; سنڌي شخصيتون: ماسٽر چندر - ناصر قاضي

04 February, 2013

ماسٽر چندر - ناصر قاضي


ماسٽر چندر
ھند ۽ سنڌ جو مھان راڳي
ناصر قاضي
موجن ڀرئي مهراڻ جو پاڻي، سنڌ صوبي جي نوابشاهه ضلعي جي گهڻي ڀاڱي کي آباد ڪري ٿو. هن ڀاڱي جي زمين گهڻي قدر سنئين سڌي آهي ۽ هتان جي آبهوا پڻ صحت بخش ۽ وڻندڙ آهي. هن ضلعي جي اترئين حصي کي قديم زماني کان وٺي ”ساهتي پرڳڻو“ ڪري سڏيندا آهن، جنهن ۾ ضلعي نوشهري فيروز جا ڪنڊيارو ۽ مورو تعلقا اچي وڃن ٿا.
سنڌ جي مهان راڳيءَ ماسٽر چندر تعلق به هن ئي خطي جي هڪ تاريخي شهر ٺارو شاهه (اڳوڻي ضلعي نوابشاهه ۽ هاڻوڪي ضلعي نوشهري فيروز) سان هو. ماسٽر چندر جو گهر ٺارو شاهه ۾ ڦٽل نوَ لکي واهه تي ساڄي ڪپ تي هو، جيڪو ’ڏامواڻي حويلي‘ جي نالي سان اڄ به موجود آهي، جتي هن برک راڳيءَ جنم ورتو، سندس پتا جو نالو آسنداس ڏامواڻي هو، ٺارو شاهه جي قديم اسڪول رڪارڊ موجب سندس اصل نالو چندر مل ڏامواڻي، ولد آسنداس ڏامواڻي آهي ۽ سندس جنم جي تاريخ ۱۸ ڊسمبر ۱۹۰۹ع ٻڌائي وڃي ٿي،  پر نامياري ليکڪ ۽ سندس دل گھرئي دوست گوبند مالهيءَ سندس اصل نالو ’چاندو مل‘ ڄاڻايو آهي. اڳتي هلي هيءُ ’ماسٽر چندر‘ جي نالي سان ڄاتو سڃايو ويو، سندس اها سڃاڻپ اڄ سوڌو امر ٿي چڪي آهي.

ماسٽر چندر پنهنجي ماتا پتا جو اڪيلو اولاد هئڻ ڪري سندن دادلو پٽ هو. هن شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول ٺارو شاهه ۾ ئي ورتي ۽ مئٽرڪ لوڪلبورڊ هاءِ اسڪول ٺارو شاهه مان ڪئي، جيڪو هاڻي گورنمينٽ پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول سڏجي ٿو. هن پڙهائيءَ بعد پبلڪ ورڪس (انجنيئري) کاتي ۾ پنج سال نوابشاهه ۾ نوڪري ڪئي.
کيس راڳ سان ننڍپڻ کان ئي چاهه هو. شروع ۾ بانسري ۽ ’مائوٿ آرگن‘ (وات جو ساز) وڄائيندو هو. شروع ۾ هن ڪن ميراثين ۽ استادن کان راڳ جي سکيا ورتي. جنهن کانپوءِ هن راڳ جي ڪجھه سکيا جيوترام مٽائيءَ کان حاصل ڪئي، جيڪو سائين قطب شاهه جهانيان جي خاص مريدن مان هو. جڏهن ته روهڙيءَ جو هڪ بزرگ کيس خانصاحب امير خان وٽ وٺي ويو، جنهن کيس راڳ جي ڪافي سکيا ڏني. ماسٽر چندر کي راڳ واري فن ۾ همت افزائي سندس چاچي ڪئي، جيڪو هن لاءِ امرتسر مان هارمونيم وٺي آيو ۽ پوءِ هن سُر، سُرن جون شڪليون ۽ سرگم سکيا. آروهي، امروهي، ڪومل ۽ تيور جي ڄاڻ ورتي، ڏينهن رات هڪ ڪري هارمونيم سکيو ۽ هڪ عظيم ڪلاڪار بڻجي پيو.
ماسٽر چندر سنڌ جي صوفي بزرگن جي صحبت مان وڏو فيض پرايو، جن ۾ روشن علي شاهه جهانيان وارو، سائين هادي بخش شاهه، دادن شاهه، نصير فقير جلالاڻي، درازن جا صوفي فقير، قلندر شهباز جا گادي نشين، هالا، مانجهند، ڀٽ شاهه، وسڻ گهوٽ، پارو شاهه ۽ ٻين درگاهن جا صوفي فقير ۽ سنت شامل هئا. اهي فقير جڏهن يڪتارا کڻي نچندا هئا ته چندر به ساڻن شامل ٿي ويندو هو.
ماسٽر چندر لاءِ ڳالهه ڪندا آهن ته هو اڪثر رات جو ٺارو شاهه ۾ گوڌورام جي ٽڪاڻي ۾ ڳائيندو هو ۽ بنا ڪنهن لائوڊ اسپيڪر جي سندس آواز اڌ شهر ۾ ڦهلجي ويندو هو. ماسٽر چندر جو راڳ سان عشق هوندو هو، ايتريقدر جو هيءُ جڏهن نوابشاهه ۾ نوڪري ڪندو هو ته اتي شام جو ’چندر سنگيت ودياله‘ کوليائين. پوءِ ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ سانگي ويو ته اتي به راڳ ۽ سنگيت جو شوق جاري رکيائين ۽ رام باغ، گاڏي کاتي ۾ موسيقي سيکارڻ جو اسڪول قائم ڪيائين.
ماسٽر چندر عوامي محفلن ۾ راڳ ڳائڻ جي شروعات هندن جي ڀڳتن سان ڌرمي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ سان ڪئي. چندر گائيڪيءَ کي نوان انداز ڏنا، ڳائڻ جي فن ۾ انوکا ۽ البيلا نمونا ايجاد ڪيائين، کيس ڳائن ۾ اهڙو ته اثر هوندو هو جو ڳائڻ وقت محفلن کي مُنڊي ڇڏيندو هو. چندر جو آواز چِٽو ۽ سُريلو هو، جيڪو پري پري تائين ٻُڌڻ ۾ ايندو هو. سندس مٺڙي ۽ درديلي آواز کي هن وقت تائين تمام گھڻو پسند ڪيو وڃي ٿو.
ان دور ۾ محفلن سان گڏ گرامون ريڪارڊنگس ميڊيا جو اهو واحد ميڊيم هوندو هو، جنهن جي ذريعي فنڪارن کي مشهوري ۽ ناماچاري حاصل ٿيندي هئي، جيتوڻيڪ ريڊيو به ان وقت ۾ عام جام هوندو هو، پر ريڊيو تائين رسائي به ڪن ڪن فنڪارن جي وس ۾ هوندي هئي. ماسٽر چندرکي گرامون فون ريڪارڊنگ ڪمپنيءَ جي هڪ مالڪ سيٺ لال چند متعارف ڪرايو، ان کان علاوه جيوڻي ٻائي کيس هندستان وٺي وئي، جتي هن ماسٽر چندرکي هندستان جي گرامون فون ڪمپنين ۾ به متعارف ڪرايو.
ماسٽر چندر کي حياتيءَ ۾ وڏي مڃتا ملي. رڪارڊ ڪمپنيءَ طرفان چندر جا وڌ ۾ وڌ گراموفون رڪارڊ ڀرائڻ جي پيش نظر، هن جي فن جي قدرداني ڪندي، سندس فن جي مڃتا طور کيس ڏهن تولن جو سونو ميڊل انعام طور ڏنو ويو. رڪارڊنگ ڪمپنين طرفان کيس ٻين ڪلاڪارن کان وڌيڪ معاوضو ڏنو ويندو هو. وقت جي راجائن ۽ نوابن وٽان به هن سرٽيفڪيٽ ۽ ميڊل حاصل ڪيا، کيس  ننڍي کنڊ جي عظيم گويي استاد بڙي غلام علي خان ’سنگيت آچاريه‘ جو لقب عطا ڪيو ۽ سرڪار وٽان به ڪيترا انعام حاصل ڪيائين،
۱۹۴۷ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ اڪثر هندو سنڌ ڇڏي ڀارت هلـيـا ويـا. چـنـدر کـي به مجبـوراً سـنڌ ڇـڏڻي پـئي. ڀارت ۾ پـهـريـن اجميـر، پوءِ بمـبـئيءَ ۽ ڪلڪتي ويو. آخر ۾ بمبئيءَ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين.
ڀارت لڏي وڃڻ کان پوءِ سنڌ جي اُڪير هڪ دفعو کيس واپس وطن جي زمين تي ڇِڪي آئي. ۱۹۵۵ع ۾ سنڌي عوام جي بيحد اسرار ۽ پاڪستاني سرڪار جي دعوت تي ماسٽر چندر سنڌ ۾ آيو ۽ مختلف جاين تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. ٽي مهينا سنڌ ۾ رهيو. ان دوران ’قطب شاهه جهانيان‘ جي ميلي ۾ به شريڪ ٿيو. پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٺارو شاهه به ويو، جتي گوڌورام جي ٽِڪاڻي ۾ اچي رهيو ۽ اتي ئي راڳ جون محفلون مچايائين. چون ٿا ته راڳ دوران ماڻهن کيس پئسا ڏيڻ شروع ڪيا ته چندر اُٿي بيٺو ۽ هٿ ٻَڌي حاضرين کي چيائين: ”سڄڻو! پئسا ته منهنجي پٺيان هلندا وتن، مان صرف اوهان سان ملڻ آيو آهيان، اوهان سان دِل جا حال اورڻ آيو آهيان.“
ماسٽر چندر پنهنجي هن دوري ۾ پنهنجي اصلوڪي ڳوٺ ٺارو شاهه ۾ قيام دوران هو پنهنجو گهر به گهمڻ ويو. نلڪي جو پاڻي پيتائين. پاڻيءَ جي دِلِي ڀري کنيائين ۽ بعد ۾ اهو پاڻي پاڻ سان هندستان کڻي ويو، ان کان سواءِ سنڌي سازن مان ٻه ٽي گهاگهريون ٺهرائي پاڻ سان گڏ بمبئي کڻي ويو.
۱۹۵۸ع ڌاري ورهاڱي بعد ڀارت جي پهرين سنڌي فلم ’اباڻا‘ تيار ڪئي وئي، جيڪا ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت، سنڌ مان اصلوڪن هندن جي لڏ پلاڻ واري دکدائڪ پس منظر جي عڪاسيءَ ۾ تيار ڪئي وئي، ماسٽر چندر ان فلم جا گانا ڳائڻ سان گڏوگڏ مک ڪردار طور اداڪاري پڻ ڪئي. هيءُ پنهنجي دور جو هڪ برجستو شاعر پڻ هو، سندس شاعري ۾ عروض جا سمورا لوازمات نمايان آهن، سندس شاعريءَ ۾ تجنيس حرفي به سگھاري درجي جي نظر اچي ٿي، نموني طور سندس هڪ غزل هيٺ ڏجي ٿو:
حسن سرڪار جي سامهون سوين آيا، ويا سٽجي.
هزارين هار کائي ويا، لکين لالڻ ويا لَٽجي
دناليون جيئن کنيون ديدن، نوين توبهه ڪئي توبن،
جھڪايا سر به سردارن، سپه سالار ويا سٽجي
مٺا مسڪين مڪرن ۾ ڏنگن زلفن جي چڪرن ۾،
وٽيل واران جي وڪڙن ۾ وڏا وريام ويا وٽجي.
انهن اڀرن اشارن سان، ڪمانين قهر وارين سان،
ڪهڻ وارن ڪٽارن سان، ڪيئي قابل ويا ڪٽجي.
’چندر‘ چشما کڻي بند ڪر فقط دل ۾ رکي تصور،
هتي توکان تکا عاشق فراقن ۾ ويا ڦٽجي.
ماسٽر چندر کي پنجن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن جو اولاد ٿيو. سندس وڏو پٽ ڪنيالال ۱۶ سالن جي عمر ۾ گذاري ويو. ٻيو پٽ مَنسُک ٽئين درجي ۾ پڙهندو هو ته گذاري ويو. سندس ٽيون پٽ گوپ چندر ڪاروبار ڪندو آهي ۽ ڳائيندو به آهي. سندس چوٿون پٽ هير چندر انڪم ٽيڪس جو وڏو وڪيل آهي، ساز وڄائي ڄاڻندو آهي، پر ڳائيندو نه آهي. چندر جو پنجون پٽ مهيش چندر، پيءُ وانگر وڏو فنڪار ۽ هندستان ۾ فلمن جو ناليوارو موسيقار آهي، سندس سنڌي ۽ هندي ڪلامن جا البم ۽ سي ڊيون جاري ٿيل آهن. چندر جا ٽئي پٽ پيءُ وانگر ملنسار ۽ خوش اخلاق آهن ۽ پيءُ جي ورثي جا وارث آهن.
ماسٽر چندر جي ڪلامن تي ڪجهه عرصو ۱۹۶۵ع جي جنگ کان پوءِ سنڌ ۾ ريڊيو، ٽي وي تي بندش هئي، پر اڄ اهي پابنديون ختم ٿي چڪيون آهن ۽ سرڪاري ميڊيا توڙي خانگي چئنلن تي سندس ڳايل ڪلام ڳائجي رهيا آهن. هڪ محتاط اندازي موجب چندر ۳۰۰۰ کان به مٿي ڪلام ڳايا ۽ انهن جون ڌُنون ٺاهيون.
سنڌ جو هي البيلو ڪلاڪار، ۲ نومبر ۱۹۸۴ع تي اٽڪل ۷۸ ورهين جي ڄمار ۾ ممبئيءَ ۾ ديهانت ڪري ويو. ماسٽر چندر جي زندگيءَ تي، ٺاروشاهه جي رهاڪو ۽ هن وقت احمد آباد ۾ رهندڙ، مشهور اديب، ارجن ڀمڀاڻيءَ، ۱۹۸۹ع ۾ هڪ ڪتاب ’سنگيت آچاريه ماسٽر چندر‘ ڇپائي پڌرو ڪيو. سندس زندگيءَ تي ٻيو ڪتاب به سندس ڳوٺائي، ڊاڪٽر غلام قادر سومري ’سنگيت آچاريه، ماسٽر چندر مهان ڪلاڪار‘ جي عنوان سان لکيو، جنهن کي سندس فرزند افتخار سومري، ۲۰۰۷ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
ماسٽر چندر جي شخصيت توڙي فن، اڄ به سنڌي موسيقيءَ ۾ هڪ اهم حيثيت جو حامل آهي. ايتري قدر جو سنڌ جو ناميارو ڪلاڪار ممتاز لاشاري ماسٽر چندر جي گائيڪيءَ کي ان حد تائين پسند ڪري ٿو جو پنهنجي هر البم ۾ چندر ڳايل ڪلام ضرور ڳائيندو آهي. جڏهن ته سنڌ جو هڪ ٻيو سريلو راڳي عبدالغني ڀٽي، چندر جي ئي انداز ۾، چندر جا ڪلام ڳائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا