; سنڌي شخصيتون

01 May, 2021

سائين جي ايم سيد - ۳

سائين جي ايم سيد - ۳

سنڌ جي صدين جي ساڃاھ

نسيم بخاري



سنڌ اڄ پنهنجي سڀ کان وڏي سڄڻ جي سالگرھ ملهائي رهي آهي. اهو سڄڻ، جنهن سنڌ سان عاشقي ڪئي، جنهن ڌرتي ۽ ديس کي محبوب سمجهيو. اهو سڄڻ، جنهن کي دنيا سائين جي ايم سيد جي نانءُ سان سڃاڻي ٿي ۽ اهو سائين جي ايم سيد، جنهن ڪتابن سان دوستي سيکاري. ڪتابن سان سندس بيپناھ دوستي ۽ ڏينهن رات مطالعي جو ئي ڪمال آهي، جو ۵۰ کان مٿي تاريخي ۽ شاندار ڪتاب لکيا. مون کي خبر ناهي ته سندس علمي ادبي پورهئي تي گهڻيون پي ايڇ ڊي ڪيون ويون آهن، پر اهو ڏک ضرور آهي ته سنڌ جي ساڃاھ واري هن روشن چنڊ جي حوالي سان سنڌ ۾ ڪو سندس شخصيت ۽ خدمتن سان پورو پورو انصاف ڪندڙ ادارو اڄ ڏينهن تائين جڙي نه سگهيو آهي. سائين جي ايم سيد، سنڌ جي صدين جي ساڃاھ هو. جيستائين پاڻ حال حيات هو ته سنڌ لاءِ هماليا پهاڙ جيڏو سهارو هو. صاف سٿري شخصيت جي مالڪ ان انسان جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن به سنڌيءَ لاءِ سنڌ جو دشمن ٿيڻ يا ڌرتيءَ سان غداري ڪرڻ آسان نه هو. ڪو به آسانيءَ سان وڪامجڻ جو تصور نه ڪندو هو. هن جي شاندار جدوجهد ۽ مهان هستيءَ جو ئي عمل دخل هو جو پردي پويان متحرڪ قوتون پيپلز پارٽيءَ کي گهربل مقام ڏينديون هيون. ڇو ته انهن کي سدائين اهو ڊپ رهندو هو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ جو لحاظ نه رکيو ويو ته سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد جي ڇانوَ هيٺ قومپرستن جو اثر وڌي ويندو.

پروفيسر غلام حسين ڪٽپر

پروفيسر غلام حسين ڪٽپر

صاحب خان



محترم سائين غلام حسين ڪٽپر صاحب جن جو جنم ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۵۰ع ۾ ڪرماڻي ڳوٺ تعلقو لاڙڪاڻو ۾ رهندڙ محترم حافظ ڪريم ڏنو ڪٽپر صاحب جن جي گهر ۾ ٿيو. سائين جن ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول نئون ديرو مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ ۱۹۶۸ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئوديرو مان ۽ ۱۹۷۳ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان بي اي سي جي ڊگري حاصل ڪئي. محترم ڪٽپر صاحب جن ۱۹۷۵ع ۾ ايم ايس سي (رياضي) جي ڊگري حاصل ڪئي.

