; سنڌي شخصيتون

22 September, 2013

عبدالوحيد ڪٽپر

عبدالوحيد ڪٽپر
مڊل ڪلاسي سياستدان
ڊاڪٽر ايوب شيخ
جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو پرڏيهي وزير هيو ته لاڙڪاڻي ۾ مٿس ۽ سندس فيمليءَ جي خلاف هلندڙ سول ڪيسن ۾ جنهن وڪيل سندس غيرحاضريءَ ۾ سندس سڀ کان وڏي مدد ڪئي هئي تنهن وڪيل جو نالو کيس لاڙڪاڻي ۾ اچڻ کانپوءِ تڏهن معلوم ٿيو هيو جڏهن ڀٽي صاحب کي ٻڌايو ويو ته ان جو نالو عبدالوحيد ڪٽپر آهي. اهو سفر ڪورٽ کان شروع ٿيو ۽ سياست ۾ کيس وڏو مقام ملي ويو. ان کان اڳ عبدالوحيد ڪٽپر ادبي محفلن ۾ ويهي شاعري پڻ ڪندو هيو. سندس هڪ شاعر سنڌي ڳائڻي مرحوم سليمان شاهه پڻ ڳايو هيو، جيڪو ريڊيو پاڪستان تي تمام گهڻو مشهور ٿيو هيو:

خان صاحب خير محمد خان - ناصر قاضي

خان صاحب خير محمد خان
سريلو گائيڪ ۽ موسيقار
ناصر قاضي
اسان کي فخر آهي ته اسين سنڌي خوش نصيب قوم جا فرد آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان جي تهذيب ۽ ثقافت تمام گھڻي شاهوڪار رهي آهي، ان سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب ۾ سنڌي موسيقيءَ جو به هڪ عليحده ۽ هاڪارو مقام رهيو آهي. ننڍي کنڊ جي موسيقيءَ جي تاريخ تمام آڳاٽي آهي، پر اها هڪ اٽل حقيقت آهي ته سنڌي موسيقارن، ڪلاڪارن، سازندن ۽ موسيقيءَ سان واسطيدار سنڌي گھراڻن جي ذڪر کانسواءِ پوري برِصغير جي موسيقيءَ جي تاريخ اڻپوري ۽ اڌوري رهجي ويندي.

پروفيسر عزيز پلي

پروفيسر عزيز پلي

تعارف



سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي جو استاد ۽ ناميارو ليکڪ، پروفيسر عزيز پلي، ۲ مارچ ۱۹۶۰ع تي ڳوٺ منعم پلي، ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪيائين. هي جڏهن اڃا ڇهين درجي ۾ پڙهندو هو ته کيس ادب مان دلچسپي پيدا ٿي ۽ ٻارن جي رسالن ۾ لکڻ شروع ڪيائين. هن ۱۹۸۵ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب مان ايم اي ڪئي ۽ ترت ئي سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. هي نه رڳو هڪ سٺو استاد هو، پر گڏوگڏ ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب، خاص ڪري انگريزي ادب جو وسيع مطالعو رکندو هو. سندس پسند جي صنف ’ناول‘ هئي. کيس شاهه لطيف سان عشق هو. هن شاهه لطيف ۽ شيڪسپيئر تي تمام گهڻو مطالعو ڪيو ۽ ٻنهي جي تقابلي مطالعي بابت ڪلاس ۾ اڪثر ليڪچر ڏيندو هو.

ذوالفقار راشدي - امام راشدي

ذوالفقار راشدي
خوابن جو شاعر
امام راشدي
جرڪڻيون، اوچلڪڻيون، اومرڪڻيون!
مون اوهان لئه دل جو در کولي ڇڏيو.
يا ته جرڪايوم جيءَ جي درسني،
يا ته ڪاريءَ رات ۾ رولي ڇڏيو.
يا وري سندس هي ٻيو شعر آهي ته؛
نگاه يار جي سامهون نگاهه ته کڻ،
اڙي او سائين، اهو هڪ گناهه ته کڻ،
اسين به آهيون ازل کان ٻه ڀٽيڪل روح،
گهڙي ته ويهه هتي، ساٿي ساهه ته کڻ.
ذوالفقار راشدي سنڌي ٻوليءَ جو سٻاجهو شاعر هو. سندس شمار سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سندس فن ۽ فڪر وسيع هو. پاڻ اسان وٽ هاڻي موجود ته ڪونهي، پر سندس شاعري، ڪهاڻيون ۽ مضمون هن جي امر موجودگيءَ جو اطلاع ڏئي رهيون آهن.

سيد علي بخش شاهه - وحيد رزاق مستوئي

سيد علي بخش شاهه
ساهتي پرڳڻي کي علم جي روشني ڏيندڙ
وحيد رزاق مستوئي
موروشهر علمي ادبي سياسي ۽ سماجي حوالي سان پوريءَ سنڌ ۾ پنهنجي نمايا حيثيت رکي ٿو. ساهتي پرڳڻي جي هن تاريخي شهر ۾ قاضي عبدالخالق ”خليق مورائي“ کان وٺي ناصر مورائي ۽ راشد مورائي تائين جن به خدمتون ڪيون آهن اهي تاريخ جي ورقن ۾ هميشھ ياد آهن ياد رهنديون. چوندا آهن ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي جو دارومدار تعليم تي هوندو آهي يعني جنهن ملڪ جي تعليم بهتر هوندي آهي ان ملڪ جو عوام خوشحال زندگي گذاريندو آهي ۽ جنهن ملڪ جي تعليم بهتر نه هوندي آهي ته ان ملڪ جو عوام بدحال زندگي گذاريندو آهي. هن ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي موجوده دور تائين چند سالن کي ڇڏي ڪري باقي تعليم مطمئن جوڳي نه رهي آهي ان هوندي ڪجھ اهڙا استاد ٿي گذريا آهن جن تعليم جي اهڙي حالت هوندي به پنهنجو بهترين ڪردار ادا ڪري تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. سائين علي بخش شاھ جو نالو پڻ اهڙن عظيم انسانن ۾ شمار ٿئي ٿو. پاڻ موري شهر ۾ ۵ اپريل ۱۹۳۸ع تي جنم ورتائين سندس پوري زندگي علم، ادب ۽ سماجي ڪمن ۾ گذري. مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو جي ٺهرائڻ ۾ پڻ هن عظيم استاد جو اهم رول رهيو آهي. پاڻ ناصر مورائي ۽ ٻين سماجي ماڻهن سان گڏجي سڄي شهر مان چندو ڪري مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو جو بنياد رکرايو جنهن مان هزارن جي تعداد ۾ شاگردن علم پرائي پنهنجو مقصد حاصل ڪيو آهي ۽ پوري سنڌ جي ادارن ۾ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏئي پنهنجي شهر موري جو مان مٿانهون ڪيو آهي.

حاجي غلام حيدر نظاماڻي - اعجاز علي خواجا

حاجي غلام حيدر نظاماڻي
ماتليءَ وارو
اعجاز علي خواجا
چون ٿا ته زندگي زندهه دليءَ جو ٻيو نالو آهي. ڪو به انسان پنهنجن عقيدن، اصولن ۽ نظرين جي لحاظ کان ڪيترو به سخت ۽ ٺوس هجي پر جيڪڏهن سندس فطرت ۽ طبعيت ۾ خوش اخلاقي، خوش مزاجي ۽ سهپ به شامل هوندي آهي ته اهو ماڻهو زندگيءَ جي ڌارا ۾ بنهه بيمثال ۽ وڻندڙ هوندو آهي.
حاجي غلام حيدر نظاماڻي جنهن زماني ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر هو انهيءَ دور کان ساڻس نياز متديءَ واري هٿ جوڙ ۽ سلام دعا وارو تعلق آهي.

مرزا گل حسن بيگ ”احسن“ ڪربلائي - طارق عزيز شيخ

مرزا گل حسن بيگ ”احسن“ ڪربلائي
شاعر، عالم ۽ اسڪرپٽ ايڊيٽر
طارق عزيز شيخ
مرزا گل حسن بيگ ”احسن“ ڪربلائي انگريزن جي دور جو ناميارو شاعر هو. هن جو جنم سنڌ جي علمي ادبي مرزا گهراڻي ۾ ٿيو جيڪو صدين کان وٺي سنڌي ادب جي خدمت ڪري رهيو آهي. مير عبدالحسين سانگي، محمد بخش واصف، محمد صديق مسافر، محمد هاشم مخلص، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، شمس الدين ”بلبل“، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، محمد صديق ميمڻ، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو ۽ مولانا دين محمد وفائي جهڙا ادب جا ستارا هن جا همعصر هئا.

مصري فقير - وزير فرهاد سولنگي

مصري فقير
شاعر، موسيقار ۽ راڳي
وزير فرهاد سولنگي
مصري فقير جنهن زماني ۾ ڳائڻ شروع ڪيو هو تڏهن ريڊيو ۽ ٽيليوزن نه هئا، جنهن ڪري فنڪارن کي مقبوليت حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳندو هيو، هو محفلن ۽ ڪچهرين ذريعي مشهوري ماڻيندا هئا. مصري فقير به محنت ڪري ان اڻانگي شهرت جي وسيلي پاڻ مڃايو. مصري فقير ۱۹۲۹ع ڌاري فقير الله ڏني مڱڻهار جي گهر ۾ ڄائو. سندس ڳوٺ لقاءِپور لڳ ڪنب ليما تعلقو سڪرنڊ ضلعو نواب شاھ هيو بعد ۾ هي لڏي ۱۹۵۹ع ڌاري اچي سرهاري تعلقه شهدادپور ضلعو سانگهڙ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. هي ننڍپڻ کان ئي اسڪول ۾ ترانو، نغما ۽ نعتون وغيره شوق سان پڙهندو هو. سندس سٺي آواز جي بدولت ان وقت جا استاد کيس راڳ سکڻ جي صلاح ڏنائون جنهن جي نتيجي ۾ هو قاضي احمد ۾ پياري فقير ميراثيءَ وٽ راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي جتي هيءَ چئن سالن تائين راڳ جي تربيت ورتائين جنهن ۾ هن ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل راڳ سکي ورتو پاڻ هارمونيم، ڍولڪ، يڪتارو وڄائيندو هو، سندس پسنديده راڳ ڀيروي هيو. هي مختلف محفل سماع ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو ان کان پوءِ هن هالا ڏانهن رخ ڪيو جتي سندس صحبت مخدوم طالب المولا سان ٿي ۽ مخدوم صاحب وٽ محفلون ڳائڻ شروع ڪيون. هي ۱۹۵۱ع جو دور هيو جڏهن پاڻ مخدوم صاحب وٽ محفل (ڏهر سماع) ۾ باقاعده شرڪت ڪرڻ لڳو جنهن ۾ ملڪ جا ناميارا راڳي شرڪت ڪندا هئا جنهن استاد منظور علي خان، فقير امير بخش، امام علي فقير، حسين بخش خادم، عيسيٰ فقير ۽ قاسم علي شاھ سان گڏ سان مصري فقير به محفل مچائيندو هيو. انهن محفلن ۾ مخدوم صاحب وڏي دلچسپيءَ سان فقير صاحب جي وڏي همت افزائي ڪئي. مصري فقير اهو پهريو فنڪار آهي جنهن مخدوم صاحب کي سڀ کان اڳ ۾ ڳائڻ شروع ڪيو، مخدوم صاحب جي ڪلام جون ڌنون مصري فقير پاڻ ڪمپوز ڪري ڳائيندو هيو ۽ پوءِ ٻيا فنڪار سندس ڪمپوز ڪيل ڌنون ڳائيندا هئا. اهڙي طرح ماڻهو کيس طالب المولا جي ڳائڻي طور سڃاڻڻ لڳا. مصري فقير جي مٺڙي آواز سبب کيس (خوش الحان) مٺڙي آواز وارو ڪري سڏيندا هئا مصري فقير سٺو موسيقار، سٺو راڳي سان گڏوگڏ پنهنجي دور جو ڀلو شاعر پڻ هو. مخدوم صاحب جي صحبت کيس شاعريءَ ڏانهن به سٺي رهنمائي حاصل ٿي. هن شاعريءَ ۾ پهريان (قربان علي قربان)، (درد تخلص استعمال ڪيو بعد ۾ مخدوم صاحب هن جو تخلص مخمول رکيو پاڻ شاعريءَ ۾ مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي جنهن ۾ حمد، نعت، مرثيو، ڪافي، غزل، گيت ۽ بيت وغيره اچي وڃن ٿا. سندس ڪلام ۽ زنگيءَ بابت ڪتاب سندس ڀاءُ محمد رمضان (مسڪين سروري) ترتيب ڏنو آهي. مصري فقير هڪ بهترين فنڪار سان گڏ سٺو سماجي ورڪر پڻ هيو، پاڻ هر وقت پنهنجي ڳوٺ جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو هيو، هن غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪندي زندگي گذاري. ان سلسلي ۾ هن پنهنجي ڳوٺ ۾ نياڻين لاءِ هڪ اسڪول کوليو ۽ ڇوڪرن لاءِ پڻ اسڪول کولرايو. جيڪي سندس جي نالي تي فقير آباد سرهاريءِ ۾ اڄ به قائم آهن سندس مشهور ڪلام ننڍي کنڊ جي ناليوارن ڳائڻن جن ۾ رونا ليلا ، عابديه پروين ۽ حسين بخش خادم ڳايا. جن ۾ ”تو دلڙي يار ڌتاري پوءِ ڪانه ڪيئي پوئواري“، ”سهڻل جا سينگار واھ واھ مونکي وڻن ٿا“، ”تون ڇا هئين ڇا مان ڇا ٿي وئين“ هي اهي گيت هئا جن کي سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻو ٻڌو ويو.

حڪيمان عرف فوزيه سومرو


فوزيه سومرو
سنڌي راڳ جي مشهور گلوڪاره
سليمان وساڻ
”حال منهنجا ڪير پڇندو، ڪير آ منهنجو هتي.“
جهڙا ڪيئي لازوال ڪلام ڳائي، مشهوري ماڻيندڙ سنڌ جي ڀلوڙ گلوڪاره محترمه فوزيه سومرو جي اڄ ڏهين ورسي آهي. سندس جنم ۱۹۶۶ع ۾ ٿر جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ويراواهه ۾ نٿو خان سومرو جي گهر ۾ ٿيو، جيڪو حمد ۽ نعت ڳائيندو هو. سندس ننڍپڻ ۽ جواني، ٽنڊو محمد خان ۾ گذريا. فوزيه سومرو کي گهروارن پاران، ڳائڻ جي اجازت ڪا نه ملندي هئي ۽ پرديدار هجڻ جي باوجود، فن ۽ ڳائڻ جو شوق کيس ريڊيو تي وٺي آيو. پهرين آڊيشن ۾ ئي هوءَ ناپاس ٿي پئي. جڏھن ته همت نه هاريائين ۽ نصير مرزا کيس ريڊيو تي متعارف ڪرايو. سندس ڳايل پهريون ڪلام؛

03 September, 2013

دريا خان هيسباڻي - اطهر هيسباڻي

دريا خان هيسباڻي
سنڌ جو مهان مهمان نواز ۽ صوفي فقير
اطهر هيسباڻي
مادر وطن سنڌ پنهنجي ڪُک مان ڪيئي املهه ماڻڪ موتي پيدا ڪيا آهن، جن ۾ سياستدان، دانشور، مفڪر، عالم دين، شاعر، فنڪار، صحافي، واپاري، مزدور، هاري، ڪمي ڪاسبي وغيره شامل آهن. هڪ خاص ڳالهه، جنهن کان ڪو به انڪاري نه ٿيندو، اها آهي سنڌ ڌرتيءَ جي مهمان نوازي. هن ڌرتيءَ تي علم، عقل، ادب، فن سڀني کان مهمان نوازي گوءِ کڻي وئي، ڇو ته اسين هر ميڙاڪي ۾ پنهنجي مهمان نوازي جي شان کي اُتاهون ڪري پيش ڪندا آهيون. هيءَ ڌرتي پيار جي وستي آهي، هتان جا ماڻهو هر دلعزيز، مهمان نواز، امن ۽ آشتيءَ جا ديوانا ۽ پريت جا پروانا آهن. هو هر آيل جي مهمان نوازي دل کولي ڪندا آهن ۽ آيل مهمان تان ٻلهار پيا ٿيندا آهن ۽ رب پاڪ جا احسان ۽ ڳڻ ڳائيندا آهن، جڏهن ته پوري دنيا ۾ ائين ناهي. سو مهمان نوازي جي ڳالهه پي ڪئي سين ته هن ڌرتيءَ تي ڪيتريون ئي وڏيون وڏيون ڪشاديون اوطاقون قائم ۽ دائم آهن.

02 September, 2013

اُستاد مُحمد يُوسفُ

اُستاد مُحمد يُوسفُ

(جنم ۱۴ جنوري ۱۹۴۰ع وفات ۱۴ فبروري ۱۹۹۷ع)

سنڌي راڳ جو راڻُو، سنڌ جو مهدي حسن

عبدالرزاق ميمڻ



ٿڌڙين هَوائُن جي هيرن واري شهر حيدرآباد ۾، ٽنڊي طيب ويجھو رهندڙ سنڌي راڳ جو راڻو، اُستاد مُحمد يُوسُف، ۱۴ جنوري ۱۹۴۰ع ۾، ٽئين نمبر تلاءَ جي دين علي شاه پاڙي ۾ ڄائو هو. پاڻ ذات جو مڱڻهار ۽ لونگ فقير جو فرزند هو. لونگ فقير چوٽيءَ جي ڍولڪ نوازن (دُهلاري) ۾ ڳڻيو ويندو آهي. ھو ڳائيندو به هو ته وڄائيندو به هو. لونگ فقير هڪ سازندي جي حيثيت ۾، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو مُلازم هو. هُن تمام وڏن وڏن گَوين سان دُهل وڄائيو. ان ڳائڻ وڄائڻ واري ماحول، مُحمد يوسف کي پنهنجي ابي ڏاڏي جي ڪِرت جاري رکڻ تي هيريو. دين علي شاه پاڙي ۾ مُحمد يوسف جي چاچي زنوار بسنت وسند جي نالي سان مڱڻهارن جو هڪ الڳ ننڍڙو پاڙو آهي جيڪو سنڌ جي وڏن شرنائي وڄتن ۾ ليکيو وڃي ٿو. محمد يوسف ٻه شاديون ڪيون، پهرين سن ۱۹۶۴ع ۾ پنهنجي چاچي زنوار بسنت فقير جي ڌيءَ سان، جنهن مان کيس ٻه نياڻيون ڄايون ۽ ٻي شادي سن ۱۹۷۴ع ۾ سنڌ جي اڳوڻي گھرو سيڪريٽري يوسف لوڌيءَ جي ڌيءَ سان.

01 September, 2013

رخسانه پريت چنڙ

رخسانه پريت چنڙ

درد جي پنهنجي دل ڪشي آهي

بخشل باغي



مون کي ياد ٿو اچي ته اهو سال ۸۹ يا ۹۰ جو هو جڏهن نواب شاھ ۾ پُراڻي ناڪي جي ڀر سان موجود ميدان تي جيئي سنڌ جو جلسو ٿي رھيو ھو. جنهن ۾ ھڪ ننڍڙي ڪارڪن جي حيثيت سان مان به شريڪ ٿيو ھُئس. جيئي سنڌ جي ان ڇوليون هڻندڙ جلسي ۾ هڪ عجيب و غريب اُتساھ جو ڀرپور احساس، ڪُهاڙي وارن ڳاڙھن جھنڊن جي ڳاڙھاڻ ۾ ڪڪورجي ريٽو ٿي پيو ھو. وڏي آواز سان هلندڙ سرمد سنڌي جي پُرجوش ۽ آفاقي آواز ۾ ڪُھاڙي وارا ڳاڙھا جھنڊا، روح ۾ کڻندڙانقلاب جي آرزو کي اڃا به پُختو بڻائي رهيا هئا. اُن روح کي جهنجهوڙيندڙ ماحول ۾ پروگرام هلندي هڪ خوبصورت ڇوڪري اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض سر انجام ڏيندي پنهنجي پُر اعتماد آواز ۾ منهنجو نالو وٺي مون کي اسٽيج تي شعر پڙهڻ لاءِ سڏيو. پوءِ مون ڏٺو ته هي منهنجي پاڙيسري، خوبصورت شاعره ۽ قومي تحريڪ جي متحرڪ ڪارڪن ڇوڪري رخسانه پريت آهي.

استاد خان محمد سمون - ناصر قاضي

استاد خان محمد سمون
شرناءِ جي زبان سان سر ونڊيندڙ
ناصر قاضي
شرناءِ سنڌ جو تمام پراڻو ساز آهي، جنهن لاءِ ڪجھه روايتن ۾ ملي ٿو ته محمد بن قاسم جڏهن سنڌ فتح ڪئي ته ماڻهن سندس استقبال دهل ۽ شرناءِ سان نچندي ڪيو هو. اهو واقعو اٺين صدي عيسوي جي شروعات جو آهي. ان کان اڳ شرناءِ جو وجود سنڌ ۾ نه هو، چون ٿا هيءُ هڪ ايراني ساز آهي. شرناءِ ٻٻر جي پراڻي ڪاٺ مان ٺاهجي ٿي ۽ ڪنگور جي پتي سان وڄائبي آهي. هن ۾ سڌا اٺ سوراخ مٿان ۽ نائون سوراخ هيٺ ٿئي، جنهن کي ٻاٻيهو چون. ٻاٻيهو پکي به سنڌ ۾ ٿئي. پراڻي زماني ۾ شرناءِ کي ڪرنائي به چوندا هئا.