; سنڌي شخصيتون

02 October, 2020

پروفيسر لياقت عزيز

پروفيسر لياقت عزيز

جدوجهد جو عڪس

گل مورو



هماليا جهڙو حوصلو رکندڙ باصلاحيت جدوجهد جو عڪس بڻيل پروفيسر لياقت عزيز ئي هيو. مون کي ياد پوي ٿو جڏهن ارباب رحيم جي دور ۾ ڪراچي پريس ڪلب کان لانگ مارچ  سنڌ ايمپلائيز الائنس جي پليٽ فارم تان سندس سرواڻي ۾ مورڙي جي ماڳ ڪراچي ۾ استادن جي حقن لاءِ لانگ مارچ ڪيو پئي ويو ته ان وقت سمورن پروفيسرن، استادن، عالمن، اديبن، دانشورن تي پوليس لٺيون وسائي وڏي تعداد ۾ لياقت عزيز، تاج جويو، رفيق جروار، قادر بخش طالباڻي، پروفيسر يعقوب مري سميت ٻين کي گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو ويو هو ۽ ان ڏينهن سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي ته جيستائين استادن جي حقن جي بحالي ۽ سنڌ جي حقن جي بحالي وارا مطالبا تسليم نه ڪيا ويندا، اوستائين احتجاج ختم نه ڪيو ويندو. انهن ڏينهن ۾ آئون سنڌي ادبي سنگت ضلعي نوشهروفيروز جو رابطا سيڪريٽري هوندي انهيءَ ئي ڏينهن شام جو ساهتي جي شهر نوشهروفيروز ۾ انهيءَ احتجاج تي اي پي سي گهرائي، جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر سيد ظفر علي شاهه کان وٺي مولانا عزيزالله ٻوهيو، سائين راشد مورائي ۽ ٻيا استاد، شاعر، اديب گڏجي ڪري اُتي سخت احتجاج ڪيو ۽ انهيءَ ڏينهن ٿاڻي جي لاڪپ مان لياقت عزيز ۽ سندس ساٿين اعلان ڪيو ته سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ ڊي سي آفيسن جي تالابندي ڪئي ويندي ۽ ٻئي ڏينهن تي جڏهن سمورن ساٿين سان گڏجي ڊي سي آفيس نوشهروفيروز پهتاسين ته پوليس جا وڏا اٽالا ڏسي ڪري پاڪيٽ سائيز يونين ليڊر پويان پير ڪرڻ لڳا پر علمي، ادبي ۽ سياسي ورڪر، استاد توڙي شاگرد انهن رنڊڪن کي ٽوڙيندي ڊي سي آفيس جي تالن ۾ ايلفي وجهي تالابندي ڪري ڇڏي. اهڙو سخت احتجاج ڏسندي سڄي سنڌ ۾ ساهتي جي سڄڻن جي واهه واهه ٿي وئي. انهيءَ ڏينهن شام جو خبر پئي ته لياقت عزيز سميت سمورن سڄڻن کي ڪراچي جي لاڪپن مان آزاد ڪيو ويو آهي. آئون به ان ڏينهن حيدرآباد وڃي سائين تاج جوئي وٽ پهتس؛ رات اتي ئي هياسين ته سائين لياقت سميت سمورا استاد اتي اچي گڏ ٿيا ۽ فيصلو ڪيو ويو ته سڀاڻي صبح جو حيدرآباد هاءِ ڪورٽ ۾ پڪي ضمانت ڪرائڻ لاءِ اسان جو ڪيس مامو يوسف لغاري وڙهندو. ائين ئي ٿيو صبح جو هاءِ ڪورٽ وڃي پهتاسين، سڀني کي انتظار هو ته ضمانت ٿئي ٿي الائي نه! مذاق مذاق ۾ ڪامريڊ يوسف لغاري اچي لياقت عزيز کي چيو ته جج صاحب توهان جي ضمانت رد ڪري ڇڏي آهي، توهان کي جيل جي هوا کائڻي پوندي. تنهن تي ٽهڪ ڏيندي لياقت چيو ته جيل جون هوائون اسان کي ڪجهه به نه ٿيون ڪري سگهن، جيل ۽ ٿاڻا اسان جي عزم کي ٽوڙي نه ٿا سگهن، نه وري جيل ۽ ٿاڻن کان ڊڄي ڪري پنهنجي جدوجهد تان هٿ کڻنداسين. جيڪڏهن سالن تائين به جيلن ۾ واڙيو ويو ته اهو به اسان کي قبول هوندو. ايتري ۾ يوسف لغاري چيو ته ڪا ڳالهه ناهي توهان جي ضمانت ۱۵ ڏينهن لاءِ ٿي چڪي آهي، ائين ئي ٿيو جو اتان گلن جا هار پائي جڏهن ٻاهر نڪتو ته سندس ڪنڌ هماليه جي چوٽين جيان اوچو نظر آيو. هي جدوجهد جو عڪس بڻيل ڪڏهن به نه جهڪيو. جڏهن ڏٺائين ته سنڌ جي استادن مٿان ڏکيا ڏينهن آيا آهن ته پاڻ نڪري نروار ٿي بيٺو هر دور ۾ پنهنجو پاڻ ملهائڻ، سختيون ۽ سور سهڻ، دولت ۽ حوس کي ڦٽو ڪري ڇڏڻ اهو ئي وڏ ماڻهپو هوندو آهي. ڇو ته ڪيترا ئي يونين ليڊر هن جي دور ۾ پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري چڪا هئا. آمريت اڳيان ڪنڌ جهڪائي چڪا هئا پر هن ڪڏهن به ڪنڌ نه جهڪايو. پنهنجي استادن جي لاءِ سپلا تنظيم جيڪا جوڙيائين ان سان به ساٿ نڀايائين. سنڌ جي هر پورهيت تحريڪ سان ايترو ته اڳڀرو رهيو جو انهن جي ڏک سور ۾ هميشه لکندو به رهيو ته جدوجهد به ڪندو رهيو. نه رڳي اهو پر علمي، ادبي حوالي سان سنڌي ادبي سنگت جي سٿ سان به پنهنجو ناتو ڪڏهن نه ٽوڙيائين، پوءِ ڀلي نياز هجي يا تاج هجي هر وقت ۾ هر آمريتي دور ۾ پنهنجو ڪردار نڀايو. کوڙ ڀيرا سندس تنظيم مٿان بندشون به پيون، رنڊڪون به پيون، وقت جي آمرن ۽ حاڪمن مٿس سختيون به ڪيون، کيس جيل به ڀوڳڻا پيا، ڏک به برداشت ڪرڻا پيا پر پوءِ به هي شخص آڻ مڃڻ وارو نه هو. آريسر چواڻي هي ڇا ته شخص هو جو سدائين علم، ادب ۽ تحريڪ جي گفتگو هن جي لفظن ۾ هوندي هئي؛ هر وقت جدوجهد جو عڪس بڻيل رهيو ۽ ڪڏهن به لالچ جو شڪار نه ٿيو. کوڙ سارا غريب مسڪين ٻارڙا ڊاڪٽر، انجنيئر بڻايائين، انهن سمورن جي جيڪڏهن ڪهاڻي لکجي ته شايد ڪتاب ئي ڀرجي وڃن. هن هميشه قانوني طور تي جنگ وڙهي ۽ جنگ جي هر ميدان ۾ پنهنجي مخالفن کي مات ڏني. جڏهن ڪراچي هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪري استاد تنظيمن تي پابندي ۽ زوري ۽ جبري موڪل تي کيس روانو ڪرڻ جي سازش سٽي وئي ته انهن ڏينهن ۾ وزير تعليم سان به جهيڙو جوٽيائين، جيڪو آخري گهڙي تائين جاري رهيو. ان تان به هٿ نه کنيائين. جڏهن سڄي سنڌ اندر ضيائي آمريت سنڌ جي ڳوٺ ڳلي ۾ ڪاهي پئي هئي ته ان وقت به ۱۱ ڏينهن لاءِ هن ساهتي جي شهر موري کان ڪراچيءَ تائين لانگ مارچ ڪيائين ۽ بک هڙتال به ڪيائين. لياقت عزيز هميشه جدوجهد جي ميدان ۾ رهيو، ڪڏهن به هار نه مڃيائين. اهڙا ماڻهو هميشه ياد رکيا ويندا آهن.

17 September, 2020

محمد پناھ ڦرڙو

محمد پناھ ڦرڙو

علمي ادبي خدمتون

نور محمد ڦرڙو

ايم.فل اسڪالر، سنڌي شعبو:

شاھ عبداللطيف يونيوريسٽي، خيرپور.


 

سنڌ جي هيءَ ڌرتي اهڙي عظيم ٻوليءَ جي وارث ڌرتي آهي، جنهن جي خوشبوءِ ڪائنات جي ڪارڻي حضرت محمد مصطفيٰ، احمد مجتبيٰ ﷺ جن کي آئي هئي. ان جي دعائن جي طفيل سان هيءَ ڌرتي هميشہ عالمن، فاضلن، محققن، شاعرن، سگھڙن، اديبن جي قلم سان هميشہ علم و ادب ۾ سڀني کان اڳ ڀري ۽ تاريخي حيثيت واري رهندي آئي آهي.

اهڙن ڏاهن، مفڪرن، اديبن  ۽ شاعرن مان هڪ محمد پناهه ڦرڙو به پنهنجو مٽ پاڻ هو. محمد پناهه ڦرڙو جو جنم سنڌ جي ڳوٺ علي محمد ڦرڙو، تعلقو محرابپور، خانواهڻ ۽ ڪوٽڙي ڪبير جي وچ واري علائقي ديهه ديهات، ضلعي نوشهري فيروز ۾ محمد سليمان ڦرڙو جي گھر ۾ ۱۰ فيبروري ۱۹۳۶ع تي ٿيو.

14 September, 2020

محمد ابراھيم شيخ

محمد ابراھيم شيخ

سگا جو سرگرم ۽ پيارو ساٿي - زندگيءَ جو مختصر احوال..

خالد حسين چنا



۴ ڏهاڪا زندگيءَ جو وڏو عرصو ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو زندگيءَ جون ۴۰ کان مٿي بهارون هڪڙي ئي اداري سان سلهاڙيل رهي ته اها ان ماڻهوءَ جي اداري سان ڪمال جي انسيت چئبي. زندگيءَ ۾ تمام گهٽ ماڻهو ڪنهن اداري، تنظيم يا ڪنهن فرد سان ايترو عرصو جٽاءُ ڪري سگهندا آهن پر اسانجو دوست، اسانجو همسفر محترم محمد ابراهيم شيخ اهڙن ماڻهن منجهان هڪ آهي، جنهن کي جڏهن کان سانڀر ٿي آهي تڏهن کان هو سنڌ جي عظيم اداري سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن سان سلهاڙيل رهيو آهي. سگا سان سلهاڙجندي خيرن سان کيس چاليھ سال اچي ٿيا آهن پر هڪ لمحو، هڪ مهل به پاڻ کي سگا کان پري نه ڀانيو هوندائون. سگا هميشه کيس ساھ جي رڳ جيان ويجهو رهي آهي. هو ان سڄي عرصي کان نهايت ئي سرگرم رهندو آيو آهي. سگا جي هر ننڍي وڏي پروگرام ۾ پنهنجي شرڪت فرض جيان يقيني بڻائيندو آهي، نه رڳو پروگرامن ۾ شرڪت پر عملي طور تي هو هر پروگرام جو هڪ متحرڪ ڪارڪن بڻجي پروگرام کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ سڀني کان اڳڀرو رهڻ ڄڻ ته سندس عادت بڻجي وئي آهي. ايترو گهڻو عرصو سگا سان ساڻ رهندي هو هاڻي سگا جي جيئري جاڳندي تاريخ آهي، کيس سگا جي سرگرمين، لاهن چاڙهن، ڪاميابين ۽ ڪٿي ڪٿي ناڪامين جي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي.

تاج محمد بلوچ

تاج محمد بلوچ

چاچو تاج سڏجندڙ سگا جو متحرڪ ڪردار

خالد حسين چنا



ننڍن ۾ ننڍو نظر ايندڙ ۽ هن وقت لڳ ڀڳ ۶۸ سالن جو وڏن ۾ وڏو، نهايت سادو پر سنجيده محبتي ماڻهو، تاج بلوچ صاحب جو نالو سگا رضاڪارن وٽ نهايت پھنجائپ وارو نالو آهي. خاموش طبعيت پر گفتگو ۾ مدلل ۽ مربوط هوندو آهي. هو سياست ۾ رھيو پر سياسي چالباز نه آهي. هو ادب ۽ تاريخ جو ڄاڻون، پنهنجي ثقافت سان پيارڪندڙ سنڌ جو شعور آهي. تاج بلوچ ۱۹۹۲ع جي آخر ۾ سگا ميرپورخاص شاخ جي ميمبرشپ حاصل ڪري سگا جي قافلي ۾ شامل ٿيو جتي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ پروفيسر مظهر ميمڻ، نظير ڀنڊ  جهڙا بي لوث سماج سڌارڪ جديد سنڌ اڏڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هيا. هو به پر امن ترقي يافته سنڌ بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ شروع کان وٺي ڪوشان آهي. هن جي محنت ۽ سچائي جي ڪري هو سگا ميرپور خاص شاخ جو سال ۱۹۹۳ع، ۱۹۹۴-۱۹۹۵ع، ۲۰۰۱-۲۰۰۲ع ۾ سگا ميرپورخاص شاخ جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو. سال ۲۰۰۳-۲۰۰۴ع ۾ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل سگا مرڪز ۾ رهيو. سال ۲۰۰۴-۲۰۰۶ع ۾ سگا ميرپورخاص شاخ جو صدر رهيو. ان کان پوءِ ۲۰۰۶-۲۰۰۹ع ۾ روشن تارا اسڪول ميرپورخاص جو چيئرمين رهيو. ۲۰۰۰-۲۰۰۱ع ۾ سگا مرڪز ۾ سيڪريٽري تعليم رهيا. ۲۰۱۲ کان وٺي لڳاتار ٽي دفعا ميمبر مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي رهيا آهن ۽ سگا جي هر عمل ۽ جدوجهد ۾ پنهنجو ڪوششون هر ممڪن حد تائين شامل ڪندا ٿا رهن. هن جي جدوجهد جا محرڪ  هن جي پنهنجي زندگي ۽ هن جي علائقي جي ماڻهن جون تڪليفون ۽ ڏکيائون آهن جيڪي هن کي ننڍي لاءِ کان وٺي ويھڻ  نه ٿيون ڏين.

پروفيسر غلام قادر ڦلپوٽو

پروفيسر غلام قادر ڦلپوٽو

سگا خيرپور ميرس جو بي لوث رضاڪار جي زندگيءَ جو مختصر تعارف

خالد حسين چنا



سگا جا ساٿي، آهن گهر جا ڀاتي جو نعرو هڻندڙ سگا سان بي لوث پيار ڪندڙ سائين غلام قادر ڦلپوٽو واقعي ايندڙ ويندڙ سگا جي ساٿين جي مهمانوازي ۽ پنهنجائپ گهر جي ڀاتين وانگر ڪندو آهي. هن جي ڪچهري جو انداز ۽ گفتگو، پيار ۽ پنهنجائپ جو انداز ئي نرالو هوندو آهي. هو اڪثر ڪري چوندو آهي ته سگا ڇھ ڪروڙ سنڌي ماڻهن جي امانت آهي، خدا نه ڪري جو سگا جي خيانت ڪجي. اهو ئي سبب آهي جو هو هن عمر به سگا جي ساٿ ۾ متحرڪ نظر اچي ٿو. هو هر گڏجاڻي ۽ ڪنوينشن ۾ باقاعدگي سان شرڪت ڪري ٿو. سگا جي سرواڻن ۽ رضاڪارن سان محبت ڪري ٿو.

حاجي محمد قريشي

حاجي محمد قريشي

سيوهڻ جي تعليمي ماهر ۽ سماجي اڳواڻ جي زندگي  جو مختصر احوال

خالد حسين چنا



سيوهڻ جا شروعاتي اصلي رهاڪو حاجي محمد قريشي صاحب جي ڪيل خدمتن کي اڄ به ياد ڪندا آهن. هو هڪ درويش صفت انسان هو جنهن وٽ غريب بي پهچ ماڻهن جي خدمت  ڪرڻ ئي عبادت هوندي ھئي.

صنم ناز جوڻيجو

صنم ناز جوڻيجو

ننڍڙي ڳوٺ اميد علي جوڻيجو کان نڪري سڄي سنڌ جي عورتن جي حقن لاءِ ڪوششون ڪندڙ جي زندگي ۽ ڪارڪردگي جو مختصر احوال....

خالد حسين چنا



اهو به عجيب وقت هو جو مون پنهنجن دوستن عبدالجبار جوڻيجو ۽ فدا حسين جوڻيجو  کي چيو ته ادي صنم کي سگا  جي مرڪزي اليڪشن ۾ فارم ڀرايون. انهن  دليون پئي هنيون نيٺ چيائون ته اچو ته بابي کان اجازت ٿا وٺون. انهن سان ويٺي  وڏن کان موڪل وٺڻ لاءِ پئي هڪ ٻئي کي ٺوٺيون هيون سي ته ڳالھ ڪيئن ڪڍون پر الله جا ڪرم جو اجازت ملي وئي ته هوءَ اوهان سان گڏ ڀلي سماجي ڪم ڪري. يقينن اهو هڪ وڏو فيصلو هو. ڇو ته انهن کي ڳوٺ جي نياڻي راڄ ڀاڳ واري جي اعلي تعليم پرائڻ ۽ سماجي ڪم ڪرڻ ڪري مائٽن عزيزن، رسم رواج ۽ ٻيا انيڪ مسئلا پئي سجهيا. اهو سڀ ڪجهه انهن لاءِ بلڪل نئون هو. پر ادي صنم کي پنهنجي امڙ ۽ والد جو ساٿ هو ۽ وڏن جو اعتماد هو جو هوءَ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سماجي ڪم ڪرڻ ۽ ڪراچي اسلام آباد وغيره جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪري سگهي. ڪڏهن رات ته ڪڏهن ڏينهن، ڪڏهن سردي ته ڪڏهن گرمي پر سگا جي پروگرامن ۽ گڏجاڻين ۾ ڪوشش ڪري پهچي پئي. ادي صنم جوڻيجو پر اعتماد طريقي سان ۽ ڪاميابي سان تعليم ۽ سماجي ڪم گڏوگڏ برقرار رکندي پئي اچي. هن لاءِ اهو سڀ ڪجهه نئون ۽ چئيليجنگ آهي. جيئن جيئن ڏاهپ ۽ ڄاڻ وڌي پئي تيئن تيئن سور وڌڻ ٿا ۽ پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن سان اڪير وڌي ٿي ۽ انهن لاءِ شعوري طور ڪم ڪرڻ جي به سگهه وڌي ٿئي. هوءَ رب پاڪ کان هر دم دعا گهرندي اڳتي وڌندي رهي ٿي.

قادر بخش ميمڻ

قادر بخش ميمڻ

سگا هالا سان واسطو رکندڙ بي لوث محنت ڪندڙ رضاڪار جي زندگي ۽ ڪارڪردگي جو مختصر احوال...

خالد حسين چنا



هڪڙا ماڻهو هميشه ڪارڪن ٿئي ڪم ڪرڻ ۾ خوشي ۽ فخر محسوس ڪندا آهن. اهي ليڊر ٿيڻ جي ڪوشش به نه ڪندا آهن ۽ ننڍن وڏن سان رلجي ملجي خير جو ڪم ڪندا آهن. جنهن ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جي دلين ۾ محبت ۽ احترام پيدا ڪري وٺندا آهن. اهڙو ئي هڪ پيارو شخص سگا هالا شاخ سان تعلق رکندڙ محنتي ۽ محبتي محترم قادر بخش ميمڻ به آهي.

پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو “عاطف”

پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو “عاطف”

هڪ انمول انسان

خالد حسين چنا



سنڌ سونهاري سدائين سرسبز ۽ شاداب رهي آهي، جنهن سدائين انمول انسانن کي جنم ڏنو آهي، انهن انمول انسانن منجهان پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو به هڪ آهي. رب پاڪ هن کي خدا داد صلاحيتن ۽ بهترين خصلتن سان نوازيو آهي. جڏهن کان مون جي هن سان سلام دعا ٿئي آهي تڏهن کان مون هن کي ڪنهن نه ڪنهن خير جي ڪم ۾ مصروف ڏٺو آهي. ڪڏهن ڳوٺ جي ڪنهن ماڻهو کي دوا درمل وٺي ڏيڻ ته ڪڏهن ڪنهن سنگت جي ڪم مصروف هوندي ڏٺو آهي. مون تي هن جا ڪيترا ئي ٿورا آهن. رب پاڪ اڪثر ڪري هن جي هٿان خير جا ڪم ڪرائيندو ٿو رهي. هو ٻين جي ڪم کي رضا خوشي سان پنهنجو ڪم سمجهي ڪندو آهي. عبدالجبار ۾ ڪمال جي سهپ ۽ رواداري آهي. هن ۾ پنهنجي عمر کان وڏي جڳ جون بهترين عادتون آهن جيڪي هن کي انمول بڻائڻ ٿيون.

ڊاڪٽر شاهنواز شيخ

ڊاڪٽر شاهنواز شيخ

ڀرپور مصروف زندگي گذاريندڙ

خالد حسين چنا



هر ماڻهو جي خواهش هوندي آهي ته هو ڀرپور خوشين واري زندگي گذاري پر ائين حقيقت ۾ ٿورا ماڻهو ڪري سگهندا آهن. اڪثر ماڻهو چوندا آهن ته اهي غلط وقت يا غلط جڳھ تي پيدا ڪيا ويا آهن. ماڻهو اڪثر ماحول ۽ گهربل شيون نه هجڻ ڪري محرومين جون شڪايتون ڪندا آهن ۽ پنهنجو قيمتي وقت وڃائيندا آهن پر ڊاڪٽر شاهنواز شيخ  جي زندگي جي هر دور۽ هر رخ ڀرپور تحرڪ وارو رهيو آهي. هو هميشه دوستن، يارن، ننڍن، وڏن ماڻهن، استادن شاگردن ۽ هر طبقي جي ماڻهن جي وچ ۾ متحرڪ ۽ ڀرپور  وقت گذاريو آهي.

ايشور لال ناگديو

ايشور لال ناگديو

مسلسل محنت ڪندڙ شخص.....

خالد حسين چنا



شهدادڪوٽ شهر جي آس پاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ مسلسل انگريزي پڙهائيندڙ نوجوان ايشور لال جي گهر وارن ۽ هم ڪلاسي دوستن کي اندازو ڪونه هوندو هو ته هو اڳتي هلي ايترا سٺا ۽ ڪامياب شاگرد پيدا ڪندو جيڪي ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل وغيره هر شعبي سان تعلق رکندڙ ڪارگر انسان ٿيندا آهن. ڇو ته شروعاتي دور ۾ ايشور لال عام شاگردن مان هڪ هو ۽ هن جي گهر وارا روز آڻڻ ۽ چاڙهڻ وارن گهراڻن مان هئا. هن جو والد شيلر تي منشي هوندو هو ۽ اهي مسواڙ جي جڳهه ۾ رهندا هئا.

حاجي پير بخش شيخ

حاجي پير بخش شيخ

سگا گمبٽ جو بي لوث خدمت گار جي زندگي جو مختصر احوال....

خالد حسين چنا



سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن هڪ شعور جو نالو آهي. هي شعور سماج جي ضرورتن جي نشاندهي ڪري ٿو. انسان کي انسان جي محبت جو قائل ڪري ٿو، الله جي ڏنل نعمتن جو شڪرانو بجا آڻڻ لاءِ آماده ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي اهو شعور سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ واچوڙي وانگر پکڙيو آهي. سنڌ جي سر زمين هزارين سالن کان محبت ۽ رواداري کي برقرار رکندي پئي اچي. اهڙن صالح قدرن وارن پيارن ماڻهن منجهان گمبٽ مان پير بخش شيخ پڻ هڪ آهي. هن کي اسان سگا جي اجلاسن ۽ گڏجاڻين ۾ متحرڪ ڏٺو. نهايت ئي پيار ڏيندڙ پير بخش هميشه گيڙو رومال ڪنڌ ۾ ويڙهي ٻين کان نمايان نظر ايندو آهي. هن جو سنڌ سان عشق نروار نظر ايندو آهي. سگا جي اڳوڻي چيئرمين محترم اسد الله کيڙي هڪ هنڌ تقرير ڪندي چيو هو ته اسان جي ڀون جي اها ريت آهي. اسان نينهن ۾ ناگا ٿي نچندا آهيون. اسان جو نينهن انتها جو هوندو آهي. سنڌ جي سدا سڳنڌي مٽيءَ ۾ اها مڻيا آهي ته ان جو باسي ان سان جيجل جيئن نينهن لائي ٿو. پوءِ ڀلي ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي. مان جوئي آهيان سوئي آهيان. پير بخش شيخ صوفي منش ماڻهو سنڌ جي صالح قدرن جي پاسداري ڪندو آيو آهي. هن سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان سنڌ جي مسئلن اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو سگهارو ڪردار ادا ڪيو آهي.

13 September, 2020

عابد چنا

عابد چنا

سگا شاهپور چاڪر جي متحرڪ رضاڪار جي زندگي ۽ خدمتن جو مختصر احوال.....

خالد حسين چنا



سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن هڪ وڏي سماجي تنظيم آهي جيڪا گذريل اڌ صديءَ کان پرامن خوشحال سنڌ لاءِ رضاڪاراڻي قومي فرض سمجهي سنڌ جي جهر جهنگ ۾ خدمت ڪري رهي آهي. هزارين باشعور گريجوئيٽ رضاڪار بنا ڪنهن مٽ ڀيد، مذهبي يا سياسي فرق جي پنهنجن مسڪين بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪري رهي آهي.