; سنڌي شخصيتون

15 April, 2023

پروفيسر خورشيد احمد

پروفيسر خورشيد احمد

ڊاڪٽر محمد علي محمدي



اڄ سوشل ميڊيا ذريعي خبر پئي تہ پاڻ ھن وقت ۹۱ ورھين جو آهي ۽ انگلينڊ ۾ رھي ٿو. ڪيتري عرصي کان طبيعت ناساز ھوندي به باقاعده ترجمان القرآن ۾ لکندو رهي ٿو. برمنگهم جي اسپتال ۾ داخل ھو. ھاڻي پنهنجي گھر ۾ آرام ڪري ٿو. رب پاڪ کيس صحت سان گڏ عمر دراز فرمائي. آمين

سوانح

پروفيسر خورشيد احمد ۲۳ مارچ ۱۹۳۲ع تي دهليءَ ۾ پيدا ٿيو.

وفا حاڪم وساڻ

وفا حاڪم وساڻ

(ڀائرن جهڙو دوست خوبصورت شاعر - جنم ڏينهن مبارڪ)

دريا خان شنباڻي



مان ڪا وڏي ڊاڙ نه ٿو هڻان ته منهنجا هي يار, هو يار يا هيترا يار. . . پنهنجا يار تمام ٿورڙا پر انهن ٿورڙن ۾ سڀئي موتيء داڻا, انهن موتي داڻن ۾ هڪڙو داڻو وفا حاڪم وساڻ به آھي جنهن سان دوستي گهٽ, ڀائري وڌيڪ آھي. اسان جي اها ڀائپي ننڍپڻ کان هلندي اچي جڏھن اسان مڊل اسڪول ۾ پڙھندا هياسين, وفا حاڪم مون کان صرف هڪ سال جونئر. . . . مان ستين درجي ۾ پهتس ته عارب سولنگيء ۾ ڇهين درجي جي داخلا وٺڻ آيو. اسڪول ۾ مون کان وڌيڪ منهنجي ڳوٺائي ڇوڪرن سان گهڻي دوستي هيس. انهن سان اٿي ويٺي ۽ گڏجي کائڻ پيئڻ هيس. هڪ ڏينهن منهنجن انهن ڳوٺاين وفا جي دعوت ڪئي ۽ مان وفا کان اڳ دعوتي اوطاق تي پهتس ته ڏٺم هڪ کٽ تي سهڻي رليء سان گڏ جهولن جهومڪن واري چادر ۽ مٿان کان هڪ خوبصورت وهاڻو رکيو هجي. ميزبان حد کان زياده خوش ته سندن ڪلاس فيلو وفا حاڪم وساڻ پيو اچي ۽ ڀلا اهڙيون چادريون ڇونه وڇائجن. وفا حاڪم جو گول چهرو, سهڻيون اکيون, مرڪ ان کان به وڌيڪ سهڻي ۽ سڀني سونهن کان وڌيڪ سندس ڳالهائڻ ٻولائڻ ۽ ادب اخلاق جي بلندي رکندڙ حاڪم. . . . . تڏھن وفا ٻفا جو لقب القاب ڪونه هيس جو هو لڪ ۾ شاعر ته هيو پر تخلص وغيره ڪونه رکيل هجيس. خير سان وفا حاڪم وساڻ ميزبانن جي اوطاق پهتو ته خوشيء جي ڪا حد نه هئي, ميزبان اصل آسمان ۾ هجن, ۽ جڏھن سينگاريل کٽ تي حاڪم ويٺو ته ڪو وساڻ نه پر ائين ٿي لڳو ڪو سيد زادو ويٺو هجي. گرمي به چئي اڄ نه هجان ته ڪڏھن هجان, سو مانيء کان پهريان خوب ڪچهري ۽ کل مزاڪ ٿي. چانھ. . ماني کانپوءِ مهمان کي پنهنجي گهر ڇڏي خيريت سان واپس وريا.

جمشيد نسروانجي مهتا

جمشيد نسروانجي مهتا

شاندار ڪارڪردگي ۽ ناقابل فراموش عوامي خدمتن جي علامت

وجاھت حسين



اڄ ڪراچي مسئلن جي حوالي سان هڪ اهڙو ڳُتيل شهر بڻجي ويو آهي، جنهن ۾ زندگيءَ سان لاڳاپيل هر شعبو آزار جي ور چڙهندو پيو وڃي. ايئن ٿو لڳي ڄڻ گونگن ۽ گنجريل مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪنهن وٽ ڪو پروگرام ناھي. مسئلا حل ٿيڻ بجاءِ وڌندا پيا وڃن.

شهري علائقا سيمنٽ ۽ ڪچري جا ڍڳَ بڻجي رهيا آهن، ڀرپاسي ۾ ڪچي آبادين ۾ ماڻهو ذلت آميز زندگي گذارڻ تي مجبور آھن.

استاد غلام قادر جروار

استاد غلام قادر جروار

وڇوڙي جو گهاءُ

سليم جروار



انساني زندگي ۾ ڪيتريون ئي انمول شخصيتون، واقعا، حادثا، خوشيون ۽ مختلف يادگار گهڙيون اچي گذري وينديون آهن جن جا نقش نسلن تائين منتقل ٿيندا رهندا آهن، انسان نه چاهيندي به ان وقت کي پنهنجي ذهن مان نٿو ڪڍي سگهي، ائين ئي اسان جي زندگي ۾ هڪ اهڙو ڏينهن آيو جنهن اسان جي پوري ڪٽنب، عزيزن ۽ مٽن مائٽن کي جهنجهوڙي ڇڏيو. اهو ۱۸ جنوري ۱۹۹۰ جو هڪ واقعو اسان جي پوري ڪائنات مان خوشين ۽ ٽهڪن جو وجود مٽائي ماتم ۽ درد کڻي آيو اهو ڏينهن ۳۳ سال گذري وڃڻ بعد به درد جي هڪ لهر کڻي ايندو آهي.

14 April, 2023

عباس انصاري

عباس انصاري

شمس آباد جي ھڪ بابُو گھٽي

حبيب ساجد



چاچا عباس يعني ٽڪيٽن وارو بابُو به ڪالھه انتقال ڪري ويو. ھو ڪلاسڪ ريلوي جي ڪلاسڪ عھد جو اڪيلو اکين ڏٺو شاھد ھو. سائين ادل سومرو جي پاڙي ۾ ھڪ گھر جي ڪنڊ واري ڪمري جي اڪيلي کٽَ تي، سيرانديءَ ويھاڻو ڏيئي ھو اکيون ٻوٽي اسان جي ريلوي جي ان دئور کي ياد ڪندو رھندو ھو، جنھن ۾ سڀ خوش ۽ مسرور ھوندا ھيا، ڇا ملازمَ ۽ ڇا مسافرَ. بنا ڪنھن فرق جي ھُو سڀني کي سيٽن/ برٿن تي ويھارڻ ۾ مگن رھندو ھو. ھن جي وفات کان ٻه ڏينھن اڳ اسان جي يار ڪامريڊ مشتاق جي پنھنجي ان گُرو ديو سان ملاقات ٿي ھئي. اھا ملاقات ڄڻ ھڪ دريءَ جيان ماضيءَ جي ريلوي طرف کلي پئي ھئي. ھُو پراڻيون ڳالھيون ڪندي ڪندي ڪنھن ابھم ٻارَ جيان ٽھڪن ۾ پئجي ويو پئي. ڪامريڊ مشتاق ان ملاقات بعد اسان کي پنھنجيون يادگيريون ٻڌائيندي ٻڌائيندي ڄڻ ڪنھن ڳھرَ ۾ گم ٿي پئي ويو ته ريلوي جا چاچا عباس جھڙا ملازم ھڪ ته بنھه ٿورڙا ھيا ۽ اڄ به ٿورڙا ئي آھن، انھن کي ريل جي ملازم جي مشڪلاتن جو احساس ھوندو ھو، ھو ٻين ٽڪيٽ چيڪرن جيان مسافرن کي يخيون نه ڏيندو ھو ۽ جيڪڏھن ٽرين ۾ ٽڪيٽ چيڪنگ دوران ڪا زائفان زال، ڪو غريب يا معذور مسافر بغير ٽڪيٽ جي ملي به پوندو ھو ته ھُو ان کي نظرانداز ڪري ٻين جون ٽڪيٽون چيڪ ڪرڻ لڳندو ھو. ھن جي لھجي ۾ ڪمال جي دَيا ۽ بلا جي نرمي ھوندي ھئي، ھن ڪڏھن به ڪنھن مسافرَ جي مجبوريءَ جو فائدو نه ورتو. ان ڪري ئي ھن تي مينگو (عام) ٽائيپ آفيسر ڏمريل ھوندا ھيا، جو ھُو ڪنھن کي به ڪو ڀَتو يا ڪميشن ڪونه ڏيندو ھو. ڇو ته ھُو ڪنھن به مسافرَ کان سواءِ ٽڪيٽ جي ٻيو ڪجھه به ڪو نه گھرندو ھو. مون کي چڱيءَ ريت ياد آھي ته مان جڏھن ريلوي نوڪريءَ جي شروعاتي ڏھاڙن ۾ پنو عاقل اسٽيشن تي ٽڪيٽ بابُوءَ جي ڊيوٽي ڪندو ھيم ته اسان جي ريلوي ڊپارٽمينٽ جي ھڪ آفيسر جو پٽيوالو ھر ھفتي اسٽيشن جي ڪمرشل ملازمن کان ڀتو اڳاڙڻ ايندو ھو ۽ چوندو ھو ته اسان جي آفيسر کي پنھنجي زمينن لاءِ ٽريڪٽر خريد ڪرڻو آھي ان ڪري “ٽريڪٽر ٽيڪس” ڏيو ۽ مان ان کي منع ڪئي ھئي ته مان مسافرن کان ڪجھه به ايڪسس (زائد) نه ٿو وٺان ان ڪري ٽيڪس ڏيڻ جي پوزيشن ۾ نه آھيان. ان تي ان سنڌي آفيسر (جيڪو خيرپور جو ڦلپوٽو ھو) مون کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو ھو ۽ مان يڪا سارا ٻه سالَ پنھنجي ڳوٺ ۾ ريزڪي دوڪان ھلائي پنھنجي فئمليءَ جو گذران ڪيو ھو تان جو اھو آفيسر سکر مان بدلي ٿي ويو ۽ مان نوڪريءَ تي ھڪ فرشتي جھڙي آفيسر جي مدد سان بحال ٿيس.

پروفيسر سليم سولنگي

پروفيسر سليم سولنگي

دادُو جو شيڪسپيئر

رفيق کوسو



هن دنيا ۾ ڪي ماڻهو تاريخ بڻجندا آهن ۽ انهن تاريخ بڻجندڙن جي وچ ۾ ڪي اهڙا به انسان هوندا آهن جيڪي پنهنجي اندر ۾ سڀ کان وڏي تاريخ هوندا آهن ۽ پنهنجي اندر جي تاريخ ۾ جيئندا آهن، اُهي مهان هوندا آهن! دنيا جي لوڀن کان پري سچ جي گمنامي ۾ پناھ وٺندا آهن. شايد هو دنيا جي روين کي گهرائيءَ سان ۽ جلد سمجهي ويندا آهن، تنهنڪري دنيا جي جڙتو بدلجندڙ تاريخ کان منهن موڙي اهڙا انسان سقراط چواڻي “پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ جي جستجو ۾ لڳي ويندا آهن” ۽ سدائين اوجهل رهندا آهن ماڻهن ۽ دنيا جي نظرن کان. تاريخ جو حصو اهڙا ماڻهو به هوندا آهن، جيڪي صرف انهن ماڻهن کي نظر ايندا آهن، جيڪي اُنهن کي سمجھي سگهندا آهن ۽ اهڙن ماڻهن ۾ دادو جي “استاد بخاري ڪاليج” جي انگريزي ادب سان تعلق رکندڙ پروفيسر سليم سولنگي صاحب به هو، جنهن کي دادو جا ماڻهو دادو جو شيڪسپيئر به سڏيندا هئا ته ڪي وري کيس دادو جو “آڪسفورڊ يونيورسٽي” به سڏيندا هئا.

13 April, 2023

مولابخش مشوري

مولابخش مشوري

ورسيءَ جي مناسبت سان - جمهوري جدوجهد جو اورچ پانڌيئڙو

جان محمد پلي



گذريل ۵۰ سالن جي سنڌ جي تاريخ ۾ سياسي ۽ سماجي جدوجهد ڪندڙ عظيم ارڏو ڪردار ڀائو مولا بخش مشوري ۲۵ جون ۱۹۴۵ع تي گلن جي ديس ڳوٺ هٽڙي ۾ جنم ورتو. پاڻ پرائمري اسڪول کان مڊل اسڪول تائين تعليم هٽڙي ۾ پرائي، مئٽرڪ جي تعليم حاجي ماڻڪ ڀٽي اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي. ۱۹۷۰ع ۾ مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ داخل ورتي ۽ اتان ئي پنهنجي سياسي جدوجهد جي شروعات ڪئي. ۱۹۷۱ع ۾ ڀائو مولا بخش مشوري مسلم ڪاليج جي اسٽوڊنٽس يونين جي اليڪشن ۾ جوائنٽ سيڪريٽري جي اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ان کانپوءِ لڳاتار ۵ سالن تائين ڀائو مولا بخش مشوريءَ جي اڳواڻي ۾ مسلم ڪاليج جي اسٽوڊنٽس يونين ۾ “مشوري گروپ” اليڪشنون کٽيندو رهيو، ان دوران ووٽر لسٽون سنڌي ٻولي ۾ ڇپرائڻ لاءِ هلايل تحريڪ ۾ هن ڀرپور حصو ورتو. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي پيپلز پارٽي ۾ شاگردن لاءِ الڳ ونگ سپاف جو بنياد پيو، جنهن ۾ ڀائو مولا بخش مشوري سپاف ضلعي حيدرآباد جو پهريون سيڪريٽري ٿيو. ۴ مارچ ۱۹۷۲ع تي پيپلز پارٽي طرفان سنڌي شاگردن جي جدوجهد جو ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ جلسو ڪيو ويو هو، ان جلسي ۾ ڀائو مولا بخش تقرير ڪئي جنهن ۾ ان وقت جي چيف منسٽر جي غلط حڪومتي پاليسين تي هن شديد تنقيد ڪئي. ان کانپوءِ حڪومتي پارٽي کان الڳ ٿي ڀائو مولا بخش مشوري ۽ اسان ٻين دوستن گڏجي آزاد سپاف جو بنياد وڌو ۽ تنظيم کي سڄي سنڌ ۾ آرگنائيز ڪيو. ۱۹۷۴ع ۾ ڀائو مولا بخش مشوري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي چيئرمين شپ هيٺ پيپلز پارٽي تعلقه حيدرآباد جو صدر مقرر ٿيو. صدر مقرر ٿيڻ کان پهرين پوري تعلقي حيدرآباد ۾ پيپلز پارٽي جون صرف ۳ برانچون ڪم ڪنديون هيون پر ڀائو مولا بخش مشوريءَ جي مقرر ٿيڻ کانپوءِ تعلقي حيدرآباد جي ۱۵۰ کان مٿي ڳوٺن ۾ پيپلز پارٽي جون برانچون کولرايون ۽ ڀائو مولا بخش مشوري جي پٺاڻ ڪالوني حيدرآباد واري جاءِ تي تعلقي حيدرآباد جي تنظيم جي آفيس کولي وئي. ۱۹۷۶ع ۾ پ پ پ ضلعي حيدرآباد انرولمينٽ ڪميٽي جو ميمبر مقرر ٿيو. ۱۹۷۷ع جي عام اليڪشن ۾ پارٽي ٽڪيٽ لاءِ 46PS- حيدرآباد جي صوبائي حلقي لاءِ اپلاءِ ڪيو پر اها ٽڪيٽ مخدوم خليق الزمان کي ملي ۽ قومي اسيمبلي جي ٽڪيٽ اميد علي شاهه رضوي کي ملي، انهن ٻنهي جي ڀائو مولا بخش مشوريءَ ورڪ ڪئي.

عباس قصر

عباس قصر

سينيئر صحافي جو وڇوڙو

راشد لغاري



حيدرآباد جي سينيئر صحافي عباس قصر جي لاڏاڻي سان سنڌ جي صحافت جي ۸۰ سالن جي تاريخ جو هڪ باب ئي بند ٿي ويو آهي. عباس قصر انهن صحافين مان هو، جيڪو صحافت جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي اڄوڪي مرندڙ، ڪامورن ۽ بااثر ماڻهن آڏو جهڪندڙ صحافت لا پريشان به رهندو هو. هو چاهيندو هو ته سنڌي صحافي وڌ کان وڌ انگريزي صحافت ۾ اچن. ان ڪري هو حيدرآباد پريس ڪلب تي سنڌي اخبارن سان سلهاڙيل صحافين کي انگريزي پڻ سيکاريندو هو. جنهن ۾ يوسف ميربحر، پون ڪمار ۽ ٻين رواني سان انگريزي صحافت سکڻ لا عباس قصر وٽ ڪلاس وٺڻ به شروع ڪيا هئا. هو پريس ڪلب جي اڪثر ڪارڊ روم ۾ ويهندو هو. جنهن کي هو سندس عمر جي صحافين جو ٿاڪ به سڏيندو هو. ۸۰ سالن جي ڄمار ۾ هوندي به هو حيدرآباد ۾ ٿيندڙ سياسي، سماجي سرگرمين توڙي خانه بدوش ڪيفي ۾ ٿيندڙ پروگرامن جي رپورٽنگ لا پهچندو هو، ليپ ٽاپ تي ويهي خبرون ويٺو ٺاهيندو هو. هن آخري عمر ۾ سنڌيءَ ۾ پنهنجي آتم ڪٿا به لکي پئي. هن ڪجهه عرصي تائين حيدرآباد جي گول بلڊنگ ۾ به ويهڻ لا آشرم ٺاهيو هو. هن پنهنجي زندگيءَ جي جواني بدين ۾ گذاري پو صحافت جو سوچي ڪراچي وڃي نڪتو هو، جتي هو ڊان اخبار جو سب ايڊيٽر مقرر ٿيو. ان کان اڳ هو سنڌ هاري ڪميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڪامريڊن سان پڻ شامل هوندو هو.

12 April, 2023

دلشاد خاصخيلي

دلشاد خاصخيلي

مڻيادار ماڻھو

قائم خان خاصخيلي



چوڻي آھي ته “ماڻھو جهڙو مور” مور سان اڪثر ماڻھن جي تشبيھ يا مشابهت ڪئي وڃي ٿي، مور پکي آھي، جنهن جي خوبصورتي عام پکين کان سرسي يا وڌيڪ آھي، مور پکي عام پکين جي نسبت حساس ۽ نرم مزاج هوندو آھي، هن جي سونهن توڙي آواز ۾ ڪشش ۽ راحت سمايل هوندي آھي.

عبدالرحيم عبد ڪنڀر

عبدالرحيم عبد ڪنڀر

چمبڙ شهر جي زرخير زمين مان جنم وٺندڙ شاعر

اظھر امر/ ٽنڊو الهيار



شام جو سج لڙي چڪو رات جا تارا ظاهر ٿيڻ لڳا، اکيون ڪنهنجي آس ۾ تڙپي پيون. پر ڪو محبوب جيڪو الائي ڪهڙي پار هليو ويو. جنهن جي من ۾ آس جيڪا اڃان ڪجهه لکڻ لاءِ آنڌ مانڌ ڪندي رهي ٿي.....

11 April, 2023

ضياءُ محي الدين

ضياءُ محي الدين

آواز ۽ لهجي جو جادوگر ضيا محي الدين لاڏاڻو ڪري ويو



ڪراچي (رپورٽر) پنهنجي آواز ۽ لهجي لاءِ مشهور پاڪستان جو ٽي وي اينڪر، هدايتڪار، صداڪار ۽ ليکڪ ضيا محي الدين  ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ڪراچي ڊفينس ۸ جي قبرستا ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ضيا محي الدين جي عمر ۹۲ سال هئي، هو ڪجهه عرصي کان بيمار هو. انگريزي ۽ اردو ٻولين ۾ لفظن جي درست ادائگي هجي يا تاريخ جو حوالو، هر موضوع تي ضيا محي الدين جي گرفت مضبوط هئي. جن ماڻهن ضيا محي الدين کي ٻڌو، پڙهيو يا ڏٺو، اهي سندس شيخيت جي جادو ۾ گرفتار ٿيڻ کانسواءِ نه رهي سگهيا هئا. ضيا محي الدين ۲۰ جون ۱۹۳۱ تي پاڪستان جي شهر فيصل آباد ۾ پيدا ٿيو. ۵۰ جي ڏهاڪي ۾ لنڊن جي رائل اڪيڊمي آف ڊراماٽڪ آرٽ مان اداڪاري باقاعده تربيت حاصل ڪئي. ۱۹۶۰ ۾ جڏهن اي ايم فوسٽر جي مشهور ناول اي پيسج ٽو انڊيا کي اسٽيج تي پيش ڪيو ويو ته ضيا محي الدين ان ۾ ڊاڪٽر عزيز جو ڪردار ادا ڪري ڏسندڙن جو ڌيان حاصل ڪيو. ۱۹۶۲ ۾ کيس فلم لارنس آف عربيا ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ته هن ان فلم ۾ پڻ هڪ يادگار ڪردار ادا ڪيو. بعد ۾ هن ٿيٽر جي ڪيترن ئي ڊرامن ۽ هالي ووڊ جي ڪيترن ئي فلمن ۾ ڪردار ادا ڪيا. ۱۹۷۰ ۾ ضيا محي الدين پاڪستان آيو جتي هن پاڪستان ٽيلي ويزن لاءِ ضيا محي الدين شو جي نالي سان هڪ اسٽيج پروگرام جي ميزباني ڪئي. ان اسٽيج پروگرام مقبوليت جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا. ۱۹۸۰ ۾ هو برطانيا منتقل ٿي ويو جتي هن پنهنجو فني ڪم جاري رکيو ۲۰۰۴ ۾ کيس ڪراچي نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو جتي هن مرڻ گهڙي تائين خدمتون ادا ڪيون، هو اهو عهدو پنهنجي مرضي سان ڇڏي پنهنجون خدمتون رضاڪاراڻي طور ڏئي رهيو هو.

رزاق سهتو

رزاق سهتو

ساڌ ٻيلي جهڙو

اسحاق انصاري



هر انسان هڪ مڪمل ڪهاڻي آهي، ناول آهي, داستان آهي. هُن جي ٻالڪپڻ جي ڇِمڪڻي کان وٺي، پوڙهائپ جي لٺ تائين؛ هڪ داستان آهي جنهن ۾ معصم ٻار جي کِل آهي ته وري جوانيءَ جي پگهر جي خوشبوءِ به آهي. ۽ پڪي اوستا جون پريشانيون، هڪ يونٽ (گهر) جي سربراهه ٿيڻ جون مطمئن ۽ غير مطمئن ڪيفيتون به آهن؛ ته وري پوڙهپ جي نستلجيا به آهي. ۽ هيڻي هجڻ جو هڪ باب آهي. تڏهن ته چوان ٿو؛ ته انسان هڪ داستان آهي، ڪهاڻي آهي مرثيوآهي. ۽ غزل آهي. پر اهوئي داستان، هڪ ڪهاڻي جڏهن پاڻ ڪهاڻي سرجڻ شروع ڪري ته هڪ معجزو ٿئي ٿو. تخليق هڪ فطري عمل سهي پر هرهڪ جي وس جي ڳاهه به ناهي.

سائين بخش رند

سائين بخش رند

ڪھاڻيڪار  - وڇڙي ويس ته ورسي آھي!

جھانگير عباسي



سنڌي ڪھاڻي کيتر ۾ سن نوي واري ڏھاڪي کان اسري آيل اڻ ڳڻين نالن واري قطار منجھ سائين بخش رند جو نالو اھم ڪھاڻيڪارن ۾ ڳڻجي ٿو جنھن جو تعلق ڪاڇي واري پٺتي پيل ساھ کي لوساٽيندڙ لڪن واري علائقي سان رھيو۔۔ ھن پھرين آڪٽوبر ۱۹۶۲ تي کيرٿر پھاڙن جي ڇانو ھيٺ اڏيل ڳوٺ ابراھيم رند ۾ ھڪ غريب پورھيت ھاري گھراڻي ۾ اک کولي جنھن کي پيءُ بکون ۽ ڪشالا ڪڍي وڏي چاھ واري ان آس اميدن سان لکايو پڙھايو ته ھڪ نه ھڪ ڏينھن سندن موبي پٽ انھن جا سڀني دک دردن جو درمان بڻجي سندن جيون جا رھيل ڏينھن سکن سان سرشار ڪندو ائين سائين بخش محنت سان اڳتي وڌندي ڏکيائين کي منھن ڏيندي تعليم پرائي عملي زندگي جي شروعات پرائمري استادي سان ڪئي پو۽ اڳتي وڌندي جونئير اسڪول کان سينئير ۽ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر بڻيو بعد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏئي سنڌي مضمون ۾ ليڪچرار کان نئين شروعات ڪندي اسسٽنٽ پروفيسر تائين پھتو.