عباس قصر
سينيئر صحافي جو وڇوڙو
راشد لغاري
حيدرآباد جي سينيئر صحافي عباس
قصر جي لاڏاڻي سان سنڌ جي صحافت جي ۸۰ سالن جي تاريخ جو هڪ باب ئي بند ٿي ويو آهي.
عباس قصر انهن صحافين مان هو، جيڪو صحافت جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي اڄوڪي مرندڙ، ڪامورن
۽ بااثر ماڻهن آڏو جهڪندڙ صحافت لا پريشان به
رهندو هو. هو چاهيندو هو ته سنڌي صحافي وڌ کان وڌ انگريزي صحافت ۾ اچن. ان ڪري هو
حيدرآباد پريس ڪلب تي سنڌي اخبارن سان سلهاڙيل صحافين کي انگريزي پڻ سيکاريندو هو.
جنهن ۾ يوسف ميربحر، پون ڪمار ۽ ٻين رواني سان انگريزي صحافت سکڻ لا عباس قصر وٽ ڪلاس وٺڻ به شروع ڪيا
هئا. هو پريس ڪلب جي اڪثر ڪارڊ روم ۾ ويهندو هو. جنهن کي هو سندس عمر جي صحافين جو
ٿاڪ به سڏيندو هو. ۸۰ سالن جي ڄمار ۾ هوندي به هو حيدرآباد ۾ ٿيندڙ سياسي، سماجي
سرگرمين توڙي خانه بدوش ڪيفي ۾ ٿيندڙ پروگرامن جي رپورٽنگ لا پهچندو هو، ليپ ٽاپ تي ويهي خبرون ويٺو ٺاهيندو هو. هن آخري عمر ۾
سنڌيءَ ۾ پنهنجي آتم ڪٿا به لکي پئي. هن ڪجهه عرصي تائين حيدرآباد جي گول بلڊنگ ۾
به ويهڻ لا آشرم ٺاهيو هو. هن پنهنجي
زندگيءَ جي جواني بدين ۾ گذاري پو صحافت جو
سوچي ڪراچي وڃي نڪتو هو، جتي هو ڊان اخبار جو سب ايڊيٽر مقرر ٿيو. ان کان اڳ هو سنڌ
هاري ڪميٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڪامريڊن سان پڻ شامل هوندو هو.
