; سنڌي شخصيتون

25 May, 2015

مختيار شيدي

مختيار شيدي
سريلو راڳي
راڳ هڪ ڏات آهي ۽ سنڌ جي تاريخ اهڙي ڏات ڌڻين سان ڀري پئي آهي. سنڌ سونهاري صدين کان وٺي صوفيه مزاج بزرگن شاعرن ۽ قلمڪارن جي ڌرتي رهي آهي، سنڌ ۾ سريلن ڳائڻن جي ڪا به کوٽ ناهي، هر دور ۾ ڳائڻن پاڻ ملهايو آهي، فوڪ ڳائڻن ۾ مختيار شيدي جو وڏو نالو آهي.

24 May, 2015

صادق فقير راڳي

صادق فقير
صحرا ۾ خاموش ٿي ويل سنڌ جو آواز
ڊاڪٽر مخمور بخاري
هي ڏاڍ جا فيصلا آهن... ...  پوءِ ڇا ڪجي... ..؟ تاج جويي جا اهي لفظ جيڪي هن سُرن جي رائي صادق فقير جي تڏي تي ويٺي فون تي چيا. انسان ڄمي ٿو ۽ مري وڃي ٿو. هڪ حياتي هڪ ئي حياتي گذاري وڃي ٿو ته ڪي اهڙا به فرد ٿين ٿا جيڪي هڪ حياتي ۾ ڪيتريون ئي حياتيون گذارن ٿا. پل ۾ ڀرن ٿا، پل ۾ جيئن ٿا! انهن جي حياتي، بس رڳو زندھ رهڻ جو سبب نه ٿي رهي، بلڪ هو هر ان ماڻهو لاءِ جيئن ٿا جنهن کي هڪ حياتي گذارڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن سهاري جي ضرورت پئي ٿي. پنهنجي پاڻ کي ڏيئي جيان ساڙي ٻين لاءِ روشني پئدا ڪرڻ سچ پچ ڏاڍو ڪٺن ڪم آهي، پر جيڪي شخص ان منزل کي ماڻي وٺندا آهن. اهي ماڻهن جي دلين ۾ زندھ آهن. انهن جي مُرڪن، ٽهڪن توڙي لڙڪن ۾ هر وقت نظر ايندا آهن. درحقيقت صوفي جو مقولو: “وحدت ۾ ڪثرت ۽ ڪثرت ۾ وحدت موجود آهي.” هن سماجي نظام ۾ پسي سگھجي ٿو. هڪ وجود آهي. جيڪو جتي به آهي پر هر هنڌ آهي ۽ هو پنهنجي ٻاهر هوندي به پنهنجي اندر آهي.!! پر هن ڳالھ کي ڪئين سمجهي سگھجي؟  جواب ۾ ڪنهن ڊگھي منجهائيندڙ بحث جي بجاءِ پنهنجي چؤگرد ئي نظر ڦيرايون ته اسان کي اهڙا ٿورائي ماڻهو ئي نظر ايندا جيڪي هر محفل ۾، هر جاءِ تي يقيني سمجهيا ويندا آهن. رڳو جڏهن اهڙن ڪن ٿورن مان ڪو هي رنگ واس جو جهان ڇڏيندو آهي ته هر طرف بس سُڏڪا ئي سُڏڪا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. جيئن اسان جي پياري صادق فقير جو اوچتو هانءُ ڏاريندڙ وڇوڙو !!

23 May, 2015

ثميره زرين

ثميره زرين

مون کي رڳو ڀليڪار چوڻ ايندي آهي...

پير عبيد راشدي



يونيورسٽيون عشق ناتمام جون درگاهون هونديون آهن. يونيورسٽيءَ جي ميدانن، رستن، پارڪن ۽ ڪاريڊورس ۾ سڏ وراڪا ۽ سرگوشيون سدائين پڙاڏبيون آهن. سنڌ جي برک تخليقي ادب جي اثرائتي جينيئس ليکڪا مئڊم خيرالنساءِ جعفري جڏهن اسان شاگردن جي وچ ۾ هوندي هئي ته ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ سرنهن جي گهاٽي وڻ جي ڇانو هجي ۽ سڀ شاگرد سرنهن جا گل هجون. سچ ته ادي گُڏي خيرالنساءِ سرنهن جي گهاٽي وڻ جهڙي هئي. هوءَ اسان سان ادبي، سياسي ڳالهيون ۽ ڀوڳ ڪندي هئي ۽ پنهنجن جيڏين مئڊم نسيم ٿيٻو، مئڊم مهتاب اڪبر راشدي، مئڊم تنوير جوڻيجو، مئڊم ليليٰ بانو جا قصا ڪندي هئي، پر جڏهن مئڊم ثميره جون ڳالهيون ڪندي هئي ته لڙڪ لارون ڪري وهندا هئس. مئڊم ثميره زرين سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور جي معزز اعواڻ خاندان جي مهتاب آفتاب هئي ۽ اسان سنڌ وارن لاءِ پنهنجي سگهاري خوبصورت ڪهاڻي ’آءٌ اها مارئي‘ واري روشنيءَ جو اڏول ڪردار. هوءَ اصل ۾ سنڌي ڪهاڻي ۽ افساني جي سفر جي ڊگهي پنڌ جي چانڊاڻ هئي. ثميره زرين تعليم يافته خوشحال گهراڻي ۾ جنم ورتو. گهر ۾ هر شيءِ موجود، پر فطرت ۾ سادگي ۽ حساس پڻي جي ڪري ڪتابن ۾ پناهه ورتائين. ائين به نه هو ته هوءَ پنهنجي خاندان ۾ پهرين فرد هئي، جنهن ڪتاب قلم کنيا. مرحوم پير حسام الدين شاهه راشدي لکي ٿو مئڊم ثميره زرين جي وڏڙن مان ميان محمد عارف اعواڻ صاحب حقيقي بزرگ ۽ عارف هو، جو صاحب ديوان هو ۽ هن جو ڪلام شڪارپور مان پوڪرداس ڇپائي پڌرو ڪيو هو. مطلب ته  مئڊم کي قلم ۽ ڪتاب ورثي ۾ مليا. مئڊم ثميره حساس پڻيءَ جي ڪري نه رڳو وڏگهراڻن پر پورهيت، پيڙهيل دُکي عورتن جي مسئلن تي خوب لکيو. اديب پنهنجي تخليق ۾ نه رڳو معاشري جا ناسور، ڏک سک بيان ڪندو آهي، پر پنهنجي داخلي دنيا جا اڻپورا خواب، احساس ۽ محروميون بيان ڪندو آهي. مئڊم ثميره زرين جون اڪثر ڪهاڻيون فرد جي داخلي دکن جي اپٽار آهن. هوءَ پنهنجو ذاتي زندگيءَ ۾ ڪيتري دکي سُکي هئي، سا ته سندس جيڏين کي خبر، پر جڏهن پڙهندڙ سندس افسانا پڙهي ٿو، ته هو ٿڌو ساهه کڻي پنهنجي وڃايل ڪاڪ محل ياد ڪري، سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو ته هڪ معزز خوشحال گهراڻي جي خوددار عورت ايتري دکي ڇو هئي؟

07 May, 2015

هري موٽواڻي

هري موٽواڻي
اچو ته هريءَ جي خاڪ کي سلام ڪريون
تاج جويو
اڄ کان اڍائي سئو سال اڳي، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سنڌ جي حب الوطنيءَ جي عظيم ڪردار مارئيءَ جي عمر جي قيد ۾ قيدي هئڻ وقت دلي ڪيفيت بيان ڪندي چيو هو:
مُيا ئي جِيان، جي وڃي مڙهه ملير ڏي!
مارئيءَ کي ڀٽائيءَ ڏٺو ڪو نه هو، پر ان جي وطن لاءِ محبت واري ويساهه، اُتساهه ۽ جذبي کي ڳائي، ڀٽائيءَ اهڙي امرتا بخشي ڇڏي، جو صدين کان وٺي مارئي حب الوطنيءَ جو لازوال مثال آهي.!

02 May, 2015

فقير برڪت علي بلوچ - نور سنڌي

فقير برڪت علي بلوچ
کاهوڙي انسان
نور سنڌي
2 مئي 2010ع اهو اڀاڳو ڏينهن آهي، جنهن تي هڪ کاهوڙي انسان فقير برڪت علي بلوچ جاگيراڻي، هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. هو نامور قانوندان هو، هڪ مثالي منصف هو، سماج سڌارڪ هو، غريبن جو همدرد، يارن جو يار هو، سياستدان ته نه هو پر سياسي سوچ رکندڙ هو. هو لطيف سائينءَ جو پانڌيئڙو هو. هڪ اهڙو باڪردار انسان جنهن تي اسان کي ناز آهي. اعليٰ عهدن تي رهڻ جي باوجود فقير منش انسان هو. ڪڏهن به پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال نه ڪيو. مختلف منصبن تي رهي اهڙا ڪم ڪيا، جيڪي تاريخ جو حصو بڻيل آهن. پاڻ 16 نومبر 1935ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي قمبر جي ڳوٺ جيئڻ ابڙا ۾ قاضي غلام رسول جاگيراڻي بلوچ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والده مشهور عالم دين مولوي غلام عمر جتوئي جي خاندان مان هئي.

01 May, 2015

بادل جمالي


بادل جمالي
کُتيري ٻيلي جو ماڻهو
پير عبيد راشدي
لال پشپ لکيو هو ته ”مون آڏو هڪ سوال اڀرندو آهي ته ليکڪ جي اندرين تهن مان لڳاتار هڪ ندي وهي ٿي، انهيءَ مان اڻ ڳڻيون لهرون وکرن ٿيون جنهن جي شور جو انت نه وري ڳاڻيٽو هوندو آهي.
محترم بادل جماليءَ جي داخلي دنيا مان جيڪي بي انت اڻ ڳڻيون لهرون وکرن ٿيون، سي سندس اباڻي پٽ وٽان وهندڙ روهڙي ڪئنال وانگر آهن يا سنڌ جي شهر ڪراچيءَ جي سمنڊ جهڙيون، بادل جماليءَ جي اندر مان پلٽو هڻندڙ مضمون ۽ برجستي ڪهاڻي ٻروچڪي گج ڀرت ۽ سنڌي ٽوپيءَ وانگر لکن ۾ پڌري آهي.

غلام شبير شاهاڻي - ناصر مقصود گل

غلام شبير شاهاڻي
سهڻو آواز، سهڻو انداز
ناصر مقصود گل
ريڊيو حيدرآباد، جيڪو يقيناً هڪ ابلاغي ادارو آهي، پر هن اداري کي جيڪڏهن ڪا درسگاهه يا يونيورسٽي ڪري سڏجي، تڏهن به ان ۾ ڪنهن به قسم جو وڌاءُ نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته ريڊيو حيدرآباد پنهنجي قيام يعني آگسٽ 1955ع کان وٺي اڄ تائين پنهنجي سٺ سالن جي نشرياتي سفر ۾ انيڪ آوازن جي آبياري پڻ ڪئي آهي. ريڊيو حيدرآباد جهڙي مضبوط ابلاغي ذريعي تان پنهنجي آواز جي ذريعي پاڻ مڃرائيندڙ اهڙن ڪلاڪارن جي ڪثير قطار ۾ سنڌ جي ڪاڇيلي ڌرتي جوهيءَ مان پڻ هڪ اهڙو دلفريب آواز اڀريو، جنهن سريلي آواز، مسلسل محنت ۽ رياض سان سنڌي سنگيت جي سٿ ۾ هڪ اهم ۽ منفرد مقام ماڻي ورتو آهي. منهنجو هڪ محتاط اندازو آهي ته ماضيءَ ۾ جڏهن ڪنهن رٺل محبوب کي پرچائيندي، نامياري ڪافي گو شاعر سيد مرتضى شاهه ڏاڏاهيءَ جا ٻول ”رسي وڃ نه راڻا دنيا جي چوڻ تي“ ريڊيو وسيلي ٻڌندڙن جي سماعتن تائين پهتا، تڏهن کان وٺي اڄ تائين عمر جا اٺونجاهه ڏاڪا اُڪرڻ باوجود انهيءَ آواز ۾ڪنهن به قسم جي پروڻ يا جھونائپ وارو عنصر ناهي محسوس ڪيو ويو. اهڙي آواز واري ڪلاڪار کي اڄ به هيءَ ڀونءِ غلام شبير شاهاڻيءَ جي نالي سان ڄاڻي سڃاڻي ٿي.

ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي

ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي

هڪ شخص- هڪ ادارو

ڊاڪٽر قاسم راڄپر



ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جا هندو هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ وڃي وسائي، ڪن بمبئيءَ ۾ گهر اڏيو ته ڪي دهليءَ ويا، ڪي جئپور، يو پي، سي پي، گجرات، گانڌي ڌام ۽ ڪن وري احمد آباد وسائي. بمبئي ۽ دهليءَ کانپوءِ احمد آباد سنڌين جو وڏو علمي ۽ ادبي مرڪز بڻيو. جتان جي سنڌين سنڌيت جي جوت جلائڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي جيئارڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي ۽ نيٺ سڄي هندستان ۾ سنڌيءَ کي به قومي ٻولي مڃيو ويو.

20 April, 2015

صُوفي آسُورام - آڪاش ڪمار آسواني

صُوفي آسُورام
هڪ وساريل شاعر
آڪاش ڪمار آسواني
سنڌ ڏيهه ۾ درويشن، دانشورن، صوفين، الهه لوڪن ۽ شاعرن جي ڪمي ڪا نه آهي.  گهڻن ئي درجن جا شاعر ٿي گذريا آهن. جيستائين حُسن، عشق ۽ خوبي دنيا ۾ موجود آهي. تيستائين شعر گوئيءَ جو ميدان پڻ گرم رهندو.
سنڌ هميشه شاعري، ثقافت، علم و ادب ۽ تصوف جو گهوارو رهيو آهي. سنڌ جي انهيءَ اجهاڳ سمنڊ جي بي انت تري ۾ بي بها موتي پيا سپجن. جن علم و ادب جي جهان کي وڌيڪ جرڪائي ڇڏيو آهي. اهڙن جڳ جرڪائيندڙ ۽ من موهيندڙ موتين واري مالها ۾ سنڌ جي هڪ عظيم صوفي درويش صوفي فقير ماستر آسُورام صاحب جن جو نالو پڻ نمايان نظر ايندو.

سائين الهرکيو ڳورڙ - شعيب سرور وڌو

سائين الهرکيو ڳورڙ
روشنيءَ جو ڪرڻو هو
شعيب سرور وڌو
سنڌ جي تاريخ جو تجزيو ڪجي ته هڪ ڳالهه واضح طور سامهون ايندي ته هن ڌرتيءَ جي ڪک مان اهڙن سورمن جنم ورتو آهي، جن پنهنجي سڄي زندگي انسانيت جي خدمت ڪندي گذاري ڇڏي. سماج جو پڙهيل لکيل ۽ باشعور فرد هئڻ ناتي استاد جي ذميواري وڌيڪ هجي ٿي ته هو سماج جي نه رڳو تعليم جي حوالي سان خدمت ڪري پر تربيت وسيلي سماج جو ڪارآمد شهري بڻائڻ به استاد جي ذميواري آهي.

مريم مجيدي - سرواڻ سنڌي

مريم مجيدي
سنڌي شاعرائن جي مهندار شاعره
سرواڻ سنڌي
سنڌي شاعرائن ۾ تاريخي طور تي پهريون نالو مرکان شيخڻ جو اچي ٿو جنهن کانپوءِ اهو سلسلو آهستي آهستي اڳتي وڌي ٿو ۽ اهو سلسلو مختلف دورن کان ٿيندي رخسانه پريت تائين پهچي ٿوجن ادبي کيتر ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي پر انهن سڀني شاعرائن جي جيڪڏهن مهندار شاعره چئجي ته اها ننگر ٺٽي جي شاعره مريم مجيدي ئي آهي، مريم مجيدي پنهنجي والد سائين محمد خان مجيدي کان جيڪو علم، ادب، ڏات ۽ سلو پرايو اهو سندس شاعري ۽ شخصيت ۾ نمايان نظر اچي ٿو. آپا مريم کي پڙهڻ کانپوءِ ان ڳالهه جي پڪ ٿي وئي آهي ته شاعري صرف مرد ذات جو ئي ڪم نه آهي ۽ سٺي شاعري صرف مرد شاعرن جي حصي ۾ ئي ناهي آئي ۽ مريم مجيدي ان سڄي وايو منڊل کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو نه صرف شاعرائن پر مرد شاعرن سان به ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي مون کي پڪ آهي ته سندس شاعري هروڀرو ڪنهن مرد شاعر جي به وس جي به ڳالهه نه آهي پاڻ سٻاجهڙي طبيعت جي مالڪ هجڻ سان گڏوگڏ وڏي شاعره پڻ آهي ۽ شايد زندگي ۾ به ڪنهن کي دل سان سجدو ڪرڻ جو ارواهه ٿيو ته اها آپا مريم ئي آهي جنهن کي ڏسڻ سان سدائين هڪ احساس جاڳي ٿو ته اسان گهڻن کان ڀلا آهيون جو اسان وٽ مريم مجيدي جهڙي شاعره آهي ۽ هو سنڌ جي اوائلي شهر ٺٽي سان واسطو رکي ٿي ۽ پاڻ پنهنجي ذات ۾ ايتري ته معتبر آهي جو سندس ڪردار پڻ سندس شاعري وانگر گهڻن جي مٿان حاوي آهي. آپا مريم ڪڏهن به پنهنجي وڏائي ۽ قد وڌائڻ جي لاءِ ڪنهن کي به منٿ ناهي ڪئي ۽ نه ئي وري گهڻن کي ياد هوندو ته آپا مريم ڪڏهن پيدا ٿي آهي ۽ سندس سالگرهه جو ڏينهن ڪهڙو آهي جو ان ڏينهن تي ڪا اسپيشل سپليمينٽ ڪڍي سگهجي ڇو ته آپا مريم ڪڏهن به مڃتا جي بکي ناهي رهي ۽ نه ئي وري ان جي گهوري رهي آهي هو صرف لکندي رهي ٿي ۽ اهڙو لکندي رهي ٿو جو سڀني جي خواهش هوندي آهي ته ڪاش آئون اهڙو لکي سگهان. آپا مريم سنڌ جي هر بهادر ۽ سپوت کي پنهنجي شاعري ۾ مڃتا ۽ ڀيٽا ڏني آهي ، پاڻ سنڌ توڙي هر مظلوم تي ٿيندڙ ظلم جي خلاف لکيو آهي، سندس شاعري ۾ پڻ وڏي معتبري بکي ٿي ۽ سندس شاعري کي پڙهندي ائين ئي لڳي ٿو ڄڻ ته ڪنهن پاڪ صحيفن کي پڙهيو پيو وڃي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي اهڙي ٻولي نه آهي جنهن کي پڙهندي هڪ منٽ جي لاءِ ئي ڪردار طرف سوچجي پر سندس لفظ لفظ سندس ڪردار جي اورچائي ۽ مڃتا جي گواهي ڏين ٿا ۽ سندس لاءِ هڪ اعليٰ اعزاز هجڻ جو ثبوت آهن.

ناصر مورائي - عظيم سنڌي

ناصر مورائي
سنڌ لاءِ هڪ ويڙھ جو نالو
عظيم سنڌي
ناصر مورائي ادب، سياست ۽ سماجي حوالي سان مورو مان جنم وٺندڙ عظيم شخصيت سان گڏ بهترين ڪهاڻيڪار به هو. سنڌ ۾ ۴ مارچ جي حوالي سان شاگرد تحريڪ ۾ سندس اڻ ڳڻيون خدمتون آهن. مورو جي مشهور سيد خاندان تعليم جي ميدان ۾ هڪ وڏي نانءُ سائين جعفر شاھ مرحوم جو پٽ هو. سندس هڪ ڀاءُ پروفيسر اشرف شاھ، ٻيو معصوم علي شاھ سيڪريٽري تعليم هڪ ڀاءَ نثار شاھ آمريڪا ۾ اليڪٽريڪل انجنيئر ۽ محبوب علي شاھ ”محبوب مورائي“ شاگرد سياست جو متحرڪ ڪردار طور سڃاتو وڃي ٿو.

18 April, 2015

سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي

سيد ثابت علي شاهه

[۱۷۴۰ع – ۱۸۱۰ع]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي



سيد ثابت علي شاه ولد سيد مدار علي شاه، ميراڻي دور ۾ سنڌي زبان جو هڪ بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ولادت ۱۴ محرم الحرام ۱۱۵۳ هه مطابق ۱۷۴۰ع تي ٿي آهي. خاص ڪري ”مرثيه“ جي صنف ۾ ته سندس نالو سر فهرست آهي. پاڻ اصل ملتان (پنجاب) جو هو. زندگيءَ جو وڏو حصو سيوهڻ شريف ۾ گذاريائين، جتي ۷۲ ورهين جي ڄمار ۾، ۲۷ ربيع الثاني ۱۲۲۵ هه مطابق ۱۸۱۰ع تي راه رباني ورتائين. پاڻ جيتوڻيڪ پڪو شيعو هو ۽ شيعن حاڪمن (ميرن) جو خاص ماڻهو هو. تڏهن به عقيدت جي لحاظ کان چئن يارن سڳورن ۽ بادشاه پير دستگير سيد عبدالقادر جيلانيؒ جن جي شان ۾ مداحون به چيون اٿس. نموني طور سندس هڪ ”مرثيه“ مان چند مصرعون هيٺ ڏجن ٿيون.