02 November, 2013
فيض محمد عرف ميجو فقير- زرار پيرزادو
31 October, 2013
ڪاڪو گُرداس واڌواڻي
ڪاڪو گُرداس واڌواڻي
اڌ صديءَ جي اڪيلائيءَ
جو درد سھندڙ
نصير اعجاز
بزرگيءَ جي ڪري ھر ڪو کيس ڪاڪي گرداس واڌواڻيءَ جي نالي سان ياد ڪندو
ھو. سانوري رنگ جو، اڇا کير جھڙا وار، اکين تي ڪاري رنگ جي شيشن واري نظر جي عينڪ،
سنھڙو نٻل جسم، سھاري لاءِ ھٿ ۾ واڪنگ اِسٽڪ. اھو ھو گرداس واڌواڻي جيڪو ستر واري ڏھاڪي
۾ ڪراچيءَ جي صدر واري علائقي ريگل جي ھڪ پراڻي عمارت جي پھرين ماڙ تي ھڪ ننڍڙي ڪوٺڙيءَ
۾ رھندو ھو. اھا عمارت اڄ به ريگل جي وچ ۾ ان ھنڌ موجود آھي جتان فريئر روڊ کان ايندڙ
سموريون گاڏيون ڦري ايمپريس مارڪيٽ ڏانھن وينديون آھن. ان عمارت جي ھيٺان ھاڻي اليڪٽرانڪ
سامان جا دڪان آھن. ھو ان ڪوٺڙيءَ ۾ بلڪل اڪيلو رھندو ھو. ھڪ سنگل بيڊ، ھڪ ننڍڙي ٽيبل
۽ ڪرسي، ڪپڙن جي ھڪ بئگ ۽ ڪجھه ڪتاب سندس ڪُل ڪائنات ھئي پر ھن لاءِ سڀ کان وڌيڪ قيمتي
ھئي ٽيبل تي رکيل ننڍڙي فريم اندر پيل ھڪ تصوير، جنھن سان ھو اڪيلائيءَ ۾ ڳالھيون ڪندو
رھندو ھو. جڏھن سانجھي ٿيندي ھئي ته سندس اڪيلائيءَ جو احساس وڌي ويندو ھو ۽ پوءِ ٻاٽلي
کولي، مڌ جون چسڪيون ڀريندو ڪرسيءَ تي ويھي ٽيبل تي رکيل تصوير سان ڳالھائيندو رھندو
ھو.
30 October, 2013
نعمت الله ڀٽو - قاضي منظر حيات
23 October, 2013
نقش ناياب منگي
مظهرالدين ميمڻ - محمد اياز ميمڻ
22 October, 2013
حميد سنڌي
سائين محمد علي شاھه - اظهار مٺل جسڪاڻي
21 October, 2013
شيام جئسنگهاڻي - ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي
04 October, 2013
استاد پارو مل ڪولهي - خالد ڪنڀار
29 September, 2013
استاد گلزار علي خان
استاد گلزار علي
خان
سنڌي موسيقيءَ
جو وڏو راڳي
وزير فرهاد سولنگي
استاد گلزار علي خان جو اصل نالو گلاب خان دايو هيو. هيءُ ۱۹۳۴ع
ڌاري، محمد
مراد دايي جي گهر ۾ ڄائو.
سندس ڳوٺ ضلعي نوشهرو فيروز
جي شهر خانواهڻ جي ڀرسان ڳوٺ ديهات نالي سان آهي. استاد گلزار علي خان شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان
ئي حاصل ڪئي کيس ٻالڪ پڻ کان ئي راڳ ڳائڻ جو شوق هو، ڇو ته سندس والد صاحب محمد مراد
خان دايو به راڳ ڳائيندو هيو هن پنهنجي پيءَ کان متاثر ٿي راڳ جي دنيا ۾ قدم رکيو پاڻ
جڏهن ۸ سالن
جي عمر جو هيو ته هن راڳ ڳائڻ شروع ڪيو هن شروعات ۾ راڳ جي سکيا پنهنجي پيءَ کان ورتي
ان کان پوءِ هن ۱۶ سالن
جي عمر ۾ لاڙڪاڻي وڃي استاد مهر علي خان کان راڳ جي سکيا ورتي ان کان پوءِ جڏهن هو
۲۵ سالن
جو ٿيو ته پاڻ استاد منظور علي خان وٽ وڌيڪ راڳ سکڻ لاءِ ويو. استاد منظور علي خان
ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا. جن راڳداريءَ جي دنيا ۾ تمام سٺو نالو پيدا ڪيو سندس انهن
شاگردن ۾ استاد گلزار علي خان جو به نالو به نمايان آهي.