مصري خان مخمور مهيري

مصري خان مخمور مهيري

نالي وارو صحافي، ايوارڊ يافته ڪالم نگار ۽ عوامي شاعر جو تعارف ۽ پروفائل

حڪيم يوسف



آئون مصري خان المعروف ”مخمور مهيري“ ولد بهارو خان مهيري ۲۰ جنوري ۱۹۳۲ تي پنهنجي مٺڙي ڳوٺ ونگائي مهيري ديهه ملوڪ پور تعلقو ٽنڊو حيدر ضلع ٽنڊومحمد خان ۾ پيدا ٿيس. مون پنهنجي تعليم سنڌي فائنل ۱۹۵۲ع ۾ مڪمل ڪئي، ان کان علاوه مون پنهنجي سنڌي اديب واري امتحان ۾پوري سنڌ ۾ پهرين نمبر حاصل ڪيو. هن تر جا ۽ سموري سنڌ جا علم دوست ۽ادب دوست مونگي بحيثيت شاعر، اديب، تعليمي ماهر، مثالي استاد، ڪالم نگار، مبصر، تجزيه نگار، مثالي استاد ۽ سينئر صحافي  طور ڄاڻن ۽ سڃاڻن ٿا. جيئن ته منهنجو اباڻو ڳوٺ ديهه ملوڪ پور آهي ”ملوڪ پور“ نالو مذڪوره ديهه تي ان ڪري پيو جو هن ديهه ۾ آڳاٽي وقت ۾سُٺا ۽ سُهڻا، نيڪ ۽ ملوڪ، انصاف پسند ۽ ايماندار ماڻهو رهندا هئا، جيڪي مهمان نواز، ملنسار، محبتي، مڻيادار، خوشبودار ۽ خدمتگار هوندا هئا، ملوڪ پور ۾ انبن، ٽالهين، ٻيرن، گيدوڙي، نمن ۽ ڄَمُن جا وڻ هوندا هئا، انهن وڻن تي چَتُن ۽ چيهن جون تنوارون، ڪوئل ۽ بلبل جون پوڪارون اصل من کي موهي وجهنديون هيون، کيتن ۾ فصل ڀلا ٿيندا هئا، پاڻي جام هوندا هئا، انهن خوبين جي ڪري ديهه جو نالو ملوڪ پور پيو.

قدير شيخ

قدير شيخ

لاڙڪاڻي جهڙو به موڪلائي ويو

غوث پيرزادو



لاڙڪاڻي سان منهنجو عشق پراڻو آهي. هن شهر سان ٻٽيهه دليون اٿم. هن جي هر ڳلي ۽ هر موڙ منهنجا مارو مٽ ملير آهن. لاڙڪاڻي شهر جي باقراڻي بس اسٽينڊ کان منهنجو سفر شروع ٿئي ٿو (اسٽينڊ هاڻي ڪونهي چور چورائي ويا) ته باقراڻي روڊ جي پراڻي ٿاڻي واري چوڪ تي ختم ٿئي ٿو پوءِ ٿورو اڳتي هلي روڊ پاڪستان چوڪ ڏي مڙي وڃي ٿو ۽ ٿاڻي وارو چوڪ سڌو اوڀر وڃجي ٿو ته سڄي هٿ تي ڊاڪٽر موتيرام جي ڪلينڪ منهنجي ٻاراڻي وهيءَ جي يادن کي ڌونڌاڙي ٿي وجھي. هاڻي متان نه ڊاڪٽر موتيرام هجي ۽ نه سندس ڪلينڪ پر ڪلينڪ جي مخالف طرف يعني اتر طرف شيخن جو ڪلاٿ مارڪيٽ به هيو، جتان آئون پنهنجي وڏي ڀيڻ جي فيملي سان هر عيد تي ڪپڙن جي خريداريءَ واري سفر ۾ گڏ هوندو هيس. ڪپڙا ته مون لاءِ نه هوندا هئا رڳو منهنجي ڀيڻيوئي جي گهر لاءِ هوندا هئا پر سفر جو مزو جام ايندو هو، هنن سان گڏجي ويندو هيس، ڪپڙن کي هٿ به لائيندو هيس پر ڪپڙا منهنجي حصي ۾ نه ايندا هئا جن جو ڪو ڏک به ناهي.امان جي وڇوڙي کانپوءِ لاڙڪاڻو، باقراڻي ۽ پوءِ منهنجو اباڻو ڳوٺ ٻلهڙيجي مونکي ڏاڍو ياد ايندا آهن.

26 April, 2021

ڊاڪٽر عبدالقادر کيڙو

ڊاڪٽر عبدالقادر کيڙو

آصف جمال سومرو



سنڌ ۾ ڏندن جي ناليواري ڊاڪٽر ۽ والي بال جي مشهور رانديگر پروفيسر عبدالقادر کيڙي، ۲۶ اپريل ۱۹۴۵ع تي ڳوٺ جان محمد خشڪ، تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو.

جڏهن ته سندس اصل ڳوٺ ملڪ، ضلعو نوشهرو فيروز ۾ اٿس. سندس والد ۱۹۵۱ع ۾ اولاد جي تعليم لاءِ ملڪ ڳوٺ مان لڏي، دادو شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن سنڌي تعليم دادو شهر جي پرائمري اسڪول مان ۽ مئٽرڪ پرمانند هرداس هاءِ اسڪول مان ڪئي. محنت ۽ ذهني قابليت سان ڏندن واري شعبي ۾ بي ڊي ايس ڪيائين. برطانيا مان ايم ايس سي ۽ ايف ڊي ايس جون ڊگريون ۱۹۷۰ع ۾ حاصل ڪيائين.

سائين ڪريم بخش کهڙو

سائين ڪريم بخش کهڙو

ناميارو تعليمدان ۽ قابل استاد

رضوان گل



پائليٽ اسڪول لاڙڪاڻي جي هيڊ ماستر واري شاندار آفيس جنهن کي ٽن پاسن کان ڪاٺ جا دروازا لڳل هوندا هئا. وچ تي وشال ٽيبل رکيل هوندي هئي جنهن جي پويان ڪاٺ جي تاج واري ٺهيل روالونگ ڪرسيءَ تي ويٺل ڪڙڪيدار آواز وارو قدآور ۽ صحتمند شخص مون پهريون ڀيرو ڇهين درجي ۾ داخلا وٺڻ کانپوءِ بريڪ دوران درين جي سيخن وارين وٿين مان پري کان ڏٺو هو.

مير علي بخش خان شاهواڻي ٽالپر- اعظم ڀٽي

مير علي بخش خان شاهواڻي ٽالپر

ٽنڊو محمد خان جي شاهواڻي ٽالپرن جو ناليوارو جاگيردار

اعظم ڀٽي



ٽنڊو محمد خان جي شاهواڻي ٽالپر جي تاريخ تي جيڪا دز چڙهيل آهي، ان ڪيترن ئي ڪردارن کي ميرانجهڙو ڪري ڇڏيو. جيڪي ڪردار انگريزن سان جرئتمندي سان لکپڙهه ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندا هئا، انهن جي ڪردار کي الاء ته ڇو تاريخ ۾ مخفي رکيو ويو. ڇا ان سموري ڪاروهنوار ۾ شعوري هٿ شامل هئا يا اڃان ڪو ٻيو سبب برپا ٿيل هو. انهن ئي ڪردارن مان شاهواڻي ٽالپرن جو ناليوارو جاگيردار مير علي بخش خان ٽالپر به هڪ هو.

06 April, 2021

ڪامريڊ غلام رسول سهتو

ڪامريڊ غلام رسول سهتو

ھاري حقن جو اڳواڻ، بزرگ صحافي ۽ کاٻي ڌر جو اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول سھتو لاڏاڻو ڪري ويو



حيدرآباد: هاري حقن جو اڳواڻ، بزرگ صحافي ۽ کاٻي ڌر جو اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول سهتو ڊگهي بيماري بعد ۷۳ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڪامريڊ غلام رسول سهتو ڳچ عرصي کان بيماري سبب اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، ڊاڪٽرن موجب ڪامريڊ غلام رسول کي دل، گردن ۽ شگر جون بيماريون هيون. ڪامريڊ غلام رسول سهتو هاري حقن جو اڳواڻ هو ۽ پ پ جي گذريل حڪومت ۾ هن هارين جي حقن لاءِ حيدر آباد کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ ڪيو ۽ اسلام آباد ۾ ۱۰۰ ڏينهن کان وڌيڪ بک هڙتال پڻ ڪئي هئي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ۾ ۴ اپريل ۲۰۲۱ع تي کنيل)

 

14 March, 2021

ارباب کھاوڙ

ارباب کھاوڙ

منهنجو استاد، منهنجو دوست

رسول ميمڻ



مون کي ياد آهي ارباب کهاوڙ سان پهرين ملاقات ۱۹۷۳ع ۾ ٿي. هو ٽيبل تي ويهي، ڪرسيءَ تي پير رکي سمرسٽ ماهم جو ڪتاب پڙهي رهيو هيو.

اهو آف وائيٽ بنگلو هيو، بلڪل نئون ۽ ان جي هڪ ڪمري ۾ ارباب رهندو هيو. ننڍي قد ۽ چست جسم وارو. سگريٽ مٿان سگريٽ، چين (Chain) سموڪر، جتي به ويهندو ته ڪمرو دونهي ۽ ماڻهن سان ڀرجي ويندو. خوش مزاج ۽ دلچسپ ڳالهه تي وڏو ٽهڪ ڏئي کلندڙ. هن جا ٽهڪ ڪمري ٻاهران ورانڊي ۽ پڌر ۾ شرارتي ٻارن جيان ڊوڙون پائيندا هيا.

13 March, 2021

محمد سليمان وساڻ

محمد سليمان وساڻ

سيبتو شخص - ۱۳ مارچ ۱۹۷۶ع تي جنم ڏينهن جي نسبت سان

مٺل جسڪاڻي



سليمان وساڻ سان پهرين عالمي اوطاق (فيس بوڪ) تي، پوءِ موبائيل فون وسيلي رابطو ٿيو ۽ ۲۸ آگسٽ ۲۰۱۵ع تي ڪراچيءَ ۾ محمود مغل جي ڪتاب ”سنڌ ٽاڪيز“ جي مهورتي تقريب دوران، پهرين روبرو ملاقات ٿي. تمام گهڻو محنتي، محبتي، خوش اخلاق ۽ خوش طبيعت شخص سان ملي، مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي.

07 March, 2021

نرگس لطيف

نرگس لطيف

هڪ عورت، جنهن ڪچري مان سون بنائڻ جونعرو ڏئي، پوري دنيا کي متوجهه ڪيو آهي.

جان خاصخيلي



جڏهن نرگس لطيف سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي گڏجاڻين ۾ آئي هئي ته ڪجهه دوستن سان هن جي اڳئي واقفيت هئي پر اهو سندس شخصيت ۽ بردباري جو ڪمال هو ته هوءَ جلدي ۾ سڀني سان ملي جُلي وئي هئي ۽ هن کي ڪا به اوپرائپ محسوس نه ٿي. ان وقت هوءَ صحافت سان لاڳاپيل هئي. هوُءَ ڊان، فرنٽيئر پوسٽ، دي مسلم، اسٽار ۽ ڊيلي نيوز لاءِ لکندي هئي ۽ سندس چوڻ موجب ان لکڻ مان ئي سندس اقتصادي ضرورتون پوريون ٿينديون هيون.

ڪشا رام راجپال

ڪشا رام راجپال

سريش ڪمار



سائين ڪشا رام راجپال تعليمي ۽ سماجي خدمت جو ھڪ نمايان ڪردار رهيو آهي.

شڪارپور جي علمي ماحول جي اھميت ۽ افاديت کي جيئن ھتان جي استادن ڄاتو. تيئن ساڻن ڪير ٿو ھمسري ڪري سگھي. ھر دور ھر ۽ نسل لاءِ ڏاھپ ۽ ڏات ۾ سرواڻ. اھو سڀ ڪجهھ مھان ۽ ترقي يافته تعليمي ادارن سبب ممڪن پئي ٿيو. انھن استادن ۾ شڪارپور جو استاد سائين ڪشا رام راجپال به ھڪڙو مثال بڻجي نروار ٿيو.

محمد دائود ميمڻ تاج ٽکڙائي

محمد دائود ميمڻ تاج ٽکڙائي

استاد الشعراءِ ۽ صديءَ جي ادبي اتهاس جو وارث

عبدالستار “آڪاش” ٽکڙائي



سڀ کان پهرين آئون سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي سٿ خاص طور تي سيڪريٽري شاخ سائين آغا جان آغا ۽ ڪاروباري ڪميٽي، انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊو محمد خان ۽ مهراڻ ادبي سٿ سنڌ جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جن بزرگ شاعر سائين محمد دائود تاج ٽکڙائي جي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ سندس مان ۾ هي پروگرام رکيو آهي، هي روايتون جس لهڻن، هنن روايتن جا امين به جس لهڻن جن سائين تاج ٽکڙائي جي زندگي ۾ کين مڃتا ڏني آهي. سائين شاعري ۾ منهنجو استاد آهي آئون ادب جو هڪ ادنى طالب آهيان ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾ منهنجي ٻين شاعر دوستن جيان سکيا سائين تاج ٽکڙائي کان ورتي اٿم. سائين تاج ٽکڙائي، استادالشعراءُ ۽ سنڌي شاعريءَ جي هڪ اتهاس جو وارث آهي. اڄ سائين تاج ٽکڙائي جي شاگرد هئڻ جي ناتي اوهانجي اڳيان سائين جي زندگي ۽ سندن ادبي ڪم تي ضرور روشني وجهندس.