قاضي نظير عرف ڪڪو بابا
سياسي ۽ سماجي ڪردار
يونس چانڊيو
سنڌ جيڪا صوفين جي سرزمين آهي، هن
ڌرتيءَ جي صوفين، تن پوري انسانيت جي عالم کي امن ۽ سلامتيءَ جو درس ڏنو آهي. سنڌ جي
مٽيءَ مان انيڪ لازوال ڪردارن جو جنم ٿيو آهي، جن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين
جي لاءِ جاکوڙ ڪندي زندگي گذاري ڇڏي. اهڙا ئي ڪردار اُملهه ڪردار هجن ٿا، جيڪي پنهنجي
ڌرتي ۽ قوم جي ترقي، ڀلائي ۽ خوشحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪندي تاريخ ۾ امر بڻجي وڃن ٿا.
اهڙن ئي اُملهه ڪردارن مان سنڌ جو قاضي خاندان به آهي، جنهن جون سياسي، سماجي ۽ صحافتي
خدمتون شاندار آهن. قاضي خاندان جيڪو اصل ۾ دادو ضلعي جي علائقي سيوهڻ سان تعلق رکي
ٿو. حڪمت جي دنيا ۾ به هن خاندان جو وڏو ناماچار رهيو آهي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جو
نانءُ اڄ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشهور آهي.