شاهده کوکر
هڪ سگهاري شاعره
نصير احمد فقير چنا
اسان
جي سنڌ سونهاري جيئن ذخيرن سان مالا مال آهي، تيئن سخنورن سان پڻ ٽمٽار آهي. اهي
شاعر جن شاعري ذريعي امن، سلامتي، محبت ۽ ڀلائي جو پيغام هر هڪ تائين پهچايو انهن
صوفين، شاعرن جي سنڌ صدين کان آباد آهي ۽ آباد رهندي. هتي هر ڪنهن شاعر شاعري ۾
پنهنجو پاڻ ملهايو آهي، يعني مردن سان گڏ عورتن به پنهنجي واري وهائي آهي. اها ڳالهه
هڪ پاسي ڏاڍي ڏکي به آهي ڇو ته اسان جي معاشري ۾ صنفي تضاد به آهن جنهن سبب عورت
کي آزادي نه آهي. پر پوءِ به ڪن عورتن پنهنجي معاشري جو ڀرم به رکيو ۽ آزاد خيالي
شاعري به ڪئي. پنهنجي قلم ذريعي زماني جي وارتائن کي قلمبند ڪيو، پنهنجي ڏات ۽ ڏانون
وسيلي ان اندر جي اُٻَ کي شاعري جو روپ ڏيئي مظلومن/عورتن جي هر ايذاءَ، نقصان ۽
وارتائن کي پنهنجي لفظن ۾ پيش ڪيو، پوءِ انهن مان ڪن کي ڪن لاءِ بيشمار ڏکيائيون
پيش ته آيون پر پوءِ به ڪاميابي ضرور ملي! پر ڪن جي آواز کي ايترو ته دٻايو ويو هو
جو اڄ تائين اهي وري ساڳي پوزيشن ۾ نه آهن اچي سگهيون.










