; سنڌي شخصيتون: صُوفي، آسُورام، وساريل، شاعر، آڪاش، ڪمار، آسواني،
Showing posts with label صُوفي، آسُورام، وساريل، شاعر، آڪاش، ڪمار، آسواني،. Show all posts
Showing posts with label صُوفي، آسُورام، وساريل، شاعر، آڪاش، ڪمار، آسواني،. Show all posts

20 April, 2015

صُوفي آسُورام - آڪاش ڪمار آسواني

صُوفي آسُورام
هڪ وساريل شاعر
آڪاش ڪمار آسواني
سنڌ ڏيهه ۾ درويشن، دانشورن، صوفين، الهه لوڪن ۽ شاعرن جي ڪمي ڪا نه آهي.  گهڻن ئي درجن جا شاعر ٿي گذريا آهن. جيستائين حُسن، عشق ۽ خوبي دنيا ۾ موجود آهي. تيستائين شعر گوئيءَ جو ميدان پڻ گرم رهندو.
سنڌ هميشه شاعري، ثقافت، علم و ادب ۽ تصوف جو گهوارو رهيو آهي. سنڌ جي انهيءَ اجهاڳ سمنڊ جي بي انت تري ۾ بي بها موتي پيا سپجن. جن علم و ادب جي جهان کي وڌيڪ جرڪائي ڇڏيو آهي. اهڙن جڳ جرڪائيندڙ ۽ من موهيندڙ موتين واري مالها ۾ سنڌ جي هڪ عظيم صوفي درويش صوفي فقير ماستر آسُورام صاحب جن جو نالو پڻ نمايان نظر ايندو.