; سنڌي شخصيتون: استاد غلام مصطفيٰ وڌو، خالد حسين چنا، سگا، شھدادڪوٽ،
Showing posts with label استاد غلام مصطفيٰ وڌو، خالد حسين چنا، سگا، شھدادڪوٽ،. Show all posts
Showing posts with label استاد غلام مصطفيٰ وڌو، خالد حسين چنا، سگا، شھدادڪوٽ،. Show all posts

12 September, 2020

استاد غلام مصطفيٰ وڌو

استاد غلام مصطفيٰ وڌو

خالد حسين چنا



سوچيان ٿو ٻين شهرن جيان شهدادڪوٽ شهر ۾به هزارين لکين ماڻهو پيدا ٿيا هوندا ۽ فوت ٿيا هوندا پر انهن مان ڪي ٿورڙا هوندا جن کي ياد ڪري سندن گڻ ڳائي سگهجن ٿا. حقيقت ۾ ڪنهن به ماڻهو جي باري ۾ سوچڻ ان ماڻهو جو جياپو آهي. يوناني مفڪر پارمي نائيديس الياطي چيو آهي ته جنهن تي فڪر نه ٿو ڪري سگهجي، سمجهو اهو موجود ناهي. ايوب کوسو جي ڪتاب مري جي ڏٺو سين ۾ لکيل آهي ته آئون آهيان ۽ نه آهيان جي وچ ۾ آهيان. هڪڙا ماڻهو دنيا ۾ آهن، پر انهن جو هجڻ به ائين آهي ڄڻ اهي آهن ئي ڪو نه. اهي پيٽ پالڻ لاءِ ڪمائين ٿا، کائين ٿا ۽ مري وڃن ٿا. بس انهن جي ايتري ئي ڪهاڻي آهي. ٻيا اُهي انسان آهن جيڪي ٻين لاءِ، قومن لاءِ، عظيم نظرين لاءِ جيئن ٿا. ايجادون ڪن ٿا. شعور ڏين ٿا. پنهنجي ذات لاءِ ذرو به مٿو نه ٿا کپائين. اهي ماڻهو ڪڏهن به مرڻا ناهن. انهن جو ڪردار زنده رهندڙ حقيقت آهن. سنڌ سونهاري ۾ اهڙا  ڪردار اسان جي مجموئي سونهن ۽ حقيقي اتهاس آهن.