقت جي تعليمي نظام مطابق سينيئر ڪيمبرج اسڪولي تعليم ختم ڪرڻ کان پوءِ هند جي وڏن تعليمي درسگاهن نظام ڪاليج ۽ عليگڙهه مان اعلي تعليم حاصل ڪئي. پاڻ حيدرآباد (ڏکڻ) اسٽوڊينٽ فيڊريشن کان سياست ۾ پير پاتائين.

ثناءُالله عتيق چنجڻي

ثناءُالله عتيق چنجڻي

املهه انسان - مڻيادار ماڻهو - سلسلو : 77 هون

حفيظ چانڊيو



ڪي ڪي فرد ڄمندي ڄام ٿيندا آهن، جيڪي جوانيءَ ۾ پير پائيندي پنهنجي قبيلي سان گڏ قومن جي سڃاڻپ بڻجندا آهن. ڪي ڪي ماڻهو جدوجهد جي علامت بڻجي سماج اندر ڪنهن قدر تبديلي جو استعارو پڻ بڻجندا آهن. پنهنجائپ، پيار ۽ ماڻهپي جو خوبصورت نانءُ، ثناءُ الله عتيق چنجڻي به هڪ اهڙو دلربا نانءُ آهي، جيڪو هڪ شاعر، ڪالم نگار، هڪ استاد سان گڏ سماجي اڳواڻ آهي، جنهن شعوري طور اگهور ننڍ ۾ ستل قوم کي جاڳائڻ جا جتن ڪيا آهن. هو بحيثيت تعليمدان تعليمي ميدان ۾ نوجوانن کي روشن مستقبل لاءِ لاڳيتو اتساهيندڙ ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. سراپا عمل رهندڙ اسان جو هي متحرڪ رهندڙ دوست ڪڏهن به ننڍ ناهي پيو. هن هميشه هڪ سجاڳ اڳواڻ جيئن ادبي ۽ سماجي بي لوث خدمتون ڪندي پنهنجي ٽهيءَ جي نوجوانن ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي ورتي آهي، هن جو تعلق جيتوڻيڪ هڪ علمي ۽ ادبي گهراڻي سان آهي، پر هو بنا ڪنهن ساهيءَ جي راتين جون راتيون ۽ ڏينهن جا ڏينهن سچيتائي ۽ روشن خيالي سان بهترين انسان طور پاڻ موکيو آهي، اهي والدين ڪيڏا نه خوش قسمت هوندا جن جي گهرن جا اڱڻ ثناءُالله عتيق جهڙا لشمي پٽ مهڪائيندا آهن، سندس سڃاڻپ جا ڪيترائي حوالا آهن، گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ سنڌ جو هيءُ نوجوان سڀ سان مرڪندڙ مُک سان مکا ميل پيو ٿيندو آهي، سندس ان دل کي وڻندڙ مرڪ پٺيان، اڻ ڳڻيا ارمان ۽ اوسارا لڪل آهن،  جن کي هو پنهنجي نظمن ۾ ۽ تحريرن ۾ مسلسل اظهاريندو رهيو آهي، ساڻس سرهي سٿ ۾ رهندي جيتوڻيڪ مون کي اڃان چار پنج سال ئي ٿيندا، پر مون کي الائي ڇو ائين محسوس ٿيندو آهي ته منهنجو ساڻس تعلق صدين تي محيط آهي، ثناءُالله عتيق چنجڻي، سنڌ جو سدا ملوڪ شاعر، ليکاري ۽ درد مند انسان آهي، سنسار جي دردن جي درياهه ۾ ورتل مخلوق جا ڳوڙها سندس ناسي نيڻن مان وهندي ڏسندو آهيان ته کيس آٿت ڏئي چوندو آهيان ته “مٺا! نيٺ ته ٿيندو سوجهرو، رهڻي ناهي رات” مرڪي وراڻيندو آهي ته پيارا! ڇا ڪجي، هيڏن هاڃن کي ڏسندي ڏسندي بس هڪ روشن صبح جي اميد ئي باقي بچي آهي”، اها اميد مون منجهس مسلسل، اڀ ۾ ستارن جيئن چمڪندي ڏٺي آهي.

15 November, 2021

مولانا عبدالله چانڊيو

مولانا عبدالله چانڊيو



سنڌ جو مشهور ناميارو ديني عالم مولانا عبدالله ولد غلام حيدر چانڊيو ۱۹ فيبروري ۱۹۰۲ع تي ڳوٺ ملان چانڊيي (جواب پور چانڊيي)، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. سنڌي فائنل جو امتحان ۱۹۱۹ع ۾ پاس ڪيائين. فارسي تعليم لاءِ ڳوٺ واصل جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. ڪن ٻين مدرسن مان پڙهڻ کان پوءِ وڌيڪ ديني علم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ۱۹۲۱ع ۾ ’ديوبند‘ دهليءَ ويو، جتي مولانا حسين احمد مدني، مولانا غلام رسول پشاوري، مولانا اعزاز علي کان تحصيل علم ڪيائين. ان بعد واپس موٽي اچي ۱۹۳۳ع ۾ مولانا ڪوهاٽي صاحب وٽ دستاربند ٿيو. ان کانپوءِ تعلقي ڳڙهي ياسين جي هڪ مدرسي ۾ پڙهائڻ لڳو. مولانا عبدالله چانڊيو پنهنجي وقت جو جيد عالم ٿي گذريو آهي، کيس زبان ۽ بيان جي حوالي سان ’سنڌ جو شاهه ولي الله‘ سڏيو ويندو هو. قرآن، حديث، فقه، فلسفي ۽ منطق تي عبور رکندو هو. وڏا وڏا عالم سندس احترام ڪندا هئا. ديني عالم هئڻ سان گڏ وڏو دور انديش شخص هو. هو دين ۽ سياست جي ميلاپ جو مخالف هو. مولانا عبدالله چانڊيي پنهنجي ڳوٺ ملان چانڊيي ۾ مدرسو کولي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. ٻير شريف جو بزرگ مولانا عبدالڪريم قريشي سندس شاگرد هو ۽ ان مدرسي ۾ پڙهيو هو. ڳوٺ جي وڏيري جي مخالفت سبب اڳتي هلي پير جهنڊي ڳوٺ ۾ مدرسه راشديه ۾ پڙهائڻ لڳو. مولانا صاحب پير جهنڊي، ملان جي ڳوٺ (شڪارپور)، ٺيڙهي، گوري پهوڙ، شڪارپور، امروٽ، گٽهڙ، وارهه، کرڙاهه ۽ ٻين مدرسن ۾ پڙهايو.