عباس انصاري
شمس آباد جي ھڪ بابُو گھٽي
حبيب ساجد
چاچا عباس يعني ٽڪيٽن وارو
بابُو به ڪالھه انتقال ڪري ويو. ھو ڪلاسڪ ريلوي جي ڪلاسڪ عھد جو اڪيلو اکين ڏٺو شاھد
ھو. سائين ادل سومرو جي پاڙي ۾ ھڪ گھر جي ڪنڊ واري ڪمري جي اڪيلي کٽَ تي، سيرانديءَ
ويھاڻو ڏيئي ھو اکيون ٻوٽي اسان جي ريلوي جي ان دئور کي ياد ڪندو رھندو ھو، جنھن ۾
سڀ خوش ۽ مسرور ھوندا ھيا، ڇا ملازمَ ۽ ڇا مسافرَ. بنا ڪنھن فرق جي ھُو سڀني کي سيٽن/
برٿن تي ويھارڻ ۾ مگن رھندو ھو. ھن جي وفات کان ٻه ڏينھن اڳ اسان جي يار ڪامريڊ
مشتاق جي پنھنجي ان گُرو ديو سان ملاقات ٿي ھئي. اھا ملاقات ڄڻ ھڪ دريءَ جيان
ماضيءَ جي ريلوي طرف کلي پئي ھئي. ھُو پراڻيون ڳالھيون ڪندي ڪندي ڪنھن ابھم ٻارَ جيان
ٽھڪن ۾ پئجي ويو پئي. ڪامريڊ مشتاق ان ملاقات بعد اسان کي پنھنجيون يادگيريون ٻڌائيندي
ٻڌائيندي ڄڻ ڪنھن ڳھرَ ۾ گم ٿي پئي ويو ته ريلوي جا چاچا عباس جھڙا ملازم ھڪ ته
بنھه ٿورڙا ھيا ۽ اڄ به ٿورڙا ئي آھن، انھن کي ريل جي ملازم جي مشڪلاتن جو احساس
ھوندو ھو، ھو ٻين ٽڪيٽ چيڪرن جيان مسافرن کي يخيون نه ڏيندو ھو ۽ جيڪڏھن ٽرين ۾ ٽڪيٽ
چيڪنگ دوران ڪا زائفان زال، ڪو غريب يا معذور مسافر بغير ٽڪيٽ جي ملي به پوندو ھو ته ھُو ان کي نظرانداز ڪري
ٻين جون ٽڪيٽون چيڪ ڪرڻ لڳندو ھو. ھن جي لھجي ۾ ڪمال جي دَيا ۽ بلا جي نرمي ھوندي
ھئي، ھن ڪڏھن به ڪنھن مسافرَ جي مجبوريءَ جو فائدو نه ورتو. ان ڪري ئي ھن تي مينگو
(عام) ٽائيپ آفيسر ڏمريل ھوندا ھيا، جو ھُو ڪنھن کي به ڪو ڀَتو يا ڪميشن ڪونه ڏيندو
ھو. ڇو ته ھُو ڪنھن به مسافرَ کان سواءِ ٽڪيٽ جي ٻيو ڪجھه به ڪو نه گھرندو ھو. مون
کي چڱيءَ ريت ياد آھي ته مان جڏھن ريلوي نوڪريءَ جي شروعاتي ڏھاڙن ۾ پنو عاقل اسٽيشن
تي ٽڪيٽ بابُوءَ جي ڊيوٽي ڪندو ھيم ته اسان جي ريلوي ڊپارٽمينٽ جي ھڪ آفيسر جو پٽيوالو
ھر ھفتي اسٽيشن جي ڪمرشل ملازمن کان ڀتو اڳاڙڻ ايندو ھو ۽ چوندو ھو ته اسان جي
آفيسر کي پنھنجي زمينن لاءِ ٽريڪٽر خريد ڪرڻو آھي ان ڪري “ٽريڪٽر ٽيڪس” ڏيو ۽ مان ان
کي منع ڪئي ھئي ته مان مسافرن کان ڪجھه به ايڪسس (زائد) نه ٿو وٺان ان ڪري ٽيڪس ڏيڻ
جي پوزيشن ۾ نه آھيان. ان تي ان سنڌي آفيسر (جيڪو خيرپور جو ڦلپوٽو ھو) مون کي نوڪريءَ
مان ڪڍي ڇڏيو ھو ۽ مان يڪا سارا ٻه سالَ پنھنجي ڳوٺ ۾ ريزڪي دوڪان ھلائي پنھنجي
فئمليءَ جو گذران ڪيو ھو تان جو اھو آفيسر سکر مان بدلي ٿي ويو ۽ مان نوڪريءَ تي ھڪ
فرشتي جھڙي آفيسر جي مدد سان بحال ٿيس.
