گلُ حسن ڪلمتي
نامياري محقق جي ڪهاڻي
سندس زباني
ڳالهه ٻولهه: جميل
چانڊيو
گل حسن ڪلمتي ۵ جولاءِ ۱۹۵۷ ۾ گڏاپ جي ننڍڙي ڳوٺ حاجي عرضي بلوچ ڳوٺ ۾
جنم ورتو، ان وقت حاجي عرضي بلوچ ڳوٺ گڏاپ ضلعي ٺٽي ۾ هيو، ۱۹۶۳ ۾ ملير جي ۳۷ ديهن کي ايوب خان واري دور ۾ ڪراچي ضلعي ۾ شمار ڪيو ويو، گل حسن ڪلمتي جو
والد محمد خان هڪ پورهيت هو جڏهن ته ان دور ۾ گل حسن جي والد ۱۵ روپيا مزدوري مان ڪمايا جن مان هن پراڻي
سبزي منڊي ڪراچي ۾ هڪ دڪان خريد ڪيو، جتان هو پنهنجي روزي روٽي ذريعي گل حسن سميت ۹ ڀيڻ ڀائرن جو پيٽ گذر ڪندو رهيو، گل حسن جي شادي پنهنجي ڪٽنب مان ٿي جنهن مان
سندس هڪ نياڻي جيڪا ايم اي سوشالوجي جي سند يافتا آهي. گل حسن، پنهنجي شاگردي دور
۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتو. هن ايس ايم آرٽ ڪاليج ڪراچي ۾ ۱۹۷۴ ۾ داخلا ورتي ۽ ڪاليج مان نڪرندڙ ادبي ميگزين
۾ هن سنڌي ادب تي لکيو ۽ هو هن ڪاليج ۾ سنڌي ادبي سرڪل جوڙي. ان وقت هن ڪراچي مان هڪ سنڌي اخبار ۾ لکڻ شروع ڪيو،
گل حسن ڪلمتي ۱۹۷۹ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ جرنلزم ۾ داخلا ورتي جتان ۱۹۸۳ ۾ ماسٽر ڪيائين. ان وقت ڪراچي يونيورسٽي جي
هن شعبي ۾ فقط ٻه سنڌي شاگرد هئا جن ۾ هڪ پاڻ ۽ ٻيو مرحوم جمال ابڙي جو پٽ اظهر ابڙو
جيڪو بدر ابڙي جو ڀاءُ آهي، گل حسن ڪلمتي پنهنجي شاگردي سياسي شروعات نيشنل اسٽوڊنٽ
فيڊريشن (اين ايس ايف) ذريعي شروع ڪئي، جڏهن ته ۱۹۸۳ع ۾ هن بلوچ اسٽوڊنٽ آرگنائزيشن (بي ايس او)
جوائن ڪئي ۽ جتان ان جا اختلاف بي ايس او سان فقط ان ڪري ٿيا ته هو بلوچستان جي ڳالهه
ڪري رهيا هئا ۽ سنڌ جي ڪنهن به قسم جو دفاعي سياست کان پري هئا، جنهن بعد گل حسن،
رسول بخش پليجو جي عوامي تحريڪ ۾ بطور همدرد طور ڪم ڪيو، گل حسن ڪلمتي ۱۹۸۴ ۾ جيئي سنڌ محاذ جنهن جو چيئرمين عبدالواحد
آريسر هو تنهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايائون، جنهن بعد هن تنظيم کي به الوداع ڪيو، ۱۹۹۰ ۾ جڏهن سنڌ ترقي پسند پارٽي جنهن جو اڳواڻ ڊاڪٽر
قادر مگسي آهي، گل حسن جي ڪنهن حد تائين سياسي وابستگي رهي ۽ ان ڪراچي ٻهراڙي ۾ سنڌ
ترقي پسند پارٽي جا هٿ مضبوط ڪيا جنهن ۾ سندس ٻانهن ٻيلي ماما رحيم بلوچ پڻ هو، گل
حسن ڪلمتي ڪجهه سال ايس ٽي پي کي ڏيڻ بعد سياست کي هميشه لاءِ الوداع چيو. گل حسن ڪلمتيءَ
ان وقت ڪراچي مان سنڌ جو آواز بڻجي اڀرندڙ روزاني عوامي آواز جي صفحي موڙي جي ماڳ
۽ ادبي صفحي ۾ لکڻ شروع ڪيو، مورڙي جي ماڳ واري صفحي ۾ مرحوم شاهه محمد قاضي ۽ آئون
ساڻس گڏ ڪم ڪيو. ڪراچي جي ٻهراڙين جي تاريخ جوڙي ۽ ان جي ڄاڻ تاريخي ماڳ مڪانن قبيلن
۽ علائقي جي جاگرافيائي بابت صفحي ۾ وسيع معلومات پنهنجي پڙهندڙن کي عوامي آواز جي
پليٽ فارم تان مهيا ڪئي جيڪا اڳتي هلي سنڌ روينيو کاتي اسانجي گڏ ڪيل معلومات کي پنهنجي
رڪارڊ جو حصو ٺاهيو جيڪو روزاني عوامي آواز لاءِ اڄ به هڪ اعزاز آهي.