; سنڌي شخصيتون: بادل جمالي، پير عبيد راشدي، عبدالسبحان جمالي، رکيل مورائي، علي بخش پٺاڻ،
Showing posts with label بادل جمالي، پير عبيد راشدي، عبدالسبحان جمالي، رکيل مورائي، علي بخش پٺاڻ،. Show all posts
Showing posts with label بادل جمالي، پير عبيد راشدي، عبدالسبحان جمالي، رکيل مورائي، علي بخش پٺاڻ،. Show all posts

01 May, 2015

بادل جمالي


بادل جمالي
کُتيري ٻيلي جو ماڻهو
پير عبيد راشدي
لال پشپ لکيو هو ته ”مون آڏو هڪ سوال اڀرندو آهي ته ليکڪ جي اندرين تهن مان لڳاتار هڪ ندي وهي ٿي، انهيءَ مان اڻ ڳڻيون لهرون وکرن ٿيون جنهن جي شور جو انت نه وري ڳاڻيٽو هوندو آهي.
محترم بادل جماليءَ جي داخلي دنيا مان جيڪي بي انت اڻ ڳڻيون لهرون وکرن ٿيون، سي سندس اباڻي پٽ وٽان وهندڙ روهڙي ڪئنال وانگر آهن يا سنڌ جي شهر ڪراچيءَ جي سمنڊ جهڙيون، بادل جماليءَ جي اندر مان پلٽو هڻندڙ مضمون ۽ برجستي ڪهاڻي ٻروچڪي گج ڀرت ۽ سنڌي ٽوپيءَ وانگر لکن ۾ پڌري آهي.