احمر نديم ميمڻ
ڪئناڊا ۾ سنڌ جو شانائتو
خدمتگار
ذوالفقار شيخ (ٽورانٽو، ڪئناڊا)
سڌريل
معاشرن ۾ فيس بوڪ ۽ سوشل ميڍيا جا ٻيا پليٽ فارم هڪ ٻئي سان ڄاڻ ونڍڻ لاءِ ڪم آندا
پيا وڃن پر ڏٺو اهو ويو آهي ته اسان سنڌين جي گھڻائي فيسبوڪ کي هڪ پئي جا پٽڪا لاهڻ
لاءِ ئي استعمال ڪري ٿي ۽ اهي پليٽ فارم ڪجھ دوستن جي هٿ ۾ ائين آهن جيئن ڀولڙي جي
هٿ ۾ بندوق. اسان مان گھڻائي انقلاب جا فارمولا هٿ ۾ کنيو پيا هلن، جن تي عمل
توهان اسان کان ئي ڪرائڻ چاهيندا ۽ جيڪر اسان مان ڪنهن انهن سان اختلاف ڪرڻ جي
جرئت ڪئي يا شين کي انهن انقلابين جي نظرن سان نه ڏٺو ته پوءِ ڪله مري ويا. مون جڏهن
سنڌ کان هزارين ڪوھ ڏور پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ماروئڙن جو چنگ چوريندڙ ڪردارن تي لکڻ جو
سوچيو هيو ته اها به خبر هيم ته ان جي مخالفت به ٿيندي ۽ اهو ئي ٿيوجو گزريل هفتي
منهنجي هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر اعجاز ترڪ تي لکيل ڪالم منهنجي دلبر اسحاق تنيو کي سفا ڪاوڙائي
وڌو، هو پراڻو دوست به آهي ته اڪابر ۽ سنڌ پرست شاعر طور به سڃاتو ويندو آهي، مون
سندس تنقيد کي اکين تي رکندي پنهنجي هن سلسلي کي ان ڪري جاري رکڻ جو سوچيو آهي ته
شايد ان سان اسان جي نئين نسل کي سنڌ سان بي انتها پيار ڪندڙ اهڙن ڪردارن مان
اتساھ ملي.