; سنڌي شخصيتون

13 September, 2020

ايڊووڪيٽ سردار خان چانڊيو

ايڊووڪيٽ سردار خان چانڊيو

خالد حسين چنا



وقت بهترين استاد آهي. اهو گهڻو ڪجهه سيکاري ٿو. دنيا جا وڏا سچ وقت گذرڻ سان ڪوڙ ثابت ٿيا آهن ۽ وري ڪيترا ئي ڪوڙ سچ ثابت ٿيا آهن. ڪي ماڻهو وقت ڏسي پاڻ پليو وڃن ته ڪي وري وقت ڏسي اڀرندڙ سج جي سلامي ڪن. حقيقت ۾ ڪنهن به شخصيت جو ماپو ڪرڻ ڏکيو آهي پر وقت اهو ماپو آهي جنهن سان خبر پئجي سگهي ٿي. سوچيان ويٺو ته اسان جي شهر شهدادڪوٽ ۾ تمام ٿوري وقت ۾ ڪيترا ئي ماڻهو ڏسندي ڏسندي مٽجي ويا آهن. ڪيترا ئي نوان سردار، ڀوتار ۽ ليڊر ٿيا آهن. ڪيترن ئي وقت سان سياسي لڳ لاڳاپا پئي مٽايا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته وقت سان تبديلي اڻٽر آهي ۽ جيڪڏهن اها تبديلي هاڪاري آهي ته ان سان سماج ۾ مثبت تبديلي ايندي آهي. جرمني جي مشهور تعليمدان جان پيسٽلزئي مطابق روين جي مثبت تبديلي کي ئي اصل ۾تعليم چئبو آهي. ايڊووڪيٽ سردار خان چانڊيو انهن تمام ٿورن ماڻهن مان آهي جن کي اسان شروع کان وٺي مجموعي طور تي ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪوششون ڪندي ڏٺو آهي. هر ڪنهن ننڍي وڏي سان پيار ۽ احترام سان لفظن کي توري تڪي ڳالهائيندي ٻڌو ويوآهي. سردار خان چانڊيو سگا شهدادڪوٽ جو بنيادي ميمبرن مان هڪ آهي. هن ڪڏهن به زندگي ۾ غلط يا سوديبازي ڪري زوري جاءِ ٺاهڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. سردار خان چانڊيو پنهنجي من جو سردار آهي ۽ روايتي سردار جي برعڪس هن پاڻ پڙهائي ۽ محنت تي زور ڏئي وڪالت ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي. هن جي نظر ۾ محنت ۽ تعليم ئي روشن مستقبل لاءِ ضروري آهي. تنهنڪري هو هر ڪنهن کي محنت ۽ تعليم جو درس ڏيندو رهندو آهي. هن پنهنجن پٽن کي اعلي تعليم ڏياري هن معاشري جو ڪامياب ۽ ڪارگر فرد بڻايوآهي ۽ پنهنجن نياڻين کي وڪالت ۽ ڊاڪٽري پڙهائي آهي هڪ بهترين مثال قائم ڪيو آهي.

ڊاڪٽر عبدالستار وڌو

ڊاڪٽر عبدالستار وڌو

شھدادڪوٽ جو مسيحا 

خالد حسين چنا



ڪي ماڻھو شھرن جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا ته وري ڪي شھر ماڻھن جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا. سنڌ جي ننڍڙي ڳوٺ پاٽ شريف جو نالو اچڻ سان علامه آءِ آءِ قاضي ياد اچيو وڃي ٿو، يا ٽلٽي جهڙو ننڍڙو ڳوٺ شمس العلماءَ دائود پوٽي جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو. سن شهر سائين جي ايم سيد ۽ هالا مخدوم نوح هالائي ۽ مخدوم طالب الموليٰ جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا. بلڪل ساڳي طرح شهدادڪوٽ جي سڃاڻپ ميان غلام صديق يا حاڪم شاهه پٽ وارو ٿي سگهي ٿي پر سڄي سنڌ ۾ اکين جي ڪئمپن جا دورا ڪندي خبر پئي ته انسانيت جي بي لوث خدمت ڪندڙ، مسيحائي شخصيت، ڊاڪٽر عبدالستار وڌو شهدادڪوٽ جي سڃاڻپ ٿي چڪو آهي. سيوهڻ، جهانگارا باجارا، گھوٽڪي، ٺل، جيڪب آباد، پير جو ڳوٺ، ڪشمور، لاڙڪاڻو، ميرو خان، باڊهه، نئون ديرو، نصيرآباد، وارهه، پنجاب جي شهر مظفرڳڙھ ۽ بلوچستان جي شهرن اوستامحمد، جهل مگسي ۽ گندا واهه سميت ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن ۾ هر سال اکين جو ماهر ڊاڪٽر عبدالستار گاڏي ڪاهي اچي ڪئمپون قائم ڪري ٿو، پر مختلف ملڪن ۾ به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهي ٿو.

محمد اعظم جروار

محمد اعظم جروار

هم فقيرون سي دوستي ڪرلو

خالد حسين چنا



شيون هڪ جهڙيون ٿئي سگهن ٿيون يا انهن جو نعم البدل ٿي سگهي ٿو. پر انسان جهڙو هوبهو ٻيو انسان نه ٿو ٿئي سگهي. شڪل، صورت يا سيرت ۾ هڪ انسان ٻئي انسان کان مختلف هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ انسان جي شخصيت جا ڪيترا ئي رخ پاسا ٿين ٿا. هڪڙا ظاهري پاسا ته ٻيا لڪيل جيڪي مشڪل سان ڪنهن کي خبر هجن. اهو ئي سبب آهي جو ڪنهن ماڻهو جي باري ۾ لکڻ کي حتمي يا مڪمل چئي نه ٿو سگهجي. هڪڙن ماڻهن جي شخصيت ايتري ته سحرانگيز يا وشال ۽ وصعت واري هوندي آهي جو صرف ان ماڻهو جي هڪ رخ تي به حقيقت ۾ انصاف سان لکي نه سگهبو آهي. هر ماڻهو پنهنجي ذات ۾ گلشن آهي. شهدادڪوٽ ۾ محمد اعظم جروار انهن ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن منجهان هڪ آهي جيڪي ماضي جي يادن ۾ پراڻن ناياب ڪتابن تي دز جيان اسان کي صاف ڪرڻ لاءِ واجهائي رهيا آهن ته جيئن ايندڙ نسل، انهن مان ڪو لاڀ حاصل ڪري سگهي. اسان جي تر جي هن موکي تي وڌيڪ ان دور جا متارا ئي روشني وجهي سگهن ٿا. يا وري اهي ماڻهو  جن تي ڪنهن حڪمران، مير، پير ۽ وڏيري جو حڪم نه هلندو هو پر فقير محمد اعظم جروار جي پرشوق دلاسن تي پري پري کان اچي هن وٽ حاضر ٿيندا هئا. هن سان گڏ سياسي سفر ڪندڙ دوست تي ٻڌائي سگهندا ته هن جو سنڌ يا سيد سان ڪيترو عشق هو ۽ هن جي زندگي جو رومانوي داستان ته هن جا همراز ئي ٻڌائي سگهندا ته هن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽڻ ۽ ڪاري چڳ تي رات کٽڻ وارو پنڌ ڪيو يا نه. هن جا يار ئي ٻڌائي سگھن ٿا ته ياري نڀائڻ ۾ اعظم جروار ڪيئن هو. هاسو سوڍي جيئن هو جيڪو پنهنجي شادي جا ڦيرا وچ ۾ ڇڏي پنهنجي يار دودي سان گڏجي علاؤالدين خِلجي سان مقابلي لاءِ شامل ٿيو. هن مضمون ۾ اعظم جروار صاحب جي زندگي جو مختصر خاڪو ۽ سماجي طور تي ڪجهه ڪارگذاريون بيان ڪجن ٿيون.

12 September, 2020

استاد غلام مصطفيٰ وڌو

استاد غلام مصطفيٰ وڌو

خالد حسين چنا



سوچيان ٿو ٻين شهرن جيان شهدادڪوٽ شهر ۾به هزارين لکين ماڻهو پيدا ٿيا هوندا ۽ فوت ٿيا هوندا پر انهن مان ڪي ٿورڙا هوندا جن کي ياد ڪري سندن گڻ ڳائي سگهجن ٿا. حقيقت ۾ ڪنهن به ماڻهو جي باري ۾ سوچڻ ان ماڻهو جو جياپو آهي. يوناني مفڪر پارمي نائيديس الياطي چيو آهي ته جنهن تي فڪر نه ٿو ڪري سگهجي، سمجهو اهو موجود ناهي. ايوب کوسو جي ڪتاب مري جي ڏٺو سين ۾ لکيل آهي ته آئون آهيان ۽ نه آهيان جي وچ ۾ آهيان. هڪڙا ماڻهو دنيا ۾ آهن، پر انهن جو هجڻ به ائين آهي ڄڻ اهي آهن ئي ڪو نه. اهي پيٽ پالڻ لاءِ ڪمائين ٿا، کائين ٿا ۽ مري وڃن ٿا. بس انهن جي ايتري ئي ڪهاڻي آهي. ٻيا اُهي انسان آهن جيڪي ٻين لاءِ، قومن لاءِ، عظيم نظرين لاءِ جيئن ٿا. ايجادون ڪن ٿا. شعور ڏين ٿا. پنهنجي ذات لاءِ ذرو به مٿو نه ٿا کپائين. اهي ماڻهو ڪڏهن به مرڻا ناهن. انهن جو ڪردار زنده رهندڙ حقيقت آهن. سنڌ سونهاري ۾ اهڙا  ڪردار اسان جي مجموئي سونهن ۽ حقيقي اتهاس آهن.

استاد محمد حسن پٺاڻ

استاد محمد حسن پٺاڻ

خالد حسين چنا


شهدادڪوٽ شهر جي بنيادي رهاڪو ماڻهن مان ڪنهن به بزرگ کان اوهان پڇندا ته اوهان کي مست گوشو اگهاڙو فقير، علو کدڙو، چيٽوءَ جا سموسا، سانوڻ جا پڪوڙا، ديوان گلاب جا ڀڳڙا، ڪاڪي موج جا دال جا پن، رسُولي ۽ نانگي جي مِٺائي، ٽِئُون جي ڏهي، ڏيڏر فقير جا چرچا وغيره جا ذڪر تعريف سان ڪندا. اهڙي ئي نموني ڪيترا ئي هنرمند ماڻهو به هن تر جا مشهور هئا جن لاءِ ماڻهو پري پري کان اچي انهن کان شيون وٺندا يا ٺهرائيندا هئا. انهن محنتي جفاڪش هڏڏوکي هنرمند ماڻهن منجهان شهدادڪوٽ شهر جي پراڻي اناج منڊي تي لوهارڪا دوڪان محمد پناه، علي حسن، گل حسن پٺاڻ ۽ محمد حسن پٺاڻ جن جا مشهور هوندا هئا. جن جا ڏاٽا ۽ ڪهاڙيون تمام گهڻيون مشهور هيون. جڏهن به لاباري جي موسم ايندي هئي ته پري پري کان ماڻهو استاد محمد حسن پٺاڻ جي دڪان تان ڏاٽا ۽ ڪهاڙيون وٺڻ ايندا هئا.

سائين الهورايو قريشي

سائين الهورايو قريشي

خالد حسين چنا

خيال ۽ يادون به جهرڪيءَ وانگي ٽپ ڏئي ڪڏهن ڪنهن ٽاريءَ تي ٿا ويهن ته ڪڏهن آزاد اُٽار ۾ دنيا جا لقاءَ پسائين ٿا. اوچتو ماضي بعيد جو هڪ منظر سامهون مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب تي نظر پوڻ سان ذهن ۾ تري آيو، جيڪو مون کي شاگردي واري دور ۾ محترم سائين مرحوم الهورايو قريشيءَ پنهنجي صحيءَ سان شاهه عبداللطيف جا شعر پڙهڻ کانپوءِ بطور انعام ڏنو هو. ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه آهي، زندگيءَ جا پل ۽ پهر، ڏينهن ۽ هفتا، مهينا ۽ سال ائين گذري ويا خبر ئي ڪا نه پئي. خير ايتري پراڻي ڳالهه به ڪونهي جڏهن سنڌ ۾ ماڻهو واچون ۽ گهڙيال نه هئڻ ڪري سج جا پاڇا ڏسي وقت جو اندازو لڳائيندا هئا پر يقينن شهدادڪوٽ ٽيڪسٽائيل مل ۽ ٽرين کي روزانو هلندي ڏٺو. اسان پنهنجو هاءِ اسڪول جي شاگردي وارو دور ياد ڪندي پنهنجن عظيم استادن کي اڄ به خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.

11 September, 2020

ماما وشن ٿري

ماما وشن ٿري

ٿر ۾ انسانيت جو شيوڪ

ڀارومل امراڻي سوٽهڙ



مامي وشن ٿري تي هي لفظ لکڻ وقت آئون ڀڳتي تحريڪ جي سگھاري شاعر نرسي مهتي جو هيءُ گيت ”سانورئي را نام هزار ڪيسي لکان ڪنڪو پتري“ لوڪ ڳائڪ مهيشارام ميهگوال جي آواز ۾ گھڙي گھڙي ٻڌان ٿو. سچ اهو آهي ته، مون ڪڏهن لکڻ وقت اهڙي  ٻڏتر محسوس نه ڪئي آهي جھڙي مامي تي لکڻ وقت محسوس ڪري رهيو آهيان. مامي وشن جي خدمتن جا رنگ هزار آهن، آئون هن تي خاڪو ڪيئن لکان!؟ ڪٿان شروع ڪريان!؟

سيد سردار علي شاه ”ذاڪر“

سيد سردار علي شاه ”ذاڪر

ڊاڪٽر محمد علي محمدي



سال ۱۹۶۲ع جي بهار جي مند ۾، جڏهن مان ڇهين ڪلاس ۾ نيو ماڊل هاءِ اسڪول پنوعاقل ۾ پڙهندو هوس (ياد رهي ته اهو اسڪول ڪچهري روڊ تي جتي هاڻي الشمس اسپتال سگا پاران آهي. اتي هو) هي اسڪول ۱۹۵۸ع ۾ منهنجي والد صاحب قائم ڪيو هو. پني عاقل ۾ پهريون خانگي اسڪول. نصابي سرگرمين سان گڏ غير نصابي سرگرميون به ٿينديون هيون. انهيءَ زماني ۾ ”مهراڻ“ اخبار ۾ ٻارن جي صفحي ”ٻارن جي ڦلواڙي ۾ مواد موڪليندو هوس، جيڪو ڇپجندو رهندو هو. اخبار جو ايڊيٽر هو سيد سردار علي شاه ”ذاڪر. ان زماني ۾ اسان ننڍن ننڍن ٻارن لاءِ، اخبار جي ايڊيٽر سان ملڻ وڏي خوشنصيبي هئي.

عبدالڪريم سومرو

عبدالڪريم سومرو

منهنجو سائين

اعظم ڀٽي



منهنجو هڪ استاد چوندو آهي ته؛ ”فقط تدريسي علم حاصل ڪري، اوهان سماج ۾ سُٺا ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل ۽ پروفيشنل ماڻهو ته ٿي سگهو ٿا پر اهو ضرور ناهي ته تدريسي علم اوهان کي سُٺو انسان به بڻائي! سُٺو انسان ٿيڻ لاءِ اوهان کي پنهنجي ٻولي جي ادب ۽ ثقافت سان چاهه جو جُزو پيدا ڪرڻو پوندو، ٻوليءَ سان محبت، ان جي تاريخ، ادب ۽ ثقافت جي پروڙ ئي اوهان کي بهترين انسان بڻجڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.“

10 September, 2020

منصور ميراڻي

منصور ميراڻي

مٽيءَ جي مهڪ جهڙو شاعر ۽ اديب

زين سولنگي



ڪافي سال اڳ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ پڙهڻ دوران سچل چيئر جي بلڊنگ جي سامهون خوبصورت باغيچي ۾ هڪ ڪلاس-ميٽ سان خيرپور جي شاعرن، ليکڪن ۽ صحافين متعلق ڪچهري ڪري رهيو هئس ته ان ٻڌايو؛ ”خيرپور، اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ صحافين سان ڀري پئي آهي.“ ڳالهه شروع ٿي حضرت سچل سرمست کان، نانڪ يوسف، سخي ابو محمد صالح شاه جيلاني، مير علي نواز ناز، عطا محمد حامي، تنوير عباسي، تاجل بيوس، منير سولنگي، پروفيسر خادم سنڌي کان ٿيندي وڃي منصور ميراڻيءَ تي پهتي. حقيقت اها آهي ته مون کي ان ڪچهريءَ کان اڳ، محترم منصور ميراڻي جي اها ڄاڻ نه هئي ته هو به خيرپور جو آهي. جڏهن ته مون ان کان اڳ، نامياري فنڪار سرمد سنڌيءَ جي نهايت ئي پرڪشش خوبصورت آواز ۾ منصور ميراڻيءَ جو اهو شاندار گيت:

09 September, 2020

منظور مگسي

منظور مگسي

آشائن جا ديپ جلائي، سپنا سوچيندڙ شاعر - ستين سالوار سار جي موقعي تي

مٺل جسڪاڻي



يار! يار ڪو وسرندا به آهن ڇا؟ نه. يار نه وسرندا آهن. اها ٻيءَ ڳالهه آهي، ته زمانيگيري ۾ ڪڏهن يارگيري، ته ڪڏهن وري يارگردي به ٿي ويندي آهي!

منظور مگسي، پي ٽي وي تي جيڪا شهرت ۽ سڃاڻپ ماڻي، ان کان اڳ هو اسان جو دوست هو. اسان جي سنگت کان پهرين ڇا هو، اها خبر نه آهي، پر جيستائين اسان هڪ ٻئي جي سنگت ۾ هئاسين، منظور مگسي گهڻن دوستن ۾ رابطي جو ذريعو به هو.

حميره نور

حميره نور

همت ۽ حوصلي سان اڳتي وڌندڙ شاعره ۽ اديبه

علي محمد درد سولنگي



حميره نور، جنهن پنهنجي لکڻ جي شروعات، حميره شمس شيخ جي نالي سان ۲۷ مئي ۱۹۹۱ع ۾ ڪئي، سندس باقاعده ڪو به استاد نه آهي، نه ئي هن ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ جي شروعات ڪئي. هي سڀ قدرتي ۽ %۱۰۰ سؤ سيڪڙو حادثاتي واقعو هيو. شاعري ڪرڻ کان اڳ هن کي/حميره کي شاعريءَ کان سخت چڙ هئي. جڏهن سيپٽمبر ۱۹۹۱ع ۾ روزاني ”پڪار“ ڪراڇيءَ ۾ حميره جي پهرين تخليق ڇپي ته سندس رشتيدارن ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن جا رويا ۽ رايا انتهائي خراب هيا. ڪن ته ايترو به چيو ته؛ ”حميره عشق ۾ ناڪام ٿي آهي. تڏهن شاعري شروع ڪئي اٿس/تڏهن شاعري پئي ڪري.“ ايتري تائين جو سندس والد به سندس شاعريءَ واري عمل جي پهريان مخالفت ڪئي. ليڪن حميره لکڻ جو عمل جاري رکيو ۽ آخرڪار سندس والد به سندس همت افزائي ڪرڻ شروع ڪئي، حميره شاعريءَ سان گڏ ڪھاڻيون ۽ ڪالم به لکيا آهن.

ناصر مراد قريشي

ناصر مراد قريشي



ناصر مراد ولد مراد علي نور قريشي، ۲۸ فيبروري ۱۹۶۷ تي جيڪب آباد جي مذهبي گھراڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد مراد علي نور صاحب، ملڪ جو ناليوارو شاعر ۽ اديب ھو.

ناصر مراد پرائمري تعليم، گورنمينٽ پرائمري اسڪول پوليس ھيڊڪوارٽر مان، ۱۹۷۷ ۾ جڏهن ته ميٽرڪ ۱۹۸۲ ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جيڪب آباد مان ڪئي. جنهن دوران سندس رھنمائي استاد وزير احمد سرڪي ۽ استاد نثار احمد سومرو (جيڪي بعد ۾ ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيا) جن ڪئي. ان علاوه انٽرميڊيئيٽ ۱۹۸۴ ۽ بي ايس سي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مان ۱۹۸۷ ۾ ڪئي. جتي وري کيس پروفيسر لياقت علي پٺاڻ، پروفيسر غلام نبي سڌايو ۽ پروفيسر يونس قريشي جي شفقت ۽ رھنمائي رھيس. ماسٽر ڊگري ڪئمسٽري جھڙي ڏکئي سبجيڪٽ ۾ ۱۹۹۱ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ شاھ لطيف يونيورسٽي مان پاس ڪري ٿرڊ پرزيشن حاصل ڪئي.