; سنڌي شخصيتون: استاد محمد حسن پٺاڻ، خالد حسين چنا، شهدادڪوٽ، سگا،
Showing posts with label استاد محمد حسن پٺاڻ، خالد حسين چنا، شهدادڪوٽ، سگا،. Show all posts
Showing posts with label استاد محمد حسن پٺاڻ، خالد حسين چنا، شهدادڪوٽ، سگا،. Show all posts

12 September, 2020

استاد محمد حسن پٺاڻ

استاد محمد حسن پٺاڻ

خالد حسين چنا


شهدادڪوٽ شهر جي بنيادي رهاڪو ماڻهن مان ڪنهن به بزرگ کان اوهان پڇندا ته اوهان کي مست گوشو اگهاڙو فقير، علو کدڙو، چيٽوءَ جا سموسا، سانوڻ جا پڪوڙا، ديوان گلاب جا ڀڳڙا، ڪاڪي موج جا دال جا پن، رسُولي ۽ نانگي جي مِٺائي، ٽِئُون جي ڏهي، ڏيڏر فقير جا چرچا وغيره جا ذڪر تعريف سان ڪندا. اهڙي ئي نموني ڪيترا ئي هنرمند ماڻهو به هن تر جا مشهور هئا جن لاءِ ماڻهو پري پري کان اچي انهن کان شيون وٺندا يا ٺهرائيندا هئا. انهن محنتي جفاڪش هڏڏوکي هنرمند ماڻهن منجهان شهدادڪوٽ شهر جي پراڻي اناج منڊي تي لوهارڪا دوڪان محمد پناه، علي حسن، گل حسن پٺاڻ ۽ محمد حسن پٺاڻ جن جا مشهور هوندا هئا. جن جا ڏاٽا ۽ ڪهاڙيون تمام گهڻيون مشهور هيون. جڏهن به لاباري جي موسم ايندي هئي ته پري پري کان ماڻهو استاد محمد حسن پٺاڻ جي دڪان تان ڏاٽا ۽ ڪهاڙيون وٺڻ ايندا هئا.