محمد اعظم جروار
هم فقيرون سي دوستي ڪرلو
خالد حسين چنا
شيون هڪ جهڙيون ٿئي
سگهن ٿيون يا انهن جو نعم البدل ٿي سگهي ٿو. پر انسان جهڙو هوبهو ٻيو انسان نه ٿو
ٿئي سگهي. شڪل، صورت يا سيرت ۾ هڪ انسان ٻئي انسان کان مختلف هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته
هڪ انسان جي شخصيت جا ڪيترا ئي رخ پاسا ٿين ٿا. هڪڙا ظاهري پاسا ته ٻيا لڪيل جيڪي
مشڪل سان ڪنهن کي خبر هجن. اهو ئي سبب آهي جو ڪنهن ماڻهو جي باري ۾ لکڻ کي حتمي يا
مڪمل چئي نه ٿو سگهجي. هڪڙن ماڻهن جي شخصيت ايتري ته سحرانگيز يا وشال ۽ وصعت واري
هوندي آهي جو صرف ان ماڻهو جي هڪ رخ تي به حقيقت ۾ انصاف سان لکي نه سگهبو آهي. هر
ماڻهو پنهنجي ذات ۾ گلشن آهي. شهدادڪوٽ ۾ محمد اعظم جروار انهن ڪيترن ئي اهڙن
ماڻهن منجهان هڪ آهي جيڪي ماضي جي يادن ۾ پراڻن ناياب ڪتابن تي دز جيان اسان کي
صاف ڪرڻ لاءِ واجهائي رهيا آهن ته جيئن ايندڙ نسل، انهن مان ڪو لاڀ حاصل ڪري سگهي.
اسان جي تر جي هن موکي تي وڌيڪ ان دور جا متارا ئي روشني وجهي سگهن ٿا. يا وري اهي
ماڻهو جن تي ڪنهن حڪمران، مير، پير ۽
وڏيري جو حڪم نه هلندو هو پر فقير محمد اعظم جروار جي پرشوق دلاسن تي پري پري کان
اچي هن وٽ حاضر ٿيندا هئا. هن سان گڏ سياسي سفر ڪندڙ دوست تي ٻڌائي سگهندا ته هن
جو سنڌ يا سيد سان ڪيترو عشق هو ۽ هن جي زندگي جو رومانوي داستان ته هن جا همراز
ئي ٻڌائي سگهندا ته هن ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽڻ ۽ ڪاري چڳ تي رات کٽڻ وارو پنڌ ڪيو يا
نه. هن جا يار ئي ٻڌائي سگھن ٿا ته ياري نڀائڻ ۾ اعظم جروار ڪيئن هو. هاسو سوڍي
جيئن هو جيڪو پنهنجي شادي جا ڦيرا وچ ۾ ڇڏي پنهنجي يار دودي سان گڏجي علاؤالدين
خِلجي سان مقابلي لاءِ شامل ٿيو. هن مضمون ۾ اعظم جروار صاحب جي زندگي جو مختصر
خاڪو ۽ سماجي طور تي ڪجهه ڪارگذاريون بيان ڪجن ٿيون.
